سنڌ ڌرتيءَ تي ڪي اهڙا ڪردار جنم وٺن ٿا جيڪي صرف پنهنجي دور تائين محدود ناهن رهندا، پر سندن سوچ، سندن فڪر ۽ سندن جدوجهد صدين تائين ماڻهن جي دلين ۾ زنده رهندي آهي. سائين جي. ايم سيد به اهڙي ئي هڪ عظيم شخصيت هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگي سنڌ جي سڃاڻپ حقن ۽ آزاديءَ جي فڪر لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سائين جي ايم سيد جو جنم 17 جنوري 1904ع تي اُن وقت جي ضلعي دادو موجوده ضلعي ڄامشورو جي تاريخي ڳوٺ سن ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو سيد محمد شاهه هو. سندس جنم هڪ مذهبي ۽ بااثر زميندار گهراڻي ۾ ٿيڻ باوجود سائين ننڍپڻ کان ئي فڪري آزادي ۽ سماجي سجاڳي طرف مائل هو. سائين جي تعليم روايتي ۽ جديد ٻنهي رنگن سان ڀريل هئي جنهن سندس سوچ کي گهرو بڻايو. سائين جي. ايم سيد جي سياسي سفر جي شروعات نوجوانيءَ ۾ ئي ٿي وئي. شروعاتي ڏينهن ۾ سائين آل انڊيا مسلم ليگ سان لاڳاپيل رهيو ۽ 1943ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان جي ٺهراءُ کي پاس ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پر وقت سان گڏ سائين پنهنجي سياسي فڪر ۾ تبديلي آندي. سائين محسوس ڪيو ته سنڌ جي سڃاڻپ ۽ حقن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري سائين پنهنجي ڌيان کي سنڌ جي خود مختياري ۽ پوءِ آزاديءَ ڏانهن موڙيو.
سائين جي. ايم سيد ئي اهو اڳواڻ هو جنهن پهريون ڀيرو کلي عام “سنڌ جي آزادي” جو نعرو هنيو. سائين چيو ته سنڌ هڪ الڳ قوم آهي جنهن جي پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ تاريخ آهي. تنهنڪري ان کي پنهنجو سياسي حق ملڻ گهرجي. هن فڪر کي منظم شڪل ڏيڻ لاءِ سائين 31 مارچ 1973 تي سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي سنڌ جي آزاديءَ جو نعرو هنيو ۽ بعد ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جو بنياد وڌو جيڪو پوءِ سنڌ جي قومپرست سياست جو مرڪز بڻجي ويو. سائين جي. ايم سيد جو سياسي سفر آسان نه هو. هن پنهنجي نظريي جي ڪري ڪيترائي ڏک سٺا اندازي مطابق سائين پنهنجي زندگيءَ جا حسين ڏينھن عيش و آرام کي ٿڏي سنڌ ۽ سنڌين جي عشق ۾ لڳ ڀڳ 30 کان 33 سال جيلن ۽ نظربنديءَ ۾ گذاريا. اهو وقت ڪنهن به انسان لاءِ وڏو امتحان هوندو آهي، پر سائين ان وقت کي به پنهنجي فڪر کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سختين کي سر تي سھي پنهنجي فڪر کي زنده رکيو. ادبي لحاظ کان به سائين جي. ايم سيد هڪ وڏو نالو آهي. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا جيڪي اڄ به سنڌي فڪر جو سرمايو آهن. سندس مشهور ڪتابن ۾ “جنب گذاريم جن سين، سنڌ ڳالهائي ٿي، سنڌو جي ساڃاهه، سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ، سنڌ جا سورما، درياء دل، داستان محبت، پيغام لطيف، جيئن ڏٺو آ مون ۽ نئين سنڌ لاءِ جدوجهد” شامل آهن. سندس ڪتابن جو تعداد 56 کان وڌيڪ ٻڌايو وڃي ٿو، جيڪي تاريخ، سياست، مذهب ۽ سماج جي مختلف پهلوئن تي روشني وجهن ٿا.
سائين جي. ايم سيد جي ذاتي زندگي به سادي، پر اصولي هئي. کيس اولاد ۾ پٽ ۽ نياڻيون آهن، جن مان سيد امداد محمد شاهه، سائين امير حيدر شاهه، ڊاڪٽر جيجي درشوار سميت ٻيا به سندس فڪر جا وارث رهيا. سندس سياسي ويجهن ساٿين ۾ ڪيترائي نالا اچي وڃن ٿا جن سنڌ جي قومپرست تحريڪ کي اڳتي وڌايو جن ۾ شاگرد، اديب ۽ سياسي ڪارڪن وڏي تعداد ۾ شامل آھن. سائين جي. ايم سيد جو لاڏاڻو 25 اپريل 1995ع تي ٿيو، پر سندس فڪر اڄ به زنده آهي. سندس مزار به سندس اباڻي ڳوٺ سن ۾ موجود آهي، جتي هر سال هزارين ماڻهو اچي کيس ڀيٽا پيش ڪندا آهن، جتي سائين جي فڪر جي پرچار ٿيندي رهندي آهي. سائين جي. ايم سيد صرف هڪ سياستدان نه هو، پر هڪ مفڪر، اديب ۽ قوم جو رهبر هو. هن سنڌ کي پنهنجي سڃاڻپ ڏيارڻ لاءِ جيڪو ڪم ڪيو اهو تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو. سندس فڪر ماڻهن کي سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ پنهنجن حقن لاءِ بيهڻ جو حوصلو ڏئي ٿو. اڄ جڏهن اسان سندس ورسي ملهائي رهيا آهيون، تڏهن اها صرف رسم نه هجڻ گهرجي، پر هڪ عزم هجڻ گهرجي ته اسان سندس فڪر کي سمجهون ان تي عمل ڪريون ۽ سنڌ جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪريون. سائين جي. ايم سيد چيو هو ته “قومون تڏهن زنده رهنديون آهن، جڏهن هو پنهنجي سڃاڻپ کي وسارينديون ناهن.” اڄ به اهو ئي پيغام اسان کي راهه ڏيکاري رهيو آهي. آخر ۾ سائين جي. ايم سيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي اهو چئي سگهجي ٿو ته: سنڌ جي تاريخ ۾ تنهنجو نالو روشنيءَ جيان رهندو، تنهنجي سوچ، تنهنجي جدوجهد ۽ تنهنجو خواب هر دور ۾ نون نسلن کي سجاڳ ڪندو رهندو. جيئي سنڌ جيئي سائين جي. ايم سيد.