بابل جي عظمت جو اهو عالم هو، جو ان جا اوچا منارا، وسيع دروازا ۽ شاندار محلات قديم زماني جي شان بڻيل هئا، پر انهن سڀني دلڪش نظارن مان بابل جا معلق باغات فن تعمير جا بيمثال ڪارناما هئا، جن کي ڏسي قديم يوناني به حيرت ۾ پئجي ويا ۽ دنيا جو ستون عجوبو قرار ڏنائون. بابل جا معلق باغات آسمان سان همڪلام، سرسبز ڇانورن جا اهڙا معجزا، جيڪي زمين کان مٿي ڄڻ جنت جا ٽڪرا بڻجي لڙڪي رهيا هئا جتي ڏاڪڻين تي سرسبز ولون گلن جي خوشبو بهار جي موسم بڻجي پکڙجي ويندي هئي ۽ وهندڙ ھٿرادو نديون جيڪي درياءِ فرات جي وھڪري مان نار ذريعي اوچن منارن تائين پهچايون ويون هيون، انهن باغن جي ڇانوَ ۾ بيٺل بابل ڄڻ رڳو هڪ شهر نه، پر خواب نگر هو. واپار، دولت، فنِ تعمير ۽ ثقافتي رونقن جو اهڙو مرڪز جنهن کي پنهنجي دور ۾ وچ اوڀر جو پهريون دبئي سڏڻ بيجا نه ٿيندو، جتي دنيا جا قافلا اچي ملندا هئا ۽ تهذيب پنهنجي بلندين کي ڇهندي هئي.
بابل پنهنجي وقت جي اها عظيم عاليشان سلطنت هئي جتي علم، آرٽ ۽ معمارگيءَ جا نوان معيار مقرر ڪيا ويا هئا اتي جا معلق باغ هجن يا ايشتار گيٽ جي نيري رنگ جي ڪاشي ٽائل، هر شيءِ انساني عروج جي گواهي ڏئي رھي ھئي، پر جڏهن تهذيبون اخلاقيات جي لڱن تان لهي، رڳو طاقت جي نشي ۾ مست ٿي وينديون آهن، تڏهن قدرت جو فيصلو صادر ٿيندو آهي. 539 قبل مسيح ۾ بابل جو به اهوئي حال ٿيو، بابل بادشاهه نبوڪدنصر طاقت جي نشي ۾ مست سياسي سماجي طور رعايا کان ڪٽجي چڪو هو ۽ رياست اندروني طور کوکلي ٿي چڪي هئي، تاريخ رڳو گذريل واقعن جو داستان ناهي، پر اهو هڪ اهڙو آئينو آهي جنهن ۾ سجاڳ قومون پنهنجو مستقبل ڏسنديون آهن. جڳ مشهور آرٽسٽ جان مارٽن ھڪ شاهڪار تخليق بابل جو زوال جي نالي جڙيل پينٽگ کي جڏهن اسان غور سان ڏسون ٿا، ته اتي رڳو رنگن ۽ لڪيرن جو ميلاپ ناهي، پر هڪ عظيم الشان سلطنت کي ماتم جي منظرڪشي نظر اچي ٿي. ھن تاريخي ورثي واري تصوير جنهن ۾ آسمان تي گجندڙ ڪارا ڪڪر بجليءَ جا ڪڙڪاٽ ۽ ڊهندڙ عمارتون ڏيکاريل آهن، اهي ھڪ سلطنت جي غرور جي شڪست آهي، جيڪا پاڻ کي ناقابل شڪست سمجهندي هئي.
539 قبل مسيح ۾ سلطنت فارس قديم “ايراني” سلطنت جي باني سائرس فارس جي اجگر جيڏي فوجين جا ڪٽڪ وٺي بابل تي ڪاھه ڪئي. سائرس جڏهن بابل جي ناقابلِ تسخير ديوارن اڳيان پهتو ته هن رڳو تلوار جي زور تي نه، پر گھري حڪمت عملي سان ڪم ورتو. بابل جي شهر کي درياءِ فرات قدرتي تحفظ فراهم ڪندو هو. شهر جي وچ مان گذري ٿو. سائرس پنهنجي انجنيئرن ذريعي درياءِ فرات جي وهڪري جو رخ موڙي ڇڏيو. نتيجي ۾ درياءَ جي پيٽ ۾ پاڻي جي سطح گهٽجي وئي ۽ ايراني فوج بغير ڪنهن وڏي مزاحمت جي درياءَ واري رستي کان شهر جي اندر داخل ٿي وئي. هي هڪ اهڙو عظيم فوجي ڪارنامو هو جنهن بابل جو غرور مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. اتي تاريخ هڪ نئون موڙ اختيار ڪيو، عام طور تي فاتح شهرن کي ڊاھيندا ساڙيندا انسانن کي غلام بڻائي قتل ظلم جبر نئين تاريخ رقم ڪندا آهن، پر سائرس هڪ نئين روايت جو بنياد وڌو، هن شهر ۾ داخل ٿيڻ وقت اعلان ڪيو ته ڪنهن به معصوم جو رت نه وهايو ويندو ۽ نه ئي ڪنهن مندر جي بيحرمتي ڪئي ويندي. ان حڪمت عملي بابل جي رهواسين کي اهو احساس ڏياريو ته هو هڪ غاصب نه، پر هڪ نجات ڏيندڙ آهي. هن تاريخي فتح کانپوءِ جيڪو حڪم نامو جاري ڪيو، جنهن کي اڄ اسان سائرس سلينڊر نالي سڃاڻون ٿا. اهو انساني تاريخ ۾ مذهبي آزادي ۽ بُنيادي انساني حقن جو پهريون لکت ۾ موجود منشور آهي. سائرس جي عظيم ڪارنامن مان هڪ آهي ته يهودين کي بابل جي چاليھه سالن جي نبوڪدنصر جي قيد کان نجات ڏياري سائرس نه رڳو کين پنهنجي وطن موٽڻ جي اجازت ڏني، پر کين يهودين جي عبادتگاهه ھيڪلِ سليماني جي ٻيهر تعميرات لاءِ مالي وسيلا ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪئي. بابل جي تباهي جتي هڪ جابر حڪمرانيءَ جو خاتمو هئي، اتي سائرس جو عروج هڪ اهڙي دور جو آغاز هو جتي طاقت کي انصاف جي تابع ڪيو ويو.
مشهور تاريخدان آرنلڊ ٽوئن بي چوي ٿو ته تهذيبون ٻاهرين حملن سان ايترو ناهن مرنديون، جيترو اهي پنهنجي اندروني نظام جي ناڪاميءَ سبب “آپگهات” ڪنديون آهن، بابل جو زوال اڄ جي دور لاءِ به هڪ وڏو سبق آهي. اها رياست، اهو ادارو يا اهو معاشرو ڪڏهن به قائم نٿو رهي سگهي، جيڪو انساني حقن جي لتاڙ ڪري ۽ جتي انصاف رڳو طاقتور لاءِ هجي. بابل جي ڪهاڻي اسان کي ٻڌائي ٿي ته رڳو عمارتن ۽ مندرن جي اوچائي نه، پر انسان جي آزادي ۽ وقار ئي اصل تهذيب آهي. جڏهن به ڪو حڪمران سائرس جيان رواداري ۽ انصاف جو رستو اختيار ڪندو، تاريخ کيس هميشه زنده رکندي ۽ جڏهن ڪو بابل جي آخري بادشاهن وانگر غفلت جي ننڊ سمهندو ته وقت جو طوفان کيس ميساري ڇڏيندو. بابل جو عروج ۽ زوال رڳو هڪ شهر جي برباديءَ جو داستان ناهي، پر اهو انساني تهذيب جي ان ابدي سچائيءَ جو منظر آهي، جنهن ۾ تاريخ پنهنجو فيصلو لکندي آهي. بابل جون ديوارون، معلق باغات ۽ نيري ڪاشيءَ جا عظيم ايشتار دروازا پنهنجي وقت ۾ ناقابلِ تسخير هئا، پر جڏهن انصاف جو دامن ٽٽو سياست انا جي ور چڙهي وئي ته فرات جو رخ موڙيندڙ سائرس جي صورت ۾ وقت جو طوفان شهر جي اندر داخل ٿي ويو. سائرس اعظم يهودين کي نبوڪدنصر جي چاليھه ڏهاڪن واري غلاميءَ مان آزادي ڏياري. هيڪلِ سليماني جي اڏاوت لاءِ مالي مدد فراهم ڪرڻ وارو عمل، تاريخ ۾ رواداريءَ جو هڪ اهڙو ٻرندڙ ڏيئو آهي، جيڪو اڄ جي اونداهيءَ ۾ به واٽ ڏيکاري ٿو. جيڪڏهن اڄ تاريخي پسمنظر ۾ ڏسجي ته اها هڪ وڏي تضاد واري صورتحال نظر اچي ٿي. اڄ جو ايران ۽ اسرائيل، جيڪي هڪٻئي جا سخت مخالف آهن، ڪنهن زماني ۾ سائرس اعظم جي ڏاھپ واري حڪمت عملي سبب هڪٻئي سان گهرا لاڳاپا رکندا هئا. سائرس اهو ايراني بادشاهه هو جنهن کي يهودي پنهنجي مذهبي ڪتابن ۾ خدا جو مقرر ڪيل مددگار ڪوٺين ٿا. اڄ جي جنگي صورتحال ۽ تاريخي رواداريءَ جي وچ ۾ هڪ گهري کاهي آهي، جيڪا اسان کي ٻڌائي ٿي ته جڏهن مفاد ۽ سياسي طاقت انصاف تي غالب اچي وڃي ته قديم دوستيون به دشمنين ۾بدلجي وينديون آهن. بابل جي زوال واري ڪهاڻي اسان کي سبق ڏئي ٿي ته رياست جي بقا رڳو عمارتن جي بلنديءَ ۾ناهي، پر انسان جي وقار ۽ انصاف جي آزاديءَ ۾ آهي. جتي انصاف رڳو طاقتور جي مرضي بڻجي وڃي، اتي بخت نصر جهڙو عروج به عبرت جو نشان بڻجي ويندو آهي. بابل جو زوال اڄ جي دور جي حڪمرانن لاءِ هڪ واضع پيغام آهي جيڪو تاريخ مان سبق نٿو پرائي، تاريخ کيس پاڻ هڪ سبق بڻائي ڇڏيندي آهي.