شهباز شريف جي جاءِ تي رانا تنوير پي اي سي جو چيئرمين نامزد

مسلم ليگ ن قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي جاءِ تي اڳوڻي وفاقي وزير رانا تنوير کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين نامزد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان حوالي سان اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر کي به آگاهه ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته شهباز شريف هن وقت علاج لاءِ لنڊن ۾ موجود آهي. جنهن سبب پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جا اجلاس نه ٿي رهيا آهن. ان سبب ئي رانا تنوير کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published.