خاص

پاڪستان چيني ڪمپني کان ڪورونا ويڪسين خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان شروعاتي طور تي چيني ڪمپني سائنو فارم کان ويڪسين جا 12 لک ڊوز خريد ڪندو. هن چيو ته چيني ڪمپني سائنو فارم کان ويڪسين جي خريداري جو فيصلو ڪابينا ڪميٽي ڪيو آهي. ويڪسين 2021 جي پهرين مهيني ۾ فرنٽ لائن ورڪرز کي مفت ڏني ويندي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير وڌيڪ چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر ڪنهن ٻئي عالمي منظور ٿيل ويڪسين جي امپورٽ ڪرڻ چاهي ته ڪري سگهي ٿو. چيني سينو فارم ويڪسين 79 سيڪڙو بهتر آهي. جڏهن ته آمريڪا به پاڪستان کي پهرين مرحلي ۾ ڪورونا وائرس جي ويڪسين ڏيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي هئي. روس به پاڪستان کي عالمي وبا ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي ويڪسين اسپتنڪ فائيو ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي. ان حوالي سان حتمي جائزي جي لاءِ ملندڙ آڇ وفاقي صحت واري وزارت ڏانهن موڪلي وئي آهي ۽ ان جي منظوري صحت واري وفاقي وزارت ڏيندي.