دنيا جي تاريخ جو جيڪڏهن مطالعو ڪيو وڃي ته هڪ حقيقت بار بار سامهون اچي ٿي ته طاقت سدائين مستقل ناهي رهندي، بلڪه وقت سان گڏ بدلجندي رهندي آهي ۽ اهوئي اهڙو اصول آهي جنهن کي اڪثر ماڻهو نظر انداز ڪري ڇڏين ٿا، پر تاريخ ڪڏهن پنهنجي فطرت نٿي بدلائي. جڏهن ڪا قوم يا طاقت پنهنجي عروج تي پهچندي آهي ته ان جي اندر هڪ اھڙو غرور پيدا ٿي ويندو آهي جيڪو نيٺ سندس زوال جو سبب بڻجي ٿو. ساڳي ڪهاڻي اسان کي برطانيه جي عروج و زوال ۾ به ڏيک ڏئي ٿي ۽ اڄ جي عالمي منظرنامي ۾ به ان جا آثار ڏيک ڏين ٿا. گذريل صدي جي وچ تائين برطانيه دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت هئي ۽ سندس باري ۾ چيو ويندو هو ته ان جي سلطنت تي ڪڏهن به سج نٿو لهي ۽ اها محض هڪ چوڻي نه هئي، بلڪه حقيقت هئي. آسٽريليا، هندستان، آفريقا، وچ اوڀر ۽ ٻين پرڳڻن تي هن جو قبضو هو. وسيلن جي جهجهائپ ۽ بيٺڪيتي نظام هن کي ناقابل تسخير بڻائي ڇڏيو هو، پر اهائي طاقت هن جي آزمائش به بڻجي وئي. جڏهن وسيلن جي ورهاست ۽ وڌيڪ قبضي جي خواهش وڌي ته جرمنيءَ سان ٽڪر ٿيس، جيڪو نيٺ پهرين جنگ عظيم جي صورت ۾ سامهون آيو. اها جنگ ظاهر ۾ برطانيه ۽ ان جي اتحادين جي فتح تي ختم ٿي، پر حقيقت ۾ هن دنيا جي طاقت جي توازن کي ڌوڏي ڇڏيو. ٻن ڏهائين کانپوءِ ٻي جنگ عظيم لڳي، جنهن ۾ به برطانيه فتح ياب ٿيو، پر هن ڀيري هن جي فتح هن جي زوال جي تمهيد بڻجي وئي.