بلاگنئون

طاقت، غرور ۽ زوال جو پسمنظر

دنيا جي تاريخ جو جيڪڏهن مطالعو ڪيو وڃي ته هڪ حقيقت بار بار سامهون اچي ٿي ته طاقت سدائين مستقل ناهي رهندي، بلڪه وقت سان گڏ بدلجندي رهندي آهي ۽ اهوئي اهڙو اصول آهي جنهن کي اڪثر ماڻهو نظر انداز ڪري ڇڏين ٿا، پر تاريخ ڪڏهن پنهنجي فطرت نٿي بدلائي. جڏهن ڪا قوم يا طاقت پنهنجي عروج تي پهچندي آهي ته ان جي اندر هڪ اھڙو غرور پيدا ٿي ويندو آهي جيڪو نيٺ سندس زوال جو سبب بڻجي ٿو. ساڳي ڪهاڻي اسان کي برطانيه جي عروج و زوال ۾ به ڏيک ڏئي ٿي ۽ اڄ جي عالمي منظرنامي ۾ به ان جا آثار ڏيک ڏين ٿا. گذريل صدي جي وچ تائين برطانيه دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت هئي ۽ سندس باري ۾ چيو ويندو هو ته ان جي سلطنت تي ڪڏهن به سج نٿو لهي ۽ اها محض هڪ چوڻي نه هئي، بلڪه حقيقت هئي. آسٽريليا، هندستان، آفريقا، وچ اوڀر ۽ ٻين پرڳڻن تي هن جو قبضو هو. وسيلن جي جهجهائپ ۽ بيٺڪيتي نظام هن کي ناقابل تسخير بڻائي ڇڏيو هو، پر اهائي طاقت هن جي آزمائش به بڻجي وئي. جڏهن وسيلن جي ورهاست ۽ وڌيڪ قبضي جي خواهش وڌي ته جرمنيءَ سان ٽڪر ٿيس، جيڪو نيٺ پهرين جنگ عظيم جي صورت ۾ سامهون آيو. اها جنگ ظاهر ۾ برطانيه ۽ ان جي اتحادين جي فتح تي ختم ٿي، پر حقيقت ۾ هن دنيا جي طاقت جي توازن کي ڌوڏي ڇڏيو. ٻن ڏهائين کانپوءِ ٻي جنگ عظيم لڳي، جنهن ۾ به برطانيه فتح ياب ٿيو، پر هن ڀيري هن جي فتح هن جي زوال جي تمهيد بڻجي وئي.

جنگين برطانيه جي وسيلن کي کوکلو ڪري ڇڏيو. هن جا خرچ ايترا وڌي ويا ته هن جي معيشت پاڻ ڀري نه رهي سگهي. ٻئي پاسي آمريڪا جيڪو انهن جنگين کان ڪنهن حد تائين پري رهيو، پچاڙي ۾ ميدان ۾ آيو ۽ پنهنجي طاقت کي مڃرائي نئين عالمي سپر طاقت بڻجي اڀريو. ايئن برطانيه جيڪو ڪڏهن دنيا جو حڪمران هو، هوريان هوريان هڪ ثانوي حيثيت اختيار ڪري ويو. اهو زوال محض فوجي يا معاشي نه هو، بلڪه هڪ نفسياتي ۽ اخلاقي پاسو به رکندو هو. جڏهن ڪا طاقت حد کان وڌيڪ خود اعتمادي ۽ عياش ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿي ته ان جو نظام اندر کان ڪمزور ٿيڻ لڳي ٿو. ان جا فيصلا حقيقت کان پري ٿي وڃن ٿا ۽ اهي پنهنجي ئي بار هيٺان دٻجڻ لڳن ٿا. ساڳئي ريت عالمي سطح تي به هڪ گڏيل شعور جنم وٺي ٿو، جيڪو اهڙي ڏاڍ کي رد ڪري ڇڏي ٿو. اڄ جي حالتن تي نظر وجهون ته هڪ حد تائين ساڳيو ئي منظر آمريڪا جي حوالي سان به بحث هيٺ اچي ٿو. سرد جنگ ۾ ڪاميابي، وچ اوڀر ۾ جنگيون ۽ عالمي سياست ۾ بالادستي هن کي هڪ اهڙي پوزيشن تي آڻي بيهاريو آهي، جتي هو پاڻ کي ناقابل شڪست سمجهڻ لڳو، پر تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته ڪابه طاقت سدائين جي لاءِ غالب نٿي رهي. انهيءَ دوران چين هڪ نئين معاشي ۽ سياسي قوت جي طور تي اڀري رهيو آهي. جڏهن ته روس به عالمي سياست ۾ پنهنجو ڪردار ٻيهر مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. وچ اوڀر ۾ بدلجندڙ اتحاد، ايران سان ڇڪتاڻ ۽ عالمي طاقتن جون نيون صف بنديون هن ڳالھه جي نشاندهي ڪن ٿيون ته دنيا هڪ ڀيرو وري تبديلي جي موڙ تي بيٺي آهي.

اها سموري صورتحال هن حقيقت کي اجاڳر ڪري ٿي ته طاقت جو نشو وقتي هوندو آهي. جڏهن ڪا قوم پنهنجين حدن کان ٽٽي وڃي ٿي ۽ پنهنجن وسيلن کي پاڻي جيان استعمال ڪري ٿي ۽ ٻين تي قبضي ڪرڻ کي پنهنجو مقصد بڻائي ڇڏي ٿي ته اها نيٺ پنهنجي انجام ڏانهن وڌي رهي هوندي آهي. تاريخ اسان کي بار بار اهوئي سبق ڏئي ٿي، پر انسان انهيءَ کي بار بار وساري ويهي ٿو. اسان جي پنهنجي معاشري ۾ به هڪ عجيب ڪيفيت ڏٺي وڃي ٿي، جتي ماڻهو ماضيءَ جي عظمت ۾ جيئن ٿا ۽ حال جي حقيقتن کان اکيون ڦيرائي ڇڏين ٿا. “پدرم سلطان بود” جي سوچ اسان کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ٿي. حقيقت اها آهي ته ماضيءَ جي شان تي فخر ڪرڻ ڪافي ناهي، بلڪه حال ۾ پنهنجي حيثيت کي سڃاڻڻ ۽ مستقبل جي لاءِ درست فيصلا ڪرڻ ئي اصل ڪاميابي آهي. نيٺ تاريخ جو ڦيٿو گهمندو رهي ٿو، جيڪو اڄ عروج تي آهي، سڀاڻي زوال جو شڪار ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪو اڄ ڪمزور آهي، اهو سڀاڻي طاقتور بڻجي سگهي ٿو. اصل ڪاميابي انهيءَ ۾ آهي ته انسان ۽ قومون هن حقيقت کي سمجهن ۽ غرور جي بجاءِ توازن، انصاف ۽ ڏاهپ کي پنهنجي سڃاڻپ بڻائين.