“هڪ استاد هميشه پنھنجي منزل ڄاڻي ٿو، پاڻ ان رستي تي هلي ٿو ۽ ٻين کي به اهو رستو ڏيکاري ٿو. اڳواڻي ڪا حيثيت نه، پر عمل آهي!” ان احساس ۽ جذبي سان اسان امداد کي اڳتي وڌندي ڏٺو آھي، لڳو آھي ته ھو ان راھه جو راھي آھي جيڪا ڏيکاريندي آھي ته:
امداد علي سومرو ولد هادي بخش سومرو 1971ع ۾ مگسي محلا، شڪارپور ۾ ڄائو۔. سندس شادي 4 ڊسمبر 1999ع تي ٿي ۽ اولاد ۾ ٽي نياڻيون ۽ ٻه پٽ اٿس۔. امداد جڏهن پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ نَو مهينن جو هو، تڏهن سندس والد جيڪو ڊرائيور هو، هڪ حادثي ۾ شهيد ٿي ويو۔. ابتدائي تعليم صدر پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين.۔ 1989ع ۾ هاءِ اسڪول ون مان ميٽرڪ جو امتحان ڏنائين. جڏهن ته 1991ع ۾ سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڪاليج مان انٽرميڊئيٽ مڪمل ڪيائين.۔ ان کانپوءِ بي اي، بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جون ڊگريون حاصل ڪيائين.۔ فني سفر جي شروعات ڇهين کان ڏهين جماعت تائين اسڪولن ۾ ٿيندڙ ٽيبلوز ۾ اداڪاري سان ڪئي، جتي ڳائڻ جو شوق به گڏ هلندو رهيو۔ باقاعده ڳائڻ جي تربيت گل حسن، استاد وريل داس ۽ ٻين استادن کان ورتائين،۔ وريَل داس سان گڏ ريڊيو تي به پرفارم ڪيو، جڏهن ته پيروڊيز ۽ ميمڪريز به ڪندو رهيو.۔
انور ڪاڪيپوٽو جي اتساھه کيس شڪارپور جي ڊراما اڪيڊمين مان تربيت وٺڻ لاءِ همت ۽ حوصلو ڏنو.۔ 1990ع ۾ هن باقاعده اداڪاري جي ميدان ۾ قدم رکيو۔ پيپلز ڪلچرل اڪيڊمي جو حصو رهيو، جيڪا پوءِ ڪينجھر آرٽس سرڪل جي نالي سان سڃاتي وئي.۔ هن اداري جو سربراهه مرحوم اسدالله ڦلپوٽو هو، جڏهن ته ڊائريڪٽر استاد غلام نبي راهي (ڪنڌڪوٽ سان واسطو رکندڙ) هئا.۔ هن اندروني سنڌ ۾ اسٽيج ڊراما پيش ڪيا ۽ ڪينجھر آرٽس سرڪل جي هدايتڪاري به ڪرڻ لڳو۔. 1992ع ۾ 20 سالن جي عمر ۾ کيس پرائمري استاد جي نوڪري اھليت جي بنياد تي ملي ۽ پهرين جوائننگ جاڳن شهر (ضلعو شڪارپور) ۾ ٿي.۔ 94-1993ع ۾ منظور قريشي جي هدايتڪاري هيٺ پي ٽي وي جي مشهور سيريل “مٽي جا ماڻھو” ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريائين.۔ ان کان علاوه پي ٽي وي جي ڊرامن “وساريل واٽون” ۽ “اڄ” ۾ به ڪم ڪيائين۔. سنڌ ٽي وي جي ڊرامن “ظالم” ۽ “شير دل” ۾ به حصو ورتائين، جڏهن ته ڪي ٽي اين تي فلم “ڍولڻ جاني” سولو پلي “موٽي شال ملن” ۾ به ڪم ڪيائين.۔
ڪجهه ذاتي مسئلن ۽ مجبورين سبب ميڊيا کان ڪجهه عرصو پري رهيو، پر پوءِ سينيئر اداڪار علي گوهر مهر کيس ٻيهر ڪم ڪرڻ لاءِ همٿايو۔ هن “ظالم سماج” ۽ “گھاء” فلمن ۾ ڪم ڪيو، جن جا گھاءَ فلم جا ڊائريڪٽر ذوالفقار شيخ ۽ ظالم سماج فلم جا ڊائريڪٽر ظفر کوکر هئا، جيڪي سنڌي ٽي وي چينلن تي اداڪارن سان گڏ هدايتڪاري جون ذميواريون نڀائيندا رهيا آهن.۔ فلم “پاپ نگر” ۾ به اداڪاري ڪيائين ۔ان فلم جا ڊائريڪٽر به ظفر کوکر مزاحيه سوپ سيريل “ھڙئي ھڪجھڙا” ۾ ڊائريڪٽر ظفر کوکر سان پڻ رھيا.