بلاگنئون

تعليمي سڌاري لاءِ رڳو حڪومت تي ڀاڙڻ سان تبديلي ڪونه ايندي، حڪومت سان گڏ اسان سڀني کي ذميداري کڻڻي پوندي

تعليم کي ڪنھن به خطي، ملڪ، قوم ۽ معاشري جي واڌ ويجهه ۽ ترقي لاءِ بنيادي ۽ اهم جزو سمجهيو ويندو آھي، جيئن ڪنهن ڏاهي چيو آھي ته جيڪڏهن ڪنھن به قوم کي تباھ ڪرڻو هجي ته ان قوم کان تعليم کسي ڇڏيو ته اها قوم پاڻمرادي ختم ٿي ويندي ته ان ڳالهه مان بلڪل اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪنهن به قوم ۽ معاشري جي مستقل مزاجي، واڌ ويجهه ۽ ترقي جو واحد گس تعليم ئي آھي، جنھن ذريعي اها قوم ۽ معاشرو دنيا جي ترقي يافته قومن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهي سگهن ٿا. تعليم ڪنھن به قوم جو معمار هجي ٿي، ڇاڪاڻ ته تعليم سان دلچسپي نه رکندڙ قومون تعليمي، سماجي ۽ معاشي توڙي اقتصادي طور هميشه تاريخ جي ورقن ۾ پوئتي رهجي وڃن ٿيون. بهتر تعليم سان ئي بھتر نظام جوڙي سگهجي ٿو، هر رياست تي اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اها پنھنجي عوام لاءِ بھتر کان بهتر تعليم جو بندوبست ڪندي بين الاقوامي معيار مطابق تعليم کي فروغ ڏئي هر غريب توڙي امير لاءِ يڪسان تعليم جا موقعا فراهم ڪري.

تازن انگن اکرن موجب پوري پاڪستان جا 35 سيڪڙو ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ۽ جيڪڏهن اسان سنڌ جي ڳالهه ڪيون ته تقريبن 70 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر يعني علم پرائڻ کان وانجهيل آھن، جيڪو اسان جي صوبي ۽ ملڪ جو وڏو نقصان آھي. ان کان علاوه سنڌ سرڪار کي ان ڳالهه طرف به يقينن ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيڪي ٻارڙا تعليمي نظام ۾ موجود هوندي تعليم پرائي رهيا آھن ته انھن کي بهتر کان بهتر ۽ جديد تقاضائن کي مدنظر رکندي جديد طرز جو نصاب پڙھائيندي انھن کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ فني تربيتن ۽ مهارتن سان گڏ نه رڳو سائنس، بلڪه هر شعبي مثال طور تي معاشيات، صنعتڪاري، زراعت ۽ مصنوعي ذهانت جهڙن بيشمار شعبن کي هٿي وٺرائيندي نئين نسل کي ان طرف راغب ڪري ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو.

وڏو الميو ته اهو آھي جو سنڌ جي موجوده تعليمي نظام ۾ تعليم جي زوال جو خاص سبب هتان جو ڪاپي ڪلچر وارو نظام آھي، جنھن اسان جي سنڌ جي تعليم کي تمام پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي. اڄڪلهه سنڌ جي مختلف بورڊن جي سربراهي ۾ سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري ايجوڪيشن جا امتحان آخري مرحلن مان گذري رهيا آھن، جتي مختلف پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا  موجب ڪاپي ڪلچر نظام جو سر بستو زور لڳو پيو آھي، نتيجي ۾ متعلقه اختيارين طرفان ڪٿي امتحاني مرڪز ختم ڪيا ويا آھن ته ڪٿي امتحاني مرڪزن ۾ موجود عملي ۽ شاگردن خلاف قانوني ڪارروائيون به نظر ۾ آيون آھن. مطلب ته ڪاپي ڪلچر نظام اسان جي تعليم کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو آھي، جنھن جو مڪمل خاتمو سنڌ ۽ سنڌ جي ٻارڙن جي بقا ۽ بهتر مستقبل لاءِ تمام ضروري آھي. سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل بورڊن طرفان مختلف وقتن تي ڪاپي ڪلچر جي روڪٿام لاءِ کنيل سخت قدم ۽ فيصلا توڙي اي مارڪنگ سسٽم آڻڻ ۽ گريڊنگ پاليسي ۾ تبديلي وارا کنيل قدم به پنھنجي جاءِ تي اهميت جا حامل آھن، پر خدارا ڪاپي ڪلچر جي خاتمي لاءِ ڪو اهڙو خاص مڪينزم جوڙيو وڃي، جنھن سان اسان جو ٻار پڙھي لکي قابل بڻجي پنھنجو ۽ پنھنجي ڌرتي جو مسقبل سنواري سگهي.

هونئن ته تعليم پوري ملڪ لاءِ اهم ۽ حساس مسئلو بڻجي چڪو آھي، پر خاص طور تي اسان جي سنڌ صوبي ۾ تعليم هڪ حساس ۽ سنجيده مسئلو بڻيل آھي، جنھن طرف سنڌ جي چونڊيل نمائندن کي ضرور ڌيان ڏيندي تعليم لاءِ بهتر ۽ نتيجا ڏيندڙ فيصلا ۽ قانون جوڙڻ گهرجن ۽ پوري صوبي جي تعليم لاءِ خاص بجيٽ مختص ڪري مڪمل نظرثانيءَ سان استعمال ڪرڻ سان گڏوگڏ تعليم ۾ سياسي مداخلت، پنھنجا نوازي ۽ سفارشي ڪلچر کي مڪمل ختم ڪندي تعليم کاتي جي مٿان کان هيٺ تائين انتظامي پوسٽن تي تعليم سان ئي سلهاڙيل قابل ۽ فرض شناس آفيسرن کي اڳتي آڻي تعليم جي شعبي کي مفيد بڻائي سگهجي ٿو. سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه طرفان ڪجهه وقت اڳ سنڌ اسيمبلي جي فورم تي اهو اعلان به قابل تحسين آھي، جنھن ۾ هن وفاق توڙي سنڌ جي اسيمبلي ميمبرن کي پنھنجي پنھنجي حد جي تعليمي ادارن جي مڪمل پرگهور ۽ سار سنڀار لهڻ جي ذميواري کڻڻ جي ڳالهه ڪئي هئي پر افسوس ان تي عمل ڪو نه ٿي سگهيو ۽ چند ميمبرن کان علاوه ڪنھن به سندس ان تجويز کي سنجيده نه ورتو، جيڪڏهن ائين سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪندي تعليمي ادارن جي مالڪي ڪئي وڃي ته اسان جا تعليمي ادارا بهتري طرف وڌندا ۽ ائين پوري سنڌ جو هر غريب ۽ مسڪين ٻار پڙھي لکي پوندو.

تعليمي نظام جي حوالي سان جيتريون سنڌ حڪومت ۽ وابسته کاتي جو اوڻايون ۽ ڪميون ڪوتاهيون آھن ته اوتريون سندن تعليمي نظام جي بهتري لاءِ کنيل ساراهه جوڳا ۽ جٽاءَ دار قدم به قابل تعريف آھن. سرڪاري اسڪولن ۾ نرسري کان سيڪنڊري تائين جي شاگردن لاءِ مڪمل مفت ڪتابن جي فراهمي، نرسري کان هائير سيڪنڊري تائين تعليم جو مفت هجڻ ۽ تازو هڪ لک جي لڳ ڀڳ استادن جون ڀرتيون ڪري تعليمي ادارن ۾ موجود استادن جي کوٽ جو پورائو ڪري شاگردن جي گهربل تناسب سان استاد مهيا ڪري ڏيڻ سان گڏوگڏ اسڪولن کان ٻاهر ٻارڙن کي اسڪولن ۾ آڻڻ جو يونيسيف جي تعاون سان مڪينزم جوڙڻ يقيني طور تي تعليم ۽ معاشري جي بهتري لاءِ بهترين ڪوششون ۽ ڪاوشون آھن. ان کان علاوه سنڌ جي تعليم کاتي جو اهم ڪارنامو، جنھن ۾ سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جي 36000 اسڪولن کي اسپيسفڪ بجيٽ ڏئي اسڪولن جي پرنسپالن ۽ هيڊ ماسترن کي مڪمل بجيٽ استعمال جا اختيار ڏيڻ به تعليم جي بهتري لاءِ سٺو سنوڻ آھي، جنھن سان اسڪولن جي بنيادي ضرورتن جو پورائو ڪندي اسڪول انفرا اسٽرڪچر کان وٺي اسڪول ۽ شاگردن جي ننڍي کان ننڍي ضرورت پوري ٿي سگهندي.

ان کان علاوه به جيڪڏهن اسين سڀئي فرد صرف حڪمرانن تي ڀاڙي ويهي سنڌ جي تعليمي نظام جي بگاڙ تي رڳو منھن مٿو پٽيندا رهنداسين ته ان عمل سان ڪا به بهتري يا تبديلي ممڪن نه بڻجي سگهجندي، ان ڪري سڀئي اسٽيڪ هولڊرس ۽ سول سوسائٽي سان لاڳاپيل فرد پاڻ ملي ڪري حڪمرانن ۽ ضلعي توڙي تعلقي سطح تي  واسطيدار انتظاميه جي تعاون سان پنھنجي تعليمي نظام ۾ موجود ڪوتاهين ۽ کوٽ جو پورائو ڪندي پنهنجي تعليمي ادارن جي ڀرپور مالڪي ڪري تعليم جي بهتري لاءِ سٺا قدم کڻي سگهجن ٿا ۽ ان ڳالهه جو تصور بلڪل ختم ڪرڻو پوندو ته تعليمي نظام ۾ بهتري آڻڻ رڳو رياست جي ئي ذميواري آھي، بلڪه اسان سڀئي فرد به پنھنجي پنھنجي ذميواري جو مظاهرو ڪندي تعليم جي بهتري لاءِ اپاءَ وٺي سگهون ٿا، ڇاڪاڻ ته قومون تعليم سان ئي جڙنديون مضبوط ۽ مستحڪم بڻبيون آھن.