سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ اسٽريٽ ڪرائيم هڪ خطرناڪ الميو بڻجي چڪو آهي، جيڪو سماج جي بنيادن کي لوڏي رهيو آهي. جيڪڏهن اڄ سنجيدگي سان قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ نسل وڌيڪ غير محفوظ ماحول ۾ پلجندو. امن، انصاف ۽ روزگار کانسواءِ ڪابه قوم ترقي نٿي ڪري سگهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته حڪومت، ادارا ۽ عوام گڏجي هن ناسور خلاف جدوجهد ڪن. خاموشي هاڻي جرم بڻجي وئي آهي ۽ آواز اٿارڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، پر ڪٿي سوال پڇڻ تي ايف آءِ آر به داخل ٿي ٿئي، سو ڳالهه پيا ڪريون ان اسٽريٽ ڪرائيم جي، جيڪو نه فقط مالي نقصان رسائي ٿو، پر ڪيترن انسانن جون جانيون به ڳڙڪائي ويو آهي. ٿوري مزاحمت تي فوري فائرنگ سان ڪيترائي ماڻهو پنهنجي جان وڃائي چڪا آهن. ڪيترين ڀينرن پنهنجا ڀائر، ڪيترين ونين پنهنجا ور، ڪيترن معصومن پنهنجا والد ۽ ڪيترن والدين پنهنجا جوان ٻچا وڃايا آهن. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته مال وڃائڻ کانپوءِ وري ڪمائي سگهجي ٿو، پر وڃايل جان ڪڏهن به واپس نٿي اچي. ان خوف سبب هاڻي ماڻهو بنا مزاحمت پنهنجي هر شيءِ ڏيڻ لاءِ مجبور ٿي ويا آهن. سنڌ جيڪا صوفين، شاعرن، عالمن ۽ امن پسند ماڻهن جي ڌرتي رهي آهي، اڄ بدامني، خوف ۽ بيچيني جي ور چڙهيل نظر اچي ٿي. هڪ وقت هو جڏهن سنڌ جا شهر، بازارون، گهٽيون ۽ چوڪ محفوظ سمجهيا ويندا هئا. ماڻهو رات دير تائين بي فڪر گهمندا ڦرندا هئا، ٻار رستن تي کيڏندا هئا ۽ عورتون بنا ڊپ جي خريداري لاءِ نڪرنديون هيون، پر اڄ صورتحال مڪمل طور تي بدلجي چڪي آهي. خاص طور تي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ ٻين ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم روزمره جي زندگيءَ جو حصو بڻجي چڪو آهي. روزانو اخبارن ۾ موبائل ڦرڻ، موٽرسائيڪل چوري، هٿياربند ڦر، زخمي ٿيڻ ۽ قتل جون خبرون عام نظر اچن ٿيون. ماڻهو گهر کان ٻاهر نڪرندي پنهنجي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت بابت فڪرمند رهن ٿا. هي صورتحال صرف هڪ قانوني مسئلو نه، پر هڪ وڏو سماجي، معاشي ۽ اخلاقي بحران بڻجي چڪي آهي. گذريل ڪجهه سالن دوران سنڌ ۾ ڏوهاري سرگرمين ۾ خطرناڪ اضافو ٿيو آهي. خاص ڪري وڏن شهرن ۾ موٽرسائيڪل تي سوار ٻه يا ٽي هٿياربند نوجوان ماڻهن کان موبائل، پرس، زيور ۽ رقم کسين ٿا. ڪيترن واقعن ۾ مزاحمت ڪرڻ تي ماڻهن کي گوليون هڻي ماريو وڃي ٿو، جيڪي سماج لاءِ انتهائي ڏکوئيندڙ واقعا آهن.