ايڊيٽوريلنئون

زرعي ترقياتي بينڪ کي خانگائڻ جو فيصلو ڪيترن آبادگارن کي متاثر ڪندو

پاڪستان جيڪو زرعي ملڪ آهي ۽ ان جي 60 سيڪڙو معيشت زراعت تي ٻڌل آهي. پاڪستان جنهن ۾ سنڌو درياءَ جي ڪري آبپاشيءَ جو هڪ وڏو نظام موجود آهي ۽ اسان پنهنجي ضرورت جي کاڌي پيتي جون شيون پاڻ پيدا ڪري سر پلس پيداوار ٻين ملڪن ڏانهن برآمد ڪرڻ جي قابل آهيون، پر نااهل حڪومتن جي ڪري پاڪستان پنهنجي زراعت مان ڪڏهن به اهي فائدا حاصل نه ڪري سگهيو آهي، جيڪي هتان جي موسم، زمين، پاڻي ۽ محنتي آبادگارن جي ڪري حاصل ٿي سگهن ٿا. ان هوندي به انفرادي محنت سان پاڪستان جي زراعت وڏا وڏا نتيجا ڏئي ملڪ کي تمام گهڻن معاشي مسئلن کان هميشه بچايو آهي. 1952ع ۾ ايگريڪلچر ڊولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن جو ادارو قائم ٿيو ۽ ايگريڪلچرل بينڪ آف پاڪستان جيڪا 1957ع ۾ قائم ٿي ٻنهي کي 1961ع ۾ ملائي زرعي ترقياتي بينڪ جو بنياد وڌو ويو. 2002ع ۾ ان کي ڪارپوريٽ اداري ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ “زرعي ترقياتي بينڪ آف پاڪستان” جو نالو ڏنو ويو. جنهن جو هيڊڪوارٽر اسلام آباد ۾ آهي. هن جون شاخون سڄي ملڪ ۾ پکڙيل آهن ته جيئن آبادگارن کي سندن در تائين سهولت ملي سگهي. هن وقت پاڪستان ۾ 5 ايڪڙن کان گهٽ زمين رکندڙ آبادگارن جو تعداد سڀ کان وڌيڪ آهي، جيڪو مجموعي آبادگارن جو لڳ ڀڳ 64 سيڪڙو آهي.

اهي ننڍا آبادگار ملڪ جي صرف 15 کان 18 سيڪڙو زرعي زمين جا مالڪ آهن. ان جي برعڪس 2 سيڪڙو وڏا زميندار، ملڪ جي لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو زمينن تي قابض آهن. پنجاب جي مقابلي ۾ سنڌ جو وڏيرڪو نظام وڌيڪ طاقتور آهي. ننڍو آبادگار جيڪو ملڪ جي 64 سيڪڙو زمين تي پوکي ڪري ٿو ۽ محنت سان اسان لاءِ کاڌ خوراڪ جون شيون اپائي ٿو. سندن زندگي انهيءَ پيداوار تي منحصر آهي. افسوس ته اسان پنهنجي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ جوڙيل ZTBL کي به درست نموني هلائي نه سگهياسين ۽ هينئر هن بينڪ کي خانگائڻ جو معاملو زراعت جي شعبي ۾ اهم بحث بڻيل آهي. ڇو ته آءِ ايم ايف اهڙن ادارن کي خانگائڻ جي گهر ڪئي آهي جيڪي خساري ۾ هلي رهيا آهن، ان جي اها گهر آهي ته اهڙن ادارن کي يا ته بند ڪيو وڃي يا خانگايو وڃي ۽ هيءَ بينڪ به انهيءَ فهرست ۾ شامل آهي. اسان پنهنجي ملڪ جي ادارن کي درست نموني هلائي نه سگهياسين، جيڪا هڪ افسوسناڪ صورتحال آهي. ڪجهه مهينا اڳ اسان پنهنجي قومي ايئرلائين کي خانگائي ڇڏيو، جنهن تي اسان کي ناز هو. ان کان علاوه اسٽيل مل جيڪا اسان کي ڪيترو ناڻو ڪمائي ڏئي ها ان کي اسان تباهيءَ جي ڪناري تي آڻي ڇڏيو، هاڻي هيءَ زرعي ترقياتي بينڪ به عوام جي ملڪيت مان نڪري ڪنهن خانگي شعبي ۾ وڃڻ واري آهي. جڏهن ادارا ناڪام ٿين ٿا ته انهن جي ناڪامي جا سبب ڳولهڻ لاءِ ڪو بورڊ نٿو جوڙيو وڃي، ذميدارن جو احتساب نٿو ڪيو وڃي ۽ پاليسين کي درست ڪرڻ لاءِ ڪو قدم نٿو کنيو وڃي.

جڏهن هيءَ بينڪ خانگائجي ويندي ته مئسلو وڏن زميندارن لاءِ نه، پر ننڍن آبادگارن لاءِ پيدا ٿيندو. جيڪي ملڪ جي آبادگارن جو 65 سيڪڙو آهن، جن وٽ پنجن ايڪڙن کان گهٽ زمين آهي. خانگي بينڪون صرف وڏن زميندارن کي ترجيح ڏئي قرض ڏينديون آهن ۽ ننڍن زميندارن کي قرض ڏيڻ کان لنوائيندون آهن، ڇو ته سندن نظر وياج جي صورت ۾ وڌيڪ منافعي تي هوندي آهي. خبر ناهي ته انهن ننڍن آبادگارن جو ڇا ٿيندو؟ يا حڪومت انهن جي لاءِ ڪهڙي پاليسي جوڙي آهي جيڪا کين اهڙن خطرن کان محفوظ رکندي. اسان جو ملڪ هڪ پروجيڪٽ وانگر هلايو پيو وڃي ۽ اهو پروجيڪٽ به مئنيجر کان نه پيو هلي سگهي. سرڪاري ادارن جي ناڪامي جا وڏا سبب سياسي مداخلت ۽ پراڻو نظام آهي. اسان وٽ هلندڙ ادارا اڪثر منافعي بدران حڪومتون عوام کي شروع ۾ سستي سهولت ڏيڻ لاءِ خساري ۾ هلائينديون آهن ۽ انهن ۾ ضرورت کان وڌيڪ ماڻهن جي ڀرتي ڪئي ويندي آهي. ادارن کي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان نه بلڪه پراڻي انداز ۾ هلايو ويندو آهي. جنهن سبب ادارا ترقي ڪرڻ بدران معيشت تي بوجهه بڻجي ويندا آهن ۽ انهن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو اوچتو ئي اوچتو پنهنجون نوڪريون وڃائي ويهندا آهن. هن وقت دنيا ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو رجحان وڌي رهيو آهي. حڪومت کي گهرجي ته زرعي ترقياتي بينڪ کي مڪمل طور تي خانگائڻ بدران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ هلائڻ جي ڪوشش ڪري. خانگائڻ کان اڳ عوام کي شفافيت سان سڄو پلان ٻڌايو وڃي جيڪڏهن اهو عمل شفاف ناهي ته ان کي خانگائڻ نٿو چئي سگهجي. ادارن جي مسلسل ناڪاميءَ جي ڪري عوام جو پنهنجي حڪومتن تان ڀروسو ختم ٿي رهيو آهي. ڇو ته ملڪ ۾ صرف بلڊر مافيا مضبوط ٿي رهي آهي. ملڪ جيڪو هڪ فلاحي رياست جي تصور تي قائم ٿيو ان ۾ فلاح ڪٿي به نظر نٿو اچي. اميد ته نجڪاري کان پهرين زرعي ترقياتي بينڪ جي ناڪامي ۽ خراب ڪارڪردگيءَ جا سبب ڳولهيا ويندا،  جيڪي ان جا ذميدار هوندا انهن جو احتساب ڪيو ويندو ۽ ان کان اڳ جيڪي ننڍا آبادگار آهن انهن لاءِ اهڙي پلاننگ ڪئي ويندي جيڪا کين محفوظ ڪري سگهي. جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته ڪو ننڍا آبادگار وري خانگي وياج خورن جي هٿ ور چڙهي ويندا، جيڪي قرض جي ادائگي ۾ مختلف هيرا ڦيريون ڪري سندس زمينون ڦٻائي سگهن ٿا ۽ پوءِ خودڪشين جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿي ويندو. انهن سڀني خدشن کي نظر ۾ رکندي حڪومت کي سوچي سمجهيZTBL  کي خانگائڻ جون پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت آهي.