اڄ دنيا هڪ اهڙي موڙ تي بيٺل آهي جتي فطرت جا اشارا اڳ کان وڌيڪ واضح ۽ ڪنهن حد تائين خطري سان ڀرپور آهن. موسم جو توازن، جيڪو صديون انسانن لاءِ هڪ فطري ترتيب جيان رهيو، هاڻي بگڙي رهيو آهي. ڪڏهن شديد گرمي جون لهرون شهرن کي ساڙي ڇڏين ٿيون، ڪڏهن اوچتو ايندڙ برساتون ۽ ٻوڏون سڄي زندگي کي لوڏي ڇڏين ٿيون ته ڪڏهن سوڪهڙو ماڻهن کي پاڻي جي هڪ ڦڙي لاءِ سڪايو ڇڏي. اهي سڀ ڌار ڌار نه پر گڏيل طور هڪ وڏي تبديليءَ جا آثار آهن، جيڪا ڌرتيءَ جي ماحول ۾ جاري آهي. ان پسمنظر ۾ “ايل نينو” جو نالو بار بار سامهون اچي ٿو، جيڪو سائنسي دنيا ۾ ته پراڻو اصطلاح آهي، پر عام ماڻهن لاءِ هاڻي هڪ وڌندڙ حقيقت بڻجي ويو آهي. جڏهن اهو رجحان شدت اختيار ڪري ٿو ته ان کي “سپر ايل نينو” سڏيو وڃي ٿو ۽ اهوئي اهو مرحلو آهي جيڪو دنيا لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو.
ايل نينو دراصل پئسيفڪ سمنڊ ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ قدرتي موسمي نظام جو حصو آهي، جنهن کي سائنسي طور El Niño-Southern Oscillation چيو وڃي ٿو. هي نظام سمنڊ ۽ فضا جي وچ ۾ هڪ اهڙو لاڳاپو آهي جيڪو عالمي موسم کي متاثر ڪري ٿو. عام حالتن ۾ هوائون اوڀر کان اولهه طرف هلنديون آهن ۽ گرم پاڻي کي ايشيا ۽ آسٽريليا ڏانهن ڌڪي ڇڏينديون آهن، جنهن سان اتي برساتن جو نظام مضبوط رهي ٿو، پر جڏهن اهي هوائون ڪمزور ٿي وڃن ٿيون ته سڄو نظام بدلجي وڃي ٿو. گرم پاڻي واپس اوڀر طرف، آمريڪا جي سامونڊي ڪنارن ڏانهن اچڻ لڳي ٿو، جنهن سان سمنڊ جي مٿاڇري جي گرمي وڌي ٿي ۽ فضا ۾ توانائي جو وهڪرو تبديل ٿي وڃي ٿو. اهوئي اهو مرحلو آهي جنهن کي ايل نينو چيو وڃي ٿو. هي عمل بظاهر سادو لڳي ٿو، پر ان جا اثر انتهائي پيچيده ۽ وسيع هوندا آهن، ڇو ته اهو صرف هڪ علائقي تائين محدود نه رهندو آهي، پر سڄي دنيا جي موسمي نظام کي متاثر ڪندو آهي.
ايل نينو کي سمجهڻ لاءِ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته سمنڊ ۽ فضا هڪ ٻئي سان ڪيتري حد تائين ڳنڍيل آهن. جڏهن پئسيفڪ سمنڊ جو مٿاڇرو گرم ٿئي ٿو ته اها گرمي فضا ۾ منتقل ٿئي ٿي، جنهن سان هوائن جا نمونا تبديل ٿي وڃن ٿا. نتيجي طور برساتن جو نظام به بدلجي ٿو، جتي ڪجهه علائقن ۾ غير معمولي برساتون ٿين ٿيون ته ڪجهه هنڌن تي سوڪهڙو هجي ٿو. اهو عمل عالمي گرمي پد تي به اثر انداز ٿئي ٿو. جڏهن سمنڊ وڌيڪ گرمي فضا ۾ ڇڏيندو آهي ته ڌرتيءَ جو مجموعي گرمي پد وڌي ويندو آهي. اهوئي سبب آهي جو ايل نينو وارا سال اڪثر دنيا جا گرم ترين سال هوندا آهن.
تازن سالن ۾ دنيا جيڪا گرمي محسوس ڪئي آهي، اها انساني تاريخ جي اهم واقعن مان هڪ آهي. 2023 دوران عالمي گرمي پد ايتري حد تائين وڌي ويو جو اهو تاريخ جو ٻيو سڀ کان گرم سال بڻجي ويو، جڏهن ته 2024 ان کان به اڳتي نڪري سڀ کان گرم سال طور رڪارڊ ٿيو. انهن سالن دوران روزانو گرمي پد صنعتي دور کان اڳ واري سطح کان مسلسل وڌيڪ رهيو آهي ۽ ڪيترن ڏينهن تي اهو فرق 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان به مٿي هليو ويو. ڪجهه ڏينهن ته اهڙا به آيا جڏهن گرمي 2 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ ٿي وئي، جيڪا سائنسدانن لاءِ انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. اهي انگ اکر صرف شماريات نه آهن، پر هڪ واضح پيغام آهن ته دنيا جي موسمي نظام ۾ ڪجهه بنيادي تبديليون اچي رهيون آهن، جن ۾ ايل نينو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
2026 کي موسمي سائنسدان هڪ اهم سال طور ڏسي رهيا آهن. موجوده حالتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ENSO نظام آهستي آهستي هڪ نئين ايل نينو مرحلي ڏانهن وڌي رهيو آهي. سمنڊ جي گرمي ۾ واڌ، هوائن جي ڪمزوري ۽ ٻين موسمي اشارن مان اهو اندازو لڳايو پيو وڃي ته سال جي وچ ڌاري هڪ نئون ايل نينو ظاهر ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن هي رجحان وڌيڪ طاقتور بڻجي ٿو ته ان کي “سپر ايل نينو” جو درجو ملي سگهي ٿو، جنهن جا اثر عام ايل نينو کان وڌيڪ شديد هوندا. اهڙي حالت ۾ دنيا کي نه رڳو وڌيڪ گرمي، پر وڌيڪ موسمي عدم توازن کي به منهن ڏيڻو پوندو. ايل نينو جو اثر دنيا جي مختلف علائقن ۾ هڪ جهڙو ناهي هوندو. اهو توازن جو بگاڙ اصل ۾ ئي ان جي خطرناڪ هجڻ جو سبب آهي. جتي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ آسٽريليا جهڙن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي، اتي ئي ڏاکڻي آمريڪا ۾ شديد برساتون ۽ ٻوڏون اچي سگهن ٿيون. آفريڪا جي ڪجهه علائقن ۾ به اهو رجحان برساتن ۾ واڌ جو سبب بڻجي ٿو، جنهن سان زراعت ۽ انساني زندگي ٻنهي تي اثر پوي ٿو.
اهو عالمي نظام هڪ زنجير وانگر ڪم ڪري ٿو، جتي هڪ هنڌ جي تبديلي ٻئي هنڌ تي اثرانداز ٿئي ٿي. پاڪستان، خاص طور تي سنڌ، ايل نينو جي اثرن کان بچيل ناهي. هتان جي معيشت ۽ زراعت گهڻي حد تائين موسمي نظام تي ڀاڙيندي آهي. خاص طور مون سون جي برساتن تي. جڏهن ايل نينو سبب مون سون ڪمزور ٿي وڃي ٿو ته ان جا سڌا اثر زمين، پاڻي ۽ ماڻهن جي زندگيءَ تي پون ٿا. سنڌ ۾ گرمي جي شدت اڳ ۾ ئي هڪ وڏو مسئلو آهي ۽ ايل نينو ان کي وڌيڪ وڌائي سگهي ٿو. گرمي جون لهرون نه صرف انساني صحت لاءِ خطرناڪ آهن، پر اهي زراعت، جانورن ۽ پاڻي جي وسيلن تي به اثرانداز ٿين ٿيون. پاڻي جي کوٽ هڪ ٻيو اهم مسئلو آهي، جيڪو ايل نينو جي دوران وڌيڪ شديد ٿي سگهي ٿو. نهرن، ڊيمن ۽ زميني پاڻي تي دارومدار رکندڙ علائقن لاءِ هي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا مثال موجود آهن جتي سپر ايل نينو وڏي تباهي جو سبب بڻيو. 1877 وارو واقعو انهن مان هڪ آهي، جڏهن ننڍي کنڊ ۾ شديد ڏڪار پيو ۽ لکين ماڻهو متاثر ٿيا. جڏهن پاڻي، خوراڪ ۽ موسم جو توازن بگڙجي ٿو ته ان جو اثر انساني زندگيءَ تي پوي ٿو.
ايل نينو جي ابتڙ مرحلو لا نينا آهي، جيڪو پڻ ايل نينو جو حصو آهي. هن مرحلي ۾ سمنڊ ٿڌو ٿي وڃي ٿو ۽ موسمي اثر بلڪل مختلف ٿي وڃن ٿا، جتي ايل نينو خشڪ سالي آڻي سگهي ٿو، اتي لا نينا وڌيڪ برساتن جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هي ٻنهي مرحلن جي وچ ۾ توازن ئي اصل ۾ عالمي موسمي نظام کي هلائيندو آهي ۽ جڏهن هي توازن بگڙجي ٿو ته مسئلا پيدا ٿين ٿا.
موسمي سائنس ۾ جديد ترقيون ايل نينو کي وڌيڪ بهتر سمجهڻ ۾ مدد ڪري رهيون آهن. نوان انڊيڪس ۽ ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي سائنسدان هاڻي وڌيڪ درست اڳڪٿي ڪري سگهن ٿا، جنهن سان حڪومتن ۽ ادارن کي اڳواٽ تياري ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. اڄ جي دور ۾ سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته ايل نينو اڪيلو ناهي، پر اهو ڪلائيميٽ چينج سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي. سمنڊ اڳ کان وڌيڪ گرم ٿي چڪا آهن، جنهن سان ايل نينو وڌيڪ طاقتور بڻجي سگهي ٿو. ان سان شديد عمل جيئن ٻوڏون، سوڪهڙو يا گرمي جي شدت ۾ واڌ محسوس ڪري سگهجي ٿي. ان مسئلي جو حل فطرت سان سهڪار ۾ آهي. وڻ ماحول کي متوازن رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اهي نه صرف ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪن ٿا، پر گرمي کي گهٽائڻ ۽ برساتن جي نظام کي برقرار رکڻ ۾ به مدد ڪن ٿا. جيڪڏهن انسان گهڻي پيماني تي وڻ لڳائڻ شروع ڪري ته موسمي تبديلي جي اثرن کي گهٽائي سگهجي ٿو. سپر ايل نينو جو امڪان صرف هڪ سائنسي بحث ناهي، پر هڪ اهڙو سوال آهي جيڪو انسانيت جي مستقبل سان ڳنڍيل آهي. دنيا جنهن رفتار سان تبديل ٿي رهي آهي، ان کي نظرانداز ڪرڻ هاڻي ممڪن ناهي. اصل سوال اهو ناهي ته ايل نينو ايندو يا نه، پر اهو آهي ته جڏهن اهو ايندو ته اسان ڪيترا تيار هونداسين. جيڪڏهن اسان اڳواٽ منصوبابندي ڪئي، سائنسي ڄاڻ کي پنهنجي لاءِ هٿيار بڻائي فطرت سان هم آهنگي اختيار ڪئي ته ان چئلينج کي منهن ڏئي سگهون ٿا. آخرڪار، فطرت هر روز اسان کي نوان اشارا ڏئي رهي آهي. اهي اشارا ڪڏهن گرمي، ڪڏهن غير موسمي برساتن جي شڪل ۾ ته ڪڏهن سوڪهڙي جي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا. هاڻي اسان کي انهن اشارن کي سمجهي پنهنجي مستقبل لاءِ فيصلا ڪرڻا آهن.