خاص

ميرپورخاص ۾ بينڪنگ ڪورٽ، اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۽ اسپيشل ڪورٽ جي قيام لاءِ غور ڪريون پيا: چيف جسٽس

چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته ميرپورخاص ۾ بينڪنگ ڪورٽ، اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۽ اسپيشل ڪورٽ جي قيام تي غور ڪري رهيا آهيون. حڪومت کي ميرپورخاص ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ گهرجي. ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن ميرپورخاص جي نون چونڊيل عهديدارن کي حلف کڻائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته عدليه ايمانداريءَ سان ڪم ڪري رهي آهي، عدليه جو ڪم عوام کي انصاف ڏيارڻ آهي. ڪنهن کي به غلط ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته ميرپورخاص تاريخي ۽ سنڌ جو چوٿون نمبر وڏو شهر آهي. حڪومت ميرپورخاص يونيورسٽي قائم ڪري ته جيئن ميرپورخاص ڊويزن جي شاگردن کي سهولت ملي سگهي. هن چيو ته جتي 15 لک آبادي هجي اتي يونيورسٽي قائم ٿي سگهي ٿي. چيف جسٽس چيو ته ميرپورخاص ۾ اچي  سنڌ جي ثقافت ٽوپي ۽ اجرڪ پائي ڏاڍي خوشي ٿي آهي