سکر ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيل عورت جو پٽ ڪورونا جو شڪار

سکر ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيل پيرسن عورت جي ڪٽنب جي ٽيسٽن دوران پٽ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا نڪتو. خبر موجب سکر جي ڳتيل آبادي واري علائقي جناح چوڪ ۾ 70 سالن جي عورت جي گمبٽ اسپتال ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيڻ کانپوءِ انتظاميه جناح چوڪ جي ٽيڪچند اسٽريٽ کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو ۽ وارثن جا نمونا ورتا. هاڻي عورت جي هڪ نوجوان پٽ ۾ ڪورونا هجڻ جي تصديق ٿي آهي. جڏهن ته سندس 8 گهر ڀاتين جي ٽيسٽ نيگيٽو آئي آهي. ان ڏس ۾ ڪمشنر سکر شفيق احمد مهيسر جو چوڻ آهي ته نوجوان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ کيس ڪورنٽائن سينٽر سکر ڏانهن اماڻيو ويو آهي
