سعيد احمد چانڊيو جو جنم 8 فيبروري 1991ع تي ڳوٺ نھال خان چانڊيو ضلعي قمبر شھدادڪوٽ ۾ سماج سڌارڪ ڊاڪٽر محمد شريف چانڊيو جي گھر ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين. ماسٽرس سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي جي لاڙڪاڻي ڪئمپس ۾ درس و تدريس جي ڪرت سان لاڳاپيل رھيو. ڪيڊٽ ڪاليج خيرپور ۾ وائيس پرنسپال طور پڻ خدمتون سرانجام ڏيئي چڪو آھي. ڪميشن پاس ڪري اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور ڪم ڪري رھيو آھي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سخنوري موضوع تي ايم. اي سنڌيءَ دوران مونوگراف لکيو اٿس ۽ مستقل لکڻ پڙھڻ جي ڪرت سان سلهاڙيل آھي. ٻارن جي ادب ۾ لطيف شناسي، سيرت النبي، ڪھاڻي، ترجمي ۽ ناول جي موضوع تي ڪتاب ڇپيل اٿس.
س: پنھنجي ننڍپڻ ۽ ادب ڏانھن مائل ٿيڻ بابت ٻُڌايو؟
ج :منھنجو ننڍپڻ قمبر ضلعي ۾ جاگير جي ٺيٺ ٻھراڙيءَ واري علائقي ۾ گذريو آھي، سنڌ جو ھڪ اھڙو پسمانده علائقو جيڪو زندگي گذارڻ جي بنيادي سھولت کان وانجھيل آھي. منھنجي جنم ڀومي ڳوٺ جا رھواسي اڄ به ھن جديد دور ۾ بنيادي سهولتن جھڙوڪ: پيئڻ جي صاف پاڻي، سرڪاري اسپتال، اسڪول، روڊ رستن، بجلي ۽ گئس جي سهولتن کان محروم آھن. اھڙي ماحول ۾ پڙھڻ ۽ پنھنجي منزل تي پھچڻ منھنجي لاءِ ڪنھن معجزي کان گھٽ ناھي. منھنجو بابا سائين ڊاڪٽر محمد شريف چانڊيو، سنڌي ادب جو شائق ھو، سندس اسپتال ۾ خليل جبران جا سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل تقريبن ڪتاب، شاھ جي رسالي جا ٻه نسخا (1) ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ وارو ٻه جلد (2) ڪلياڻ آڏواڻيءَ وارو مرتب ٿيل شاھ جو رسالو پيا ھوندا ھئا. امر جليل جا ڪجھ ڪتاب ۽ آڪاش انصاريءَ جي شاعريءَ جو مجموعو پڻ مليو. بابا جي وفات کان پوءِ ادا وڏي مرحوم شبير احمد اھا اسپتال سنڀالي. ادا پڻ سنڌي ادب کي وڏي شوق سان پڙھندو ھو. ھو ھر مھيني سنڌ رنگ، ھزار داستان، سنڌو ۽ ڊائجسٽ رسالا قمبر شھر مان خريد ڪري ڳوٺ ايندو ھو. اھڙيءَ طرح اٺين درجي کان مون کي انھن رسالن کي پڙھڻ جي عادت پئي. وري جڏھن مان لاڙڪاڻي جي پائليٽ اسڪول ۾ داخلا ورتي ته اتي ھلندڙ ڪلاسن دوران ٻالڪ ادب جا رسالا کپائڻ ڪجھ نوجوان ايندا ھئا. اسان کي سوال ناما ڏيئي ويندا ھئا، اسان انھن جا جواب لکي ٽپال ذريعي پوسٽ ڪندا ھئاسين. ڪڏھن ڪڏھن رسالن ۾ اسان جي درست جوابن وارو خط شايع ٿيندو ھو ۽ انعام طور ھڪ ڪاپي رسالي جي مفت ۾ ملندي ھئي، ائين ٻالڪ ادب کي پڙھڻ جو چاھ وڌيو.
س: اوھان لکڻ جي شروعات ڪڏھن کان ڪئي؟ ۽ پھرين تحرير ڇپجڻ وقت اوھان جا احساس ڪھڙا ھئا؟
ج: ساٿي رسالو حيدرآباد کان نڪرندو ھو، جنھن جي قيمت پنج روپيا ھوندي ھئي، مان ڏاڍي شوق سان پڙھندو ھئس. ھر مھيني مون کي ان رسالي جو شدت سان انتظار ھوندو ھو. لاڙڪاڻي ۾ رابيل ڪتاب گھر کان علاوه جناح باغ جي گيٽ وٽ ننڍڙي مانڊيءَ ۾ قائم ڪتابن واري وٽان اھو رسالو ملندو ھو. ھڪ قيمت گھٽ ٻيو مواد گاڏڙ مطلب ڪھاڻيون، شاعري، مضمون، قسطوار ناول، عام معلومات ۽ لطيفا مواد طور شامل ھوندا ھئا. مان اڪثر ڪري اھو رسالو ٻن ڏينھن ۾ پڙھي پورو ڪندو ھئس. ڏھين درجي ۾ پڙھي رھيو ھئس، ھڪ ڏينھن مضمون ماءُ جي موضوع تي لکي ڪري پوسٽ ڪري ڇڏيو ھو. جڏھن ان مضمون کي رسالي ۾ جاءِ ملي ڏاڍو خوشي ٿي ھئي. صفا اصلي ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيم. اھو مضمون پنھنجي دوستن کي ڏيکاريو ھو. ڪن ھمٿايو ته ڪن وري ان مضمون مان چُڪون ڪڍي ڪري مون تي تنقيد ڪئي ھئي. ڪيترائي ڏينھن اھو رسالو منھنجي ھٿن ۾ ھو، ڏينھن ۾ ٻه کان ٽي دفعا رڳو پنھنجو مضمون پڙھندو ھئس. شايد اھو پھريون دفعو ھو جو ڪنھن رسالي جي پرچي کي مان مڪمل پڙھي ڪونه سگھيو ھئس، سبب صرف پنھنجي شايع ٿيل تحرير جي خوشي ھئي.