بلاگنئون وچ اوڀر جي تازي صورتحال تي هڪ نظر..! August 19, 2024 Zahida Abro معدني وسيلن سان مالال وچ اوڀر جو خطو ھن وقت عالمي طاقتن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ لکين بي گناھ انسانن جي قتل ۾ ملوث اسرائيل جي وحشت ۽ بربريت سبب عدم استحڪام ۽ غير يقيني واري صورتحال جو شڪار آھي. ھنن حالتن جي تلخي ۾ تيزي تڏھن آئي جڏھن حماس سربراھ جناب اسماعيل ھانيه جي ايران ۾ دردناڪ شھادت ٿي ۽ ايران پاران اسرائيل کي ان واقعي ۾ ملوث قرار ڏئي ان کان بدلي وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو. بدلي وٺڻ جو اعلان خود ايران جي روحاني پيشوا جناب سيد علي خامنہ اِي ڪيو آھي. جنھن بعد وچ اوڀر ۾ ھلچل تيز ٿي وئي آھي. تازو ڪجھ ڏينھن پھرين شام ۾ قبيلائي طاقتن پھريون دفعو آمريڪي فوجين جي اڏي تي حملو ڪري انھن کان پنھنجي ھڪ وڏي شامي آئل ريفائنري آجي ڪرائي پنھنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏي آھي. جڏھن ته اسرائيل ۾ ھٿيارن سان ڀريل آمريڪي بار بردار جهازن ۽ ايران توڙي شام ۾ ھٿيارن سان ڀريل روسي بار بردار جهازن جي مسلسل لينڊنگ اھم آھي. ٻئي پاسي وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب ايران جون فوجي مشقون مسلسل جاري آھن. دنيا ۾ پھريون دفعو ايران جو Missiles city سامھون آيو آھي. زير زمين بيلسٽڪ ۽ ڪروز ميزائلن جو سٽي ايراني ميڊيا تي ڏيکاريو ويو. زمين جي 500 ميٽر ھيٺان ميزائل لانچ ڪرڻ جو مظاھرو ڪيو ويو. 100 ميٽر زير زمين ايراني secret Air base پڻ ڏيکاريو ويو. ايراني ٽي وي تي پھريون دفعو Drone city پڻ ڏيکاريو ويو. زمين کان 500 ميٽر ھيٺ Swarm drone launcher جي پڻ نمائش ڪئي وئي. ايراني حملي جي تياري غير معمولي لڳي ٿي. ھوڏانھن حماس يحيٰ سنوار کي پنهنجو نئون چيف بڻايو آھي. ھي غزا ۾ 2017ع کان حماس جو ڪمانڊر به رھي چڪو. اسرائيل يحيٰ کي 7 آڪٽوبر جي حملن جو ماسٽر مائينڊ قرار ڏئي چڪو آھي. پاسداران انقلاب اسلامي جي القدس فورس جي چيف اسماعيل خاني حماس جي نئين سربراھ يحيٰ سنوار کي خط لکي آگاھ ڪيو آھي ته ايران 13 اپريل کان به وڌيڪ خطرناڪ حملو ڪندو. اسماعيل ھانيہ جي شھادت جو بدلو اسرائيل تي ڪاري ضرب لڳائي ورتو ويندو. ھي حملو اسرائيل لاءِ بيحد دردناڪ ھوندو. ھنن ڳالھين مان لڳي ٿو تہ ايران وٽ اڃان بہ Potential element of surprise موجود آھي جو ھو بدلو وٺڻ لاءِ آتو آھي. ٻئي پاسي ايران خليج فارس مان گذرندڙ آمريڪي جنگي جهازن جي پنھنجي surveillance drone ذريعي فوٽيج جاري ڪري ان کي وارننگ ڏئي ڇڏي جڏھن تہ اطلاع آھن تہ ايران سپر سانڪ اينٽي شپ ميزائل تعينات ڪري ڇڏيا آھن. اطلاع تہ اھي آھن تہ 36 سالن بعد ايران پنھنجي تاريخ جون سڀ کان وڏيون جنگي تياريون پيو ڪري. پاسداران انقلاب اسلامي جي جنگي ٻيڙي ۾ 2654 نوان ھٿيار شامل ڪيا ويا آھن. جن ۾ ايئر ڪرافٽ ڪيريئر کي تباھ ڪندڙ ھٿيار آھن. 1500 ڪلو ميٽر تائين تباھ ڪندڙ اينٽي شپ ميزائل آھن. جڏھن تہ اھي ميزائل حوثين کي بہ ڏيڻ جون خبرون عالمي ميڊيا ۾ عام آھن. ھيءَ ايراني جنگي تياري 1980ع کان 1988ع تائين صدام سان جنگ بعد سڀ کان وڏي جنگي تياري آھي. ھي اسان نہ، پر سڄي عالمي ميڊيا ۾ نشر ٿيل خبرن جي جھلڪ آھي. گذريل ڏينھن ايران ۾ وڏي تعداد ۾ بيلسٽڪ ميزائلن جي تعيناتي جون خبرون عالمي ميڊيا ۾ نشر ٿيون. ايستائين بہ چيو ويو آهي تہ اھي Ready to fire موڊ ۾ آھن. زمين جي اندران ميزائل فائر ڪرڻ جا وڊيوز خود ايراني ميڊيا ۾ ڏيکاريا ويا ميزائلن سان گڏ نقشي ۾ اسرائيلي گاديءَ جي ھنڌ تل ابيب کي بہ ڏيکاريو ويو. زير زمين ميزائل فائر ڪرڻ جو مظاھرو ان لاءِ ڪيو ويو تہ سطح زمين تي لانچر پيڊز کي اڳواٽ اسرائيل يا آمريڪا پاران تباھ ڪرڻ جي خطري کي شايد محسوس ڪندي اھا ٽيڪنڪ اختيار ڪئي. ايراني جرنيل جو بيان بہ نشر ٿيو تہ ”ھو سگريٽن وانگر ميزائل ٺاھي رھيا آھن جن جي رکڻ جي جڳھ بہ ڪونھي بچي“ ھوڏانھن اسرائيل تي ايران پاران حملي جي ڌمڪي بعد برطانوي آرمي چيف 3 آگسٽ تي اسرائيل پھتو ۽ ايراني حملي کان اسرائيل کي بچائڻ ۾ ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو. ھوڏانھن قطر ۾ آمريڪي بيس تي آمريڪي B-2 بمبار طيارا لھي ويا آھن. ايف 22 جھڙا ايڊوانس آمريڪي جنگي طيارا بہ پھچايا ويا. آمريڪي اڏن تي ايراني حملي واري ڌمڪي بعد آمريڪا جنگي طيارن جي موومينٽ وڌائي وئي. وچ اوڀر ۾ Combat Aircraft جي تعيناتي ڪئي وئي بلڪه آمريڪي جنگي ٻيڙو يو ايس ايس ابراھام لنڪن کي تعينات ڪيو ويو. بيلسٽڪ ايئر ڊفينس جو وڏو Deployment ڪيو ويو. اھڙي صورتحال ۾ روس ايران جي مدد تي پھچي ويو. 3 آگسٽ تي ھٿيار سپلاءِ ڪندڙ ھڪ وڏو روسي ڪارگو طيارو ايران لٿو. ھي گيلڪس ايئر لائين جو ڪارگو طيارو ماسڪو کان تھران پھتو. چيو پيو وڃي تہ روس کان ايران Heavy military hard wear آندو پيو وڃي. ايران اليڪٽرانڪ وار فيئر جي تياري ۾ لڳل آھي. روس ايران کي اليڪٽرانڪ وار فيئر سسٽم ڏنو آھي جيڪو ريڊار کي جام ڪريو ڇڏي. ھي سسٽم حملي آور جو ريڊار سسٽم جام يا فائيٽر جيٽ ۽ ميزائل حملن کي ناڪام ڪري ڇڏي ٿو. ٻڌايو پيو وڃي تہ روس جو ھي جديد ترين اليڪٽرانڪ سسٽم 5000 کان 8000 ڪلوميٽر پري کان ئي سيٽلائيٽ سسٽم سان آپريٽ ڪري ٿو. روس جا IL-96 ڪارگو طيارا مسلسل ھٿيار کڻي ايران پھچندا رھيا. تجزيہ ڪارن موجب روس يوڪرين وار ۾ ھن سسٽم جو ڪاميابي سان استعمال ڪيو. ايران Drone ships بہ منظرعام تي آندا آھن. بحري جھازن تان ھي ڊرون لانچ ڪري سگھجن ٿا. ھيءَ اسرائيل تي Swarm drone attack جي تياري ٻڌائي پئي وڃي. وچ اوڀر ڪرائيسز ۾ اسرائيلي بربريت ۽ آمريڪي جارحاڻن ارادن جو مکيہ سبب آھي. روس ۽ چين جناب اسماعيل ھانيہ جي قتل کي Political assassination قرار ڏنو آھي ۽ چين اھو بہ چيو ته ”ھي نہ ٿيڻ کپي ھا“ ايراني روحاني پيشوا آيت ﷲ علي خامنہ اِي جي صلاحڪار فرازي جي اھا دعويٰ سامھون آئي آھي تہ ايران ائٽم بم ٺاھي ورتو آھي. ايران وٽ 8 کان 15 نيوڪليئر وارھيڊ ٿي سگھن ٿا. 7 آگسٽ تي اھا بہ خبر آئي تہ آمريڪي عملدارن اسرائيل کي الرٽ ڪيو آھي تہ ايران حملي جون تياريون پوريون ڪري ڇڏيون آھن ايران کي روڪڻ ناممڪن آھي. ھو ڪنھن بہ وقت حملو ڪري سگھي. مشھور اخبار وال اسٽريٽ جنرل دعويٰ ڪئي آھي تہ ”اسماعيل ھانيہ جي شھادت بعد ايران ۾ وڏي ميزائل موومينٽ ڏٺي وئي آھي. ايران جي ميزائل لانچر موومينٽ تي آمريڪا جي نظر آھي آمريڪا ميزائل حملي کي ناڪام ڪرڻ چاھي ٿو“اطلاع آھن تہ روسي نيوڪليئر ڪيپيبل اسڪندر بيلسٽڪ ميزائل سان حملي ڪرڻ جو بہ پلان ٿي سگھي ٿو جيڪي روس کان ايران پھچي چڪا آھن. ايران جي ايرو اسپيس فورس ڪمانڊر دعويٰ ڪئي تہ ”اسرائيل تي ھڪ ئي وار ۾ 8 ھزار ميزائلن سان حملو ڪيو ويندو. خرم شھر بيلسٽڪ ميزائل سان حملو ڪنداسين جنھن جي رينج 2 ھزار ڪلوميٽر آھي. ھڪ ميزائل 80 ٺڪاڻن تي تباھي آڻي سگھي ٿو” اسرائيلي ويب سائيٽ تي اھي بہ خبرون نشر ٿيون آھن تہ ”ايران جي نشاني تي نيتن ياھو جي پي ايم آفيس، اسرائيلي ڊفينس فورس جو ھيڊ ڪوارٽر، موساد ھيڊ ڪوارٽر، اسرائيلي ايئر پورٽ ۽ ٻيا ھنڌ بہ آھن“ ھوڏانھن ايراني پارليامينٽ ۾ محمد قاسم عثماني دعويٰ ڪندي چيو تہ ”اسماعيل ھانيہ جو بدلو نيتن ياھو کي مارڻ ذريعي وٺنداسين“ٻئي پاسي اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياھو ۽ اسرائيلي وزير دفاع ۾ اختلاف کلي طرح سامھون اچي ويا. نيتن ياھو پنھنجي بچاء جي وزير گيلن جي ڳالھين کي ”اسرائيل مخالف بيانيو“ قرار ڏئي ڇڏيو. جڏھن تہ اسرائيلي بچاء جي وزير گيلن نيتن ياھو جي حماس خلاف مڪمل فتح واري مقصد کي ”بڪواس“ قرار ڏنو آھي. ٻئي پاسي آمريڪي انٽيليجنس عملدارن دعويٰ ڪئي آھي تہ ”ايران ھڪ ھفتي جي اندر اسرائيل تي حملو ڪري سگھي ٿو“ترڪي کي آمريڪا اپيل ڪئي آھي تہ ايران کي اسرائيل تي حملي کان روڪي. اھڙي اپيل ترڪيہ ۾ آمريڪي سفير نيوز ڪانفرنس ۾ ڪئي. فنچ اداري ايران جي اسرائيل تي ڪاھ وارين ڌمڪين کانپوء ڪرندڙ اسرائيلي معيشت جي ريٽنگ اي پلس مان گھٽائي اي ڪيٽيگري ۾ آڻي ڇڏي. برطانيا ۽ آمريڪا اسرائيل کي بچائڻ لاء تيار آھن، اسرائيل ۾ زير زمين بنڪر تيار ڪيا پيا وڃن، بليڪ آئوٽ مشقون ڪيون پيون وڃن. اسپتالن ۾ بيڊز وڌائڻ جا حڪم ڏنا ويا آھن. ھوڏانھن ايران 9 آگسٽ تي عراقي سرحد وٽ وڏيون ڊرونز حملن جون مشقون بہ پوريون ڪري ورتيون. جڏھن تہ ان کان اڳ ايران آزربائيجان ۽ آرمينيا جي سرحد وٽ بہ جنگي مشقون ڪري چڪو. ايران اسرائيل تي حملي نہ ڪرڻ واريون ڪنھن بہ قسم جون ڳالھيون رد ڪري ڪري ڇڏيون. ايراني پرڏيھي وزير علي باگيري چيو آھي تہ ايران جي اسرائيل تي حملي سان پوري خطي کي فائدو ٿيندو. جڏھن تہ آمريڪا موٽ ۾ ايران کي خبردار ڪندي چيو آھي تہ اسرائيل تي حملو ٿيو تہ اسين تھران تي حملو ڪنداسين. ھوڏانھن حزب الله جي اسرائيل تي ڳرن حملن بعد برطانيا جي پرڏيھي وزير برطانوي شھرين کي هڪدم لبنان ڇڏڻ جي ھدايت ڪئي آھي. لبنان م ڪنھن بہ وقت وڏي حملي جو خدشو آھي. آمريڪا، برطانيا بعد جاپان ۽ ٻيا ملڪ پنھنجي ماڻھن کي لبنان ڇڏڻ جي ھدايت ڪري چڪا ڇو تہ حزب الله 12 آگسٽ تي اسرائيل جي 10 کان وڌيڪ شھرن ۾ زبردست خودڪش ڊرونز حملا ڪري اتر اسرائيل کي لوڏي ڇڏيو. حزب الله اسرائيل خلاف ڀرپور حملا ڪري بيروت مان پنھنجو ھيڊ ڪوارٽر خالي ھٿيار نَون ھنڌن تي منقل ڪري All out war جو آغاز ڪري ڇڏيو آھي. ظاھر آھي اسرائيل بہ موٽ ۾ خاموش نہ رھندو ۽ لبنان نئون ميدان جنگ بڻجي سگھي ٿو. اڳتي ڇا ٿيندو اھو تہ وقت ٻڌائيندو پر ھنن سڀني ڳالھين مان صورتحال جي سنگيني جو گھڻو ڪجھ پتو لڳائي سگھجي ٿو. ايران جي سرزمين تي حماس سربراھ جي شھادت بعد ايران جي ساک داءُ تي لڳل آھي ۽ اسرائيل تي حملي جي اعلان باوجود ايران شھادت جو بدلو اگر نٿو وٺي تہ اھا ان جي وڏي ڪمزوري چئبي، پر اسرائيل جي جوابي حملي جي صورت ۾ نئين عالمي جنگ جو در کلي سگھي ٿو ڇو تہ اسرائيل سان آمريڪا ۽ برطانيا جڏھن تہ ايران سان روس ۽ چين ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺل آھي. روس چاھي ٿو آمريڪا ۽ برطانيا کي وچ اوڀر ۾ Engage ڪري ان کي ڦاسائي يوڪرين واري جنگ تان توجھ ھٽائي ۽ چين چاھي ٿو تائيوان توڙي ڏکڻ چيني سمنڊ واري مسئلي تي آمريڪا پري رھي. Post Views: 287