سي ايم سي ايڇ جي نيفرولوجي يونٽ ۾ 22 مان 12 مشينون بند
لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جي نيفرولوجي يونٽ جي 22 مان 12 مشينون خراب پيون آهن جڏهن ته صرف 10 مشينن ذريعي ڊائلاسز لاءِ ڪم آنديون پيون وڃن. بند پيل مشينن لاءِ مرمت جو ڪوبه اهڙو پلان نه جوڙيو ويو آهي ته جيئن انهن مشينن کي ٺيڪ ڪرايو وڃي. يونٽ جي انچارج ڊاڪٽر زاهد علي شيخ صحافين کي ٻڌايو ته هن وقت صرف ڏهه مشينون ئي ڪم ڪري رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته هي يونٽ لاڙڪاڻي، سکر ۽ بلوچستان جي مريضن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. سڀني مشينن جي ڪم ڪرڻ جي صورت ۾ اسان هڪ ڏينهن ۾ 60 مريضن جي ڊائلاسز ڪري سگهون ٿا. جڏهن ته هن وقت 40 کان 45 مريضن جو علاج ئي ممڪن آهي. واضح رهي ته اهي خراب 12 مشينون هڪ سال اڳ ان يونٽ کي ڏنيون ويون هيون. ڊاڪٽر زاهد علي چيو ته هن اسپتال جي ايم ايس کي هڪ خط ذريعي آگاهه ڪيو آهي ته يونٽ ۾ 12 مشينون بند پيون آهن جنهن کي مرمت جي ضرورت آهي ۽ انهن جي ڪم نه ڪرڻ جي صورت ۾ مريضن جي وڏي انگ کي علاج جي سهولت کان محروم رهڻو ٿو پوي. جنهن سبب انهن مشينن جي ترت مرمت ڪرائي وڃي ته جيئن يونٽ مڪمل طور تي فعال ٿي سگهي.

