نئون

ڪرپشن سبب لوڊشيڊنگ ختم نه پئي ڪئي وڃي: توانائي وارو وزير

توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب سينيٽ جي قائمه ڪميٽي کي ٻڌايو ته ملڪ اندر بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪرپشن سبب ڪئي پئي وڃي. ملڪ اندر بجلي جي چوري اداري جي اهلڪارن ۽ آفيسرن جي مرضي سان ٿي رهي آهي. سينيٽر فدا حسين جي اڳواڻي ۾ سينيٽ جي قائمه ڪميٽي پاران توانائي جي موجوده صورتحال تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت پاڪستان جو گردشي قرض 10 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي ۽ اتفاق سان پاڪستان 10 ڊالرن جي قرض لاءِ ئي آءِ ايم ايف وٽ وڃي رهيو آهي. توانائي واري وزير کي مخاطب ٿيندي هن چيو ته جيڪڏهن توهان غير ادا ٿيل بلن جي رقم وصول ڪري ڇڏيو ها ته توهان کي بيل آئوٽ پئڪيج لاءِ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي ضرورت ئي نه هئي. جنهن جي جواب ۾ توانائي واري وزير چيو ته بجلي جي ورڇ ۾ خامين کي دور ڪرڻ هن جي ترجيح ۾ شامل آهي، جنهن لاءِ انجنيئرن جي تربيت ۽ نئين ٽيڪنالاجي آڻڻ جي ضرورت آهي. بجلي جي چوري کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ نئين نظام تي ڪم هلي رهيو آهي ته جيئن گرڊ اسٽيشن جي بندش بجاءِ وڌيڪ نقصان وارن علائقن ۾ بجلي جي معطلي کي ٽرانسفارمر تائين منتقل ڪيو وڃي.