بيروزگاري سنڌ صوبي ۾ نه صرف معاشي بلڪه امن امان جو به مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. ڏينهون ڏينهن صوبي ۾ ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙي ۽ ڦر جون وارداتون ٿيندي نظر اچن ٿيون. شهر مان ماڻهن جي هجومن جي اندر دڪانن ۾ لکين رپين جون ڦرون ٿين ٿيون، تمام معمولي رقم جي ڏي وٺ تي ماڻهوءَ کان سندس قيمتي جان ڦرڻ تي دير نٿي ڪئي وڃي. جڏهن ملڪ ۾ سرڪار روزگار جا ذريعا پيدا نه ڪندي ته پيٽ ڀرڻ لاءِ ماڻهن کي ڏوهن جي پاسي وڃي پنهنجي زندگين جو چرخو هلائڻ لاءِ اهڙن ڏوهن جو ارتڪاب ڪندي خراب نه لڳندو. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته پوري پاڪستان ۾ هن وقت سرڪاري ادارن جون نوڪريون ماڻهن جي لاءِ اڃان تائين تمام گهڻيون پرڪشش نظر اچن ٿيون، جنهن جو سبب اهو آهي ته ماڻهن کي اهڙا ادارا ٺاهي هنر نه سيکاريو ويو آهي، جو هو پنهنجن پيرن تي بيهي پاڻ ڪمائي سگهن. ان کان علاوه خانگي ادارا به ايترا ڪي گهڻي انگ ۾ ڪونه آهن جو اهي سرڪار جي برابر ماڻهن کي روزگار مهيا ڪري سگهن.
اهڙين تڪليفن مشڪل مالي ۽ معاشي حالتن هوندي به سنڌ سرڪار نوجوانن جي لاءِ ڪوشش ڪري سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ روزگار جا ذريعا وقت بوقت پيدا ڪندي رهي آهي، اهو سندس فرض به آهي ته نوجوان باصلاحيت پڙهيل لکيل ماڻهن کي سرڪار جي ادارن ۾ ڀرتي ڪري نوڪريون ڏنيون وڃن. هن وقت سنڌ حڪومت صوبي جي مختلف سرڪاري کاتن ۾ گريڊ 5 کان 15 تائين آسامين تي نئين سر ڀرتيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جي لاءِ نئين سر ٽيسٽ ورتا ويندا ۽ ٽيسٽنگ جي ذميداري آءِ بي اي سکر کي ڏيڻ جي لاءِ سنڌ سرڪار ۽ آءِ بي اي سکر جي وچ ۾ معاهدو ٿي چڪو آهي. انهن آسامين تي ڀرتي لاءِ جيڪي ٽيسٽ ورتا ويندا آءِ بي اي جلد ئي ٽيسٽ وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. آءِ بي اي يونيورسٽي جي ترجمان مطابق ڀرتين لاءِ ٽيسٽ ٽن مرحلن ۾ ورتا ويندا. پهرين مرحلي ۾ ميٽرڪ پاس اميدوارن کان ٽيسٽ ورتا ويندا. ان کانپوءِ انٽر ميڊئيٽ اميدوارن جا ٽيسٽ ورتا ويندا ۽ ٽئين مرحلي ۾ گريجوئيٽ اميدوارن جي ٽيسٽنگ ڪئي ويندي. جنهن جا نتيجا ٽن سالن لاءِ (2028 تائين) قابل قبول هوندا. ٽيسٽ ايم سي ڪيوز تي ٻڌل هوندا. تمام سٺي ڳالهه آهي ته آءِ بي اي سکر اهو ٽيسٽ وٺندي ۽ نتيجا به ٽن سالن لاءِ قابل قبول هوندا، پر ٽن سالن تائين قابل قبول نتيجن واري ڳالهه هڪ قسم جو شڪ پيدا ٿي ڪري، ڇو ته توهان ٽيسٽ هميشه انهن آسامين لاءِ وٺندا آهيو جيڪي توهان وٽ خالي هونديون آهن ۽ هي ٽيسٽ لڳي ٿو ته شايد مستقبل ۾ پيدا ٿيندڙ آسامين جي به ڪم ايندو. آءِ بي اي سکر هڪ مستند ۽ باوقار ادارو آهي، اهو اڳ ۾ به مختلف ڀرتين جي لاءِ سنڌ حڪومت کي پنهنجي ٽيسٽنگ سروس مهيا ڪندو رهيو آهي ۽ اها هڪ سٺي روايت آهي ته جيڪي به ڀرتيون ٿين ٿيون چاهي اهي ننڍي گريڊ جون هجن يا ڪنهن وڏي گريڊ جون اهي ٽيسٽنگ جي ذريعي ٿين ٿيون، پر آءِ بي اي سکر جي ٽيسٽنگ تي ماضي ۾ ڪيترائي سواليه نشان به لڳل آهن ته ٽيسٽ پيپر صحيح نه ٺاهيا ويا هئا يا انهن جي نتيجن ۾ به ڦيرڦار ڪئي وئي هئي. اميد آهي ته هن دفعي ٽيسٽ پيپرز جيڪي ايم سي ڪيوز تي ٻڌل هوندا انهن جو نصاب اڳ ۾ ئي اميدوارن جي اڳيان پڌرو ڪيو ويندو. ٽيسٽ پيپر ڌيان سان ٺاهيا ويندا، ڪهڙن ڪتابن مان شاگرد تياري ڪري سگهن ٿا، ان جي باري ۾ به شاگردن کي ٻڌايو ويندو ته جيئن اميدوارن کي تياري ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ۽ آءِ بي اي سکر سوشل ميڊيا جي ذريعي ان اشتهار کي نوجوانن تائين وڌ کان وڌ رسائيندو ته جيئن ڪيترائي ضرورتمند ۽ نوڪرين جي لائق اميدوار ان ٽيسٽ ۾ حصو وٺي سگهن ته جيئن قابل نوجوان انهن نوڪرين جي لاءِ چونڊجي اچن. هينئر جن آسامين جي لاءِ آءِ بي اي جي ذريعي ٽيسٽ ورتا ويندا ان ۾ پوليس ڪانسٽيبل جون مختلف يونٽس ۾ مختلف پوزيشنون شامل آهن. ان کان علاوه سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ججن جي آفيسن جي لاءِ اسٽاف جي ڀرتي به شامل آهي.
جيڪڏهن نوجوانن کي وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي هجي ته اهي آءِ بي اي سکر جي آفيشل ويب سائيٽ(www.iba-suk.edu.pk) تي وڃي وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ کين اها ڄاڻ ملي سگهي ٿي ته ڪهڙين ڪهڙين نوڪرين جي لاءِ ٽيسٽ ورتا ويندا، ٽيسٽ ڪهڙين تاريخن تي ورتا ويندا، انهن جا رزلٽ ڪڏهن ڏنا ويندا اها سڄي معلومات کين ان ويب سائيٽ تان ملي سگهي ٿي. ان کان علاوه اميدوارن کي ان ڳالهه جو به خيال رکڻو پوندو ته ڇا اهي ان امتحان ۾ ويهڻ جي قابل آهن يا نه، انهن جي ڪواليفڪيشن ۾ تعليم، عمر ۽ مخصوص هنري سگهه شامل آهي، جيڪي اميدوار ڪواليفاءِ ڪن ٿا انهن کي درخواست ذريعي اپلاءِ ڪرڻو پوندو، جيڪا گهڻو ڪري هڪڙي آن لائين درخواست جو فارم ۽ في ٻڌايل هوندي آهي ان مطابق اهي فارم ڀري في جمع ڪرائي سگهن ٿا، جيڪي اميدوار ٽيسٽ جي لاءِ شارٽ لسٽ ٿيندا انهن کي گهربل معلومات جي ذريعي ٽيسٽ جي مرحلي مان گذرڻو پوندو. اميد آهي ته جيڪي به دلچسپي رکندڙ نوجوان هوندا اهي آءِ بي اي سکر جي اشتهارن تي ڪرڙي نظر رکندا ۽ پنهنجي اهليت جي مطابق آن لائين دخواست جمع ڪري اپلاءِ ڪرڻ جي پراسيس کي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ٽيسٽ جي تياري ڪري امتحان ۾ ويهندا ۽ ڪاميابي ماڻيندا.