وفاقي پارليامينٽ جيئن ته آئيني ترميمن جي لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي. انهيءَ ڪوشش ۾ هيستائين قومي اسيمبلي جا ميمبر ۽ سينيٽ جا ميمبر اهي ترميمون پاس نه ڪرائي سگهيا آهن، پر اهو صاف نظر اچي رهيو آهي ته سرڪاري بينچن تي ويٺل قومي اسيمبلي جا ميمبر ۽ سينيٽر آئيني ترميمون پاس ڪرائيندا. انهيءَ دوران سپريم ڪورٽ آف پاڪستان هڪ فيصلو ڏنو آهي جيڪو پارليامينٽ جي طاقت کي ظاهر ڪري ٿو.
پارليامينٽ جا ميمبر جيئن ته عوام جا منتخب نمائندا هجن ٿا ۽ انهن جي فرضن ۾ اهم فرض ملڪ لاءِ بهتر قانون سازي ڪرڻ آهي. سپريم ڪورٽ جو فيصلو به اسان جي نظر ۾ پارليامينٽ جو انهيءَ حق جي توثيق ڪري ٿو. انهيءَ فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ جي قانون سازي جو اختيار آئين ۾ ڏنل حدن جي تابع آهي. ان فيصلي ۾ وڌيڪ اهو به چيو ويو آهي ته پارليامينٽ اهڙي قانون سازي به ڪري سگهي ٿي جنهن جو اطلاق ماضيءَ جي معاملن سان هجي، پر اهو سڀ آئين سان مشروط آهي. سپريم ڪورٽ جو اهو تازو فيصلو جنهن جو پارليامينٽ جي قانون سازي جي اختيار سان سڌو سنئون واسطو آهي، انهيءَ کي 1973 جي آئين سان مشروط ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي دستور جي سلسلي ۾ عدالت ويجهي ماضيءَ ۾ مختلف تشريحون ڪندي رهي آهي، موجوده فيصلو جنهن کي سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه تحرير ڪيو آهي. موجوده وقت ۾ عدالت ۽ پارليامينٽ جي وچ ۾ موجود ڇڪتاڻ ملڪ ۾ نظام ۽ انصاف تي ڪيئي سوال اٿاريا آهن. جيڪڏهن ملڪي پارليامينٽ ۽ عدالت آئين جي تشريح ۾ هڪ راءِ ٿي وڃن ته ملڪ ۾ سياسي بي يقيني جو دور ختم ٿي وڃي. اڄڪلهه وفاقي سرڪار آئيني ترميمن جي هڪ پئڪيج جي منظوري تي ڪم ڪري رهي آهي. جنهن ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان متعلق اهم ترميمون شامل آهن ۽ ان سان گڏ آئيني عدالت جو قيام پڻ آهي. اسان جي ملڪ ۾ آئيني عدالت جو قيام ضروري آهي جو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو گهڻو وقت آئيني مسئلن تي فيصلا ڏيندي گذري ٿو. جيڪڏهن آئيني عدالت قائم ٿي وئي ته پوءِ عام ماڻهو لاءِ سپريم ڪورٽ مان انصاف تڪڙو ۽ يقيني ٿي پوندو. حڪومت گذريل پئڪيج ۾ 53 ترميمون آڻڻ چاهيون پئي. پهرين ترميم جيڪا ان مسودي ۾ هئي جيڪو پاس ٿي نه سگهيو، اها ڏاڍي سٺي ترميم آهي جيڪڏهن پاس ٿي پئي. اهو آئين جي آرٽيڪل 9 ۾ هڪ سٽ جو اضافو آهي “صاف ماحول هر فرد جو بنيادي حق”. ايئن 53 ترميمون ماڻهو، ماحول ۽ انتظام ۽ قانون سال لاڳاپيل آهن. نيون ترميمون جيڪي اڃان پاس ٿيڻيون آهن انهن ۾ زياده تر آئيني عدالت جي متعلق آهن. دنيا جيئن ته بدلجي رهي آهي، انهن ترميمن جو مسودو جيڪو ظاهر ٿيو آهي جڏهن ته اهو اڃان منظور نه ٿيو آهي، انهيءَ ۾ هڪ ترميم نئين دور ۽ نئين ترقي يافته دور جي نمائندگي ڪري ٿي. 1973 لڳي ٿو ته پراڻو زمانو هو. هڪ ترميم جيڪا آرٽيڪل 259 ۾ ٿيڻي هئي اها هيءَ هئي ته: صدارتي ايوارڊس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي دوائون، آرٽس ۽ پبلڪ سروس جو اضافو. لڳي ٿو ته پارليامينٽ انهيءَ ترميمن جي مسودي تي گهڻي محنت ڪئي هئي.
اسان وٽ الميو اهو آهي ته ادارا هڪٻئي سان ويڙهه ۾ مشغول آهن ۽ هرڪو پنهنجي اهميت لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو. ملڪ جي ماڻهن لاءِ سوچجي، ملڪ جي مستقبل متعلق سوچجي اهو نٿو ٿئي. اسين ملڪ جي سڀني آئيني ادارن جي عزت ڪريون ٿا ۽ اسين ۽ پاڪستان جو سمورو عوام ملڪ جي وفاقي پارليامينٽ، صوبائي اسيمبلين، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، هاءِ ڪورٽس آف پاڪستان، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي عزت ڪريون ٿا ۽ انهن مان اميد ٿا ڪريون ته اهي عام ماڻهو جي ڀلائي لاءِ قانون سازيون ڪن ۽ انصاف جو حصول عام ماڻهو لاءِ سولو ٿي پئي اسان کي اهڙو ملڪ گهرجي ٿو.