نهايت ئي افسوس سان اها ڳالهه لکڻي ٿي پوي ته ٻولهاڙيءَ جي ڪڻڪ جي گودام مان 64 هزار 4 سئو 83 ڪڻڪ جي ٻورين جي چوري ٿيڻ واقعي کانپوءِ سنڌ تيرنهن ڏينهن اندر لاڙڪاڻي ڊويزن ۽ شهيد بينظيرآباد ڊويزن جي ٽن ضلعن جي سرڪاري گودامن مان 9 لک ڪڻڪ جون ٻوريون غائب ٿيڻ جي خبر ملي ٿي. خبرن مطابق سانگهڙ مان ساڍا 57 هزار، شهيد بينظيرآباد مان 46 هزار، نوشهروفيروز مان 50 هزار، لاڙڪاڻي مان هڪ لک 33 هزار، قمبر شهدادڪوٽ مان 4 لک 69 هزار 562 ۽ جيڪب آباد مان 19 هزار ٻوريون غائب ٿيون. جڏهن ته ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي مان هڪ لک 56 هزار 600 ۽ شڪارپور مان 11 هزار 702 ٻوريون لاپتا ٿيون آهن. خبرن موجب لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ڪڻڪ جون 8 لک ٻوريون غائب ڪرڻ ۾ پنجن عملدارن کي ذميوار قرار ڏنو ويو آهي. حيرت جي ڳالهه آهي ته اسان جي سنڌ حڪومت وٽ سنڌ جي کاڌ خوراڪ لاءِ رکيل ڪڻڪ جي حفاظت لاءِ ڪي به جوڳا بندوبست ٿيل نه آهن يا انهن گودامن کي ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال سان محفوظ نه بڻايو ويو آهي. هڪ يا ٻه ٻوريون چوري ٿيڻ ته سمجهه ۾ اچي ٿو، پر 9 لک ٻوريون ڪٿي غائب ٿيون، ڪيئن کڄي ويون، انهن جي ٽرانسپورٽيشن ڪيئن ٿي، انهن کي ڪٿي رکيو ويو، انهن کي ڪيئن لڪائي ذخيرو ڪيو ويو؟ اهي سڀئي سوال آهن جيڪي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگيءَ مٿان اٿن ٿا.
اڃان تائين ته ٻولهاڙي ڪڻڪ جي گودام وارو ڪيس ئي هڪ پاسي نه ٿيو آهي ته 13 ڏينهن اندر سنڌ جي عوام جي کاڌ خوراڪ لاءِ رکيل ذخيري مان 9 لک ٻوريون کاٽ هڻي غائب ڪيون ويون آهن. ان جي ذميوار سنئين سڌي سنڌ حڪومت آهي. ڇا سنڌ حڪومت انهن گودامن جي حفاظت جي لاءِ چوڪيدار رکڻ بجاءِ ڌاڙيلن جي گروهن کي اتي ويهاريو آهي جن کي پگهار کڻڻ کانپوءِ اهو حق به ڏنو ويو آهي ته اهي گودامن تي ڌاڙا هڻندا ۽ پوءِ انهن کي سزائون نه ملنديون ۽ اهو عمل مستقل ٿيندو رهندو. سنڌ حڪومت ڪاميٽي ٺاهي سرڪاري گودامن تان ڪڻڪ جي چوري ٿيڻ جي تصديق ڪرڻ کان وڌيڪ شايد ٻيو ڪو قدم کڻڻ لائق نه رهي آهي. اهوئي سبب آهي جو 64 هزار 4 سئو 83 ٻورين کانپوءِ 13 ڏينهن اندر 9 لک ٻوريون ٻن ڊويزنن مان غائب ٿين ٿيون، ممڪن آهي ته 10 ڏينهن کان يا 15 ڏينهن کانپوءِ اسان ان انگ ۾ اضافو ڏسندي اها خبر پڙهون ته مختلف ٻين گودامن مان 20 لک ٻوريون غائب ٿي ويون، ان جو الزام ڪنهن کي ڏنو وڃي ان جي ذميداري ڪنهن جي ڪلهن تي رکي وڃي. هتي نه صرف ڪڻڪ چوري ٿيندي رهي ٿي، پر عوام جي زمين، عوام جا ٻيلا، عوام جو پاڻي، عوام جا اسڪول، عوام جا فنڊ تمام خوبصورتي سان چوري ٿيندا رهن ٿا. جنهن جي لاءِ ذميداري کڻڻ وارو اسان کي ڪوبه ادارو، ڪوبه شخص، ڪوبه سيڪريٽري، ڪوبه اهلڪار نظر نٿو اچي. عدالتون به اهڙن ڏوهارين کي سزائون ڏيڻ بدران ضمانتون ڏئي آزاد ڪري ڇڏين ٿيون. جڏهن اهڙي صورتحال هجي ته پوءِ عوام پنهنجي صوبي اندر بهتر مستقبل جي اميد ڪيئن رکي سگهي ٿو. ان سڄي چوري جو نتيجو عوام جي ماني مهانگي ٿيڻ جي صورت ۾ ئي نڪرندو ۽ عوام جي ٽيڪسن مان ورتل پئسن مان ڪڻڪ عوام کي مهانگي ڪري وڪرو ڪري ڏني ويندي. ائين ٿو لڳي ته اسان جي اهلڪارن وٽ نه قانون جو خوف آهي ۽ نه ئي انهن جي ڪا اخلاقيات آهي. انهن کي ان ڳالهه کي نه وسارڻ گهرجي ته عوام جي صبر جي به ڪا حد ٿي سگهي ٿي.
اهو ممڪن ئي ناهي ته انهن وڏن گودامن تائين ڪو عام چور يا اتي جا چوڪيدار ايتري وڏي چوري ڪري سگهن. ڇو ته ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرول جنهن جو ڪم روزانو جي بنياد تي اسٽاڪ جي جاچ پڙتال ڪرڻ هوندو آهي ۽ اهي ئي ڪڻڪ جي ذخيرن جي حفاظت جا ذميدار به هوندا آهن. هن وقت ٽيڪنالاجي پنهنجي عروج تي آهي دنيا خلا ۾ تفريحي مقام ٺاهڻ لاءِ پلاننگ ڪري رهي آهي. شفافيت کي تمام باريڪيءَ سان يقيني بنائڻ هاڻي ممڪن هجڻ کان سئو سيڪڙو يقيني ٿي ويو آهي. اهڙي وقت ۾ حڪومت جي گودامن مان ڪڻڪ جو غائب ٿيڻ حڪومت جي اندر ويٺل ڪرپٽ آفيسرن، ڪرپٽ نظام ۽ حڪومت جي پنهنجي مرضي نه هجڻ کي وائکو ٿي ڪري. حڪومت چاهي ته جديد طريقا استعمال ڪري پنهنجي ڪڻڪ جي ذخيرن جي حفاظت ڪري سگهي ٿي. حڪومت چاهي ته ريڊيو فريڪوئنسي آئڊنٽي فڪيشن (RFID) جو سهارو وٺي هر ٻوريءَ تي هڪ مخصوص آر ايف آءِ ڊي چپ يا ٽيگ لڳائي سگهي ٿي، جنهن جو اهو فائدو ٿيندو ته ٻوري گودام مان ٻاهر نڪرندي يا اندر ايندي ته سينسر پاڻمرادو ان جو رڪارڊ ڪمپيوٽر ۾ داخل ڪري ڇڏيندا. ان کان علاوه بلاڪ چين ٽيڪنالاجي جيڪا هن وقت دنيا ۾ تمام گهڻي مقبول ٿي رهي آهي ۽ شفافيت لاءِ هڪ اهم ٽول جي طور تي استعمال ٿي رهي آهي، ان جي ذريعي ٻورين جي داخلا ڪرڻ کانپوءِ ڪوبه آفيسر ان جي مٽا سٽا نٿو ڪري سگهي. ان کان علاوه سمارٽ گودام ۽ انٽرنيٽ آف ٿنگز جا سينسر لڳائي سگهجن ٿا، جنهن ۾ ٻورين جو وزن گودام جي فرش هيٺ لڳل مشينن ذريعي ٿيندو آهي جتان نه ڪا ٻوري غائب ٿي سگهي ٿي ۽ نه ئي ٻورين مان ڪڻڪ ڪڍي وڪرو ڪري سگهجي ٿي. ٻنهي صورتن ۾ فورن هيڊ آفيس ۾ الارم وڄڻ شروع ٿي ويندا. سي سي ٽي وي ڪئمرائن سان گڏوگڏ آرٽيفيشل انٽيليجنس وارا ڪئمرا شڪي حرڪت ڪرڻ وارن کي سڃاڻي سگهن ٿا. ٽيڪنالاجي حيرت انگيز طور تي حڪومت سنڌ کي بدنامي کان بچائي سگهي ٿي، جنهن ۾ ڊجيٽل اينٽري مئنيجمينٽ سسٽم (DIMS) تحت هڪ ڊيش بورڊ قائم ڪري سگهجي ٿو، جتي سنڌ جي سمورن گودامن جو رڪارڊ لائيو هجي. جيڪڏهن شهيد بينظير آباد جي گودام مان ڪڻڪ نڪري ته ڪراچي ۾ ويٺل سيڪريٽري فوڊ کي خبر پئجي وڃي ته اها ڪهڙي پاسي کڄي وڃي رهي آهي. ان نظام تحت خريداري کانپوءِ ان ڳالهه جي پڪ ڪئي ويندي آهي ته اصل هاريءَ کي پئسا مليا جنهن جي بايو ميٽرڪ ڪئي ويندي آهي، جي پي ايس جي ذريعي گودام ڏانهن ڪڻڪ وڃڻ وقت ٽريڪنگ ڪئي ويندي آهي، ٻورين جي ڳڻپ کي پاڻمرادو ۽ درست بنائڻ لاءِ (RFID) يا QR ڪوڊ لڳايو ويندو آهي، بدعنواني جي امڪان کي ختم ڪرڻ لاءِ سينٽرل مانيٽرنگ سسٽم موجود هوندو آهي. جيڪڏهن حڪومت جي نيت صاف هجي ته صرف ان ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعي پوري نظام کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو، جتي ڪڻڪ جي گودامن کي بنا فوڊ انسپيڪٽرن جي انسپيڪشن ۽ چوڪيدارن جي چوڪيداريءَ کانسواءِ مڪمل طور تي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو. هن وقت اها ٽيڪنالاجي چين، ڀارت، آمريڪا، ڪئناڊا، برازيل ۽ آسٽريليا جهڙا ملڪ خودڪار لوڊنگ سسٽم ۽ سمارٽ مانيٽرنگ سينسر سسٽم استعمال ڪري فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن حڪومت جلد ئي اهڙو قدم نٿي کڻي ته پوءِ ايئن سمجهيو ويندو ته حڪومت به ان چوريءَ جي بينيفشري آهي.