روزو اسلام جي پنج فرض رڪنن مان هڪ تمام اهم رڪن آهي. جنهن جو تعلق سڌو سنئون انسان جي روحاني ۽ جسماني صحت سان آهي. اها ڳالهه ڄاڻڻ به ضروري آهي ته روزي جو تصور اسلام کان هزارين سال اڳ جو آهي. قديم مصري پنهنجي مذهبي ڏينهن ۽ خوشيءَ جي موقعن تي روزا رکندا هئا ته جيئن روح کي پاڪ ڪري سگهن. يوناني ۽ رومي فلسفي سقراط ۽ افلاطون جسماني صحت ۽ ذهن کي تيز ڪرڻ لاءِ روزي رکڻ جا قائل هئا. حضرت موسيٰ عليه السلام جي شريعت ۾ “يومِ ڪپور” جو روزو سڀ کان اهم آهي ۽ اهو سڀ کان ڊگهو روزو هوندو آهي. يومِ ڪپور جو بنيادي مقصد گذريل سال جي گناهن جي معافي ۽ روح جي پاڪيزگي حاصل ڪرڻ آهي. ان کان علاوه به ٻيا روزا رکيا ويندا آهن.
جڏهن ته عيسائيت ۾ 40 روزا رکيا ويندا آهن ۽ انهن جو مقصد به توبهه ڪرڻ ۽ پنهنجي نفس کي حضرت عيسيٰ عليه السلام جي تڪليفن سان ڳنڍڻ آهي. اڄڪلهه عيسائيت ۾ ڊجيٽل فاسٽنگ جو رجحان به وڌي رهيو آهي، جنهن ۾ روزي دوران موبائل فون ۽ انٽرنيٽ کان پرهيز ڪيو ويندو آهي ته جيئن اهي پنهنجو وقت عبادت ۽ خاندان کي ڏئي سگهن. اسلامي روزو فجر جي اذان اچڻ تي بند ڪيو ويندو آهي ۽ مغرب جي اذان اچڻ تي کوليو ويندو آهي. ان جي وچ ۾ هڪ مسلمان روزيدار لاءِ کائڻ پيئڻ جي پابندي آهي. گڏوگڏ نفس تي ضابطو، عبادتون ڪرڻ ۽ همدرديءَ جي احساس کي اجاڳر ڪرڻ انتهائي اهم آهن. اسلامي روزي جو بنيادي مقصد سائنسي اصولن تحت گهٽ کائڻ ۽ پنهنجي روحاني طاقتن کي بيدار ڪرڻ آهي. هاڻي سائنس به ان ڳالهه کي تجربن جي بنياد تي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته انسان جڏهن گهڻي خوراڪ کائي ٿو ته انساني ذهن جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت گهٽجي وڃي ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ انسان جي جسم جا اندروني عضوا جن ۾ خاص طور تي جگر، معدو ۽ انساني خون گدلاڻ جو شڪار ٿي وڃن ٿا. روزو انهن جي صفائيءَ جو تمام اهم طريقو آهي. هر مذهب ۾ روزي کي هڪ خاص روحاني مقصد جي حصول لاءِ رکيو ويو آهي ته جيئن هر مذهب جو مڃيندڙ پنهنجي عقيدي مطابق پاڻ کي فطرت سان ڳنڍي سگهي. ان لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته قديم دور جو انسان ايترو عاقل ۽ باشعور هو جو ان کي گهڻي کاڌي ۽ خوراڪ جي نقصانن جو اندازو هو، جنهن لاءِ انهن روزن جون رسمون ٺاهيون ۽ کاڌي پيتي تي ضابطو رکيو.
سال 2016ع ۾ هڪ جاپاني سائنسدان کي سندس تحقيق تي نوبيل انعام مليو جنهن ۾ هن ثابت ڪيو ته جڏهن انسان بکيو رهي ٿو ته جسم جا صحتمند گهرڙا جسم جي بيمار گهرڙن کي کائڻ شروع ڪندا آهن، جنهن کي Autophagy چيو وڃي ٿو، پر افسوس جي ڳالهه آهي ته هن وقت اسان روزي جي فلاسافيءَ جي ابتڙ عمل ڪري رهيا آهيون. هينئر عام طور تي رمضان جي مهيني ۾ روزي دوران عام ڏينهن کان وڌيڪ کائڻ ۽ پيئڻ جو اهتمام ڪيو وڃي ٿو، سڻڀيون ۽ تريل شيون کاڌي ۾ وڌيڪ شامل ٿين ٿيون، ڪاربو هائيڊريٽس تي مشتمل کاڌو وڌيڪ کائجي ٿو. ان کانسواءِ مختلف مٺا شربت جن ۾ کنڊ جو مقدار گهڻو هوندو آهي، افطاري ۾ شامل هوندا آهن. جنهن جي پيئڻ سان جسم جي اندروني نظام مٿان هڪ وڏو حملو ٿئي ٿو، جيڪو روزي جي عبادت واري فلسفي جي ابتڙ آهي. شايد ان جو سبب بنا سوچ ۽ سمجهه جي روزو رکڻ آهي. ضروري آهي ته پنهنجي گهر ۽ گهروارن کي روزي جو فلسفو سيکارڻ جي ٻيهر ڪوشش ڪجي. روزي اندر کاڌي پيتي ۾ سادگي ۽ کاڌي ۾ توازن ۽ جسماني آرام ٽي اهم عنصر آهن. روزو رکڻ وقت تمام سادو کاڌو کائي روزو رکڻ سان انسان جي بيمارين سان مقابلي ڪرڻ جي سگهه ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ سڄو ڏينهن روزيدار کي پنهنجو پاڻ هلڪو ڦلڪو محسوس ٿئي ٿو. جڏهن ته ڳرو کاڌو کائڻ سان پيٽ ۾ گئسون ٺهن ٿيون ۽ پورو ڏينهن جسم ڳرو رهي ٿو ۽ ان کانپوءِ وري شام جو تمام ڳري افطاري انساني جسم جي اندروني عضون کي هڪدم ٿڪائي ڇڏي ٿي. جنهن سان جسم اندر گلوڪوز جو توازن بگڙي وڃي ٿو. اسان ان مهيني کي جيڪڏهن نظم ۽ ضبط ۽ سائنسي اصولن سان گذاريون جيڪو اسان جو دين به سيکاري ٿو ته تمام گهڻا فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا ۽ اسان پنهنجي روحاني ۽ جسماني صحت بهتر ڪري سگهون ٿا. ان لاءِ اسان کي تريل شيون، کنڊ ۽ تمام مصالحيدار کاڌا کائڻ بجاءِ سادو کاڌو ۽ سادو پاڻي پيئڻو پوندو. جگر جي صفائيءَ لاءِ کنڊ بنا، ليمي جو شربت صحت لاءِ بهتر آهي. روزي ذريعي اسين پنهنجي جسم جي اندر جمع ٿيل زهريلن مادن کي ٻاهر ڪڍي سگهون ٿا، مطلب ته پنهنجي جسم کي Detox ڪري سگهون ٿا. هن وقت عيسائي مذهب جي مڃيندڙن ۾ ڊجيٽل فاسٽنگ جو رجحان وڌي رهيو آهي. اسان کي به ساڳئي طريقي سان روحاني ڊي ٽاڪس جي ضرورت آهي، مطلب ته پنهنجي ڪاوڙ ۽ ٻين خراب عادتن جنهن ۾ ڪوڙ ۽ غيبت شامل آهن انهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي ته جيئن هن مهيني جي برڪتن کي وڌيڪ ميڙي سگهون. جيڪڏهن هن مهيني ۾ اسان پنهنجي کاڌي پيتي ۽ مزاج ۾ توازن قائم ڪيو ته هي مهينو اسان لاءِ واقعي بابرڪت ثابت ٿي سگهي ٿو.