ايڊيٽوريلنئون

فرانس جي لوور ميوزيم مان اٺ نادر شيون چوري

پيرس جي مشهور لوور ميوزيم مان 19 آڪٽوبر 2025 تي اٺ ناياب شاهي زيور چوري ٿي ويا. پوليس ڌاڙيلن جي تلاش ڪري رهي آهي. هيءَ واردات شهر جي وچ ۾ واقع دنيا جي سڀ کان مشهور ۽ وڏي ميوزيم مان ڏينهن ڏٺي جو ٿي. خبر رسائيندڙ اداري ‘اي ايف پي’ جي رپورٽ مطابق اتان جي اداري جي سنڀاليندڙ اسٽاف جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته 60 تفتيش ڪارن تي ٻڌل هڪ ٽيم ان ڏس ۾ ڪم ڪري رهي آهي ته ڏينهن ڏٺي هي ڌاڙو هڪ منظم ڏوهاري گروهه منصوبابندي سان سرانجام ڏنو آهي.

هن واقعي فرانس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ميوزمن اندر حفاظتي انتظامن جي کوٽ تي بحث شروع ڪري ڇڏيو آهي. نئين وزير داخلا لوران نيونيز به حڪومتي ڪمزوريءَ جو اعتراف ڪيو آهي. اهو واقعو آچر جي صبح ميوزيم کلڻ کان تقريبن اڌ ڪلاڪ کانپوءِ 9 لڳي 30 منٽن کان 9 لڳي 40 منٽن جي وچ ۾ ٿيو. ان گروهه هڪ فريٽ لفٽ جي ذريعي اپولو گيلري تائين رسائي حاصل ڪئي، جتي شاهي زيور رکيل هئا. فرانسيسي وزارت ثقافت مطابق اٺ تمام قيمتي شاهي زيور چوري ڪيا ويا، انهن ۾ هڪ زمرد ۽ هيرن سان جڙيل اهو هار به شامل آهي، جيڪو نيپولين پنهنجي زال ايمپرس ميري لوئس کي تحفي ۾ ڏنو هو.

فرانس جي گهرو وزير مطابق جيتوڻيڪ چورن ڏاڍي تيزي ۽ رٿابندي سان اهو ڪم ڪيو، پر جڏهن هنن ڊسپلي ڪيس کوليا ته خطري جي گهنٽي وڄي وئي، ميوزيم جي سيڪيورٽي اتي پهچي هڪدم مداخلت ڪئي ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو، پر چور چئن کان ستن منٽن اندر زيور کڻي فرار ٿي ويا. هيستائين تحقيق جي بنياد تي پوليس اهو پڪ سان نٿي ٻڌائي سگهي ته ميوزيم جو ڪو اسٽاف ميمبر ان واردات ۾ شامل هو يا نه، پر تنهن هوندي به ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي. چور چئن منٽن کان ستن منٽن جي اندر وڏي چوري ڪري ايتري تيزيءَ سان ڪارروائي صرف ان وقت ئي ڪري سگهن ٿا، جڏهن کين مڪمل معلومات حاصل هجي ته ڪهڙي جاءِ تي حملو ڪرڻو آهي ۽ ڪهڙو رستو اختيار ڪري نڪرڻو آهي. چورن ان ڳالهه جو فائدو ورتو ته هڪ فريٽ لفٽ استعمال ڪئي جيڪا ميوزيم جي هڪ حصي ۾ اڏاوت لاءِ استعمال ٿي رهي هئي.

لڳي ٿو ته چورن کي ميوزيم جي بناوت ۽ ڪمزورين جو پورو علم هو. پوليس هن وقت سي سي ٽي وي فوٽيج جو جائزو وٺي رهي آهي ۽ اسٽاف سميت ٻين ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪري رهي آهي ته جيئن اها پڪ ٿي سگهي ته ڇا هي صرف پروفيشنل چورن جو ڪم هو يا ان ۾ ڪنهن اندروني ماڻهو جي مدد به شامل هئي؟ ان کان اڳ وڏن آرٽ جي فن پارن جي چورين ۾ اڪثر اهو ڏٺو ويو آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح اندروني ماڻهو جي مدد ضرور شامل رهي آهي.

هن واقعي کانپوءِ فرانس جي حڪومت مٿان سخت تنقيد ٿي رهي آهي. فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون ان چوري کي ملڪ جي تاريخ ۽ ورثي تي حملو قرار ڏنو آهي. فرانس جو لوور ميوزيم دنيا جو سڀ کان وڏو آرٽ ميوزيم آهي. ان جي نمائش لاءِ کليل جاءِ 72,735 چورس ميٽر کان به وڌيڪ آهي. هي ميوزيم هڪ تاريخي محل ۾ آهي، جنهن جي ڪل ايراضي 360,000 چورس ميٽرن کان وڌيڪ آهي. هر سال لوور ميوزيم ۾ اچڻ وارن سياحن جو تعداد عام طور تي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ هوندو آهي. هتي هر سال لڳ ڀڳ 8 کان 9 ملين (80 کان 90 لک) ماڻهو گهمڻ ايندا آهن. هي ميوزيم فرانس جي معيشت ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. فرانس هر سال هن ميوزيم مان ڪروڙين يورو ڪمائي ٿو. هي هڪ قسم جو چقمق آهي جيڪو سڄي دنيا مان ماڻهن کي ڇڪي اچي ٿو ۽ ان جي آڌار تي فرانس جا ٻيا ڪيترائي واپار وڌن ۽ ويجهن ٿا. هوٽل، ٽرانسپورٽ، قومي برانڊنگ، ٽيڪسي، ميٽرو اهي سڀ سياحت جي ڪري ئي وڌن ۽ ويجهن ٿا.

هن واقعي کانپوءِ يقينن سياحن جي ڳڻتيءَ ۾ اضافو ٿيندو ته لوور ميوزيم جهڙي عالمي ورثي جهڙي ماڳ کي صحيح تحفظ فراهم نه آهي. ماڻهن جي اندر خوف ۽ حراس پيدا ٿيندو. ان کان علاوه انهن کي حڪومت پاران کنيل قدمن تي هميشه شڪ رهندو. هاڻي حڪومت کي ميوزيم ۾ هڪ وڌيڪ جديد ۽ محفوظ حفاظتي نظام لڳائڻو پوندو ۽ ان ڳالهه کي سڄي دنيا ۾ مشهور ڪرڻو پوندو ته ميوزيم مڪمل طور تي محفوظ آهي. ان کان علاوه ان ڳالهه جي به ضرورت آهي ته انهن ڌاڙيلن جي پٺيان وڃي انهن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ چوري ٿيل زيور موٽايا وڃن ته جيئن سياحن جو ڀروسو بحال ٿي سگهي ته هو جيڪي شيون ڏسڻ آيا آهن اهي اصلي آهن ۽ انهن جي حفاظت جي لاءِ فرانس جي حڪومت ڀرپور حفاظتي انتظام ڪيا آهن.