ايڊيٽوريلنئون

“هولي ويڪ” ۽ “ايسٽر” دوران امتحان وٺڻ تي پابندي، سنڌ سرڪار جو مذهبي رواداريءَ طرف اهم قدم

سنڌ هميشه کان مذهبي رواداري ۽ ڀائپيءَ جو مرڪز رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ڌرتيءَ تي هميشه مختلف مذهبن جا پوئلڳ ۽ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو هڪٻئي سان رواداري ۽ هم آهنگيءَ سان صدين تائين رهندا آيا آهن. سنڌ حڪومت ان روايت کي برقرار رکندي هولي ويڪ ۽ ايسٽر دوران سمورن تعليمي بورڊن کي 2 کان 6 اپريل 2026 تائين ڪوبه پيپر نه وٺڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ مسيحي برادريءَ سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو آهي. صوبائي وزير اسماعيل راهو جي چوڻ مطابق وڏي وزير سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول ڪراچيءَ جي پرنسپال جي درخواست تي اهو فيصلو ڪيو آهي. هولي ويڪ يا مقدس هفتو اهي ڏينهن آهن جنهن ۾ “پام سنڊي” جنهن ڏينهن حضرت عيسيٰ عليه السلام يروشلم ۾ داخل ٿيو هو، ان کانپوءِ مونڊي، ٿرسڊي انهن ڏينهن تي پاڻ پنهنجن ساٿين سان آخري ماني کاڌي، جنهن کي “لاسٽ سَپر” چيو وڃي ٿو. ان کانپوءِ “گڊ فرائيڊي” مسيحي عقيدي موجب اهو ڏينهن آهي جڏهن حضرت عيسيٰ عليه السلام کي صليب تي چاڙهيو ويو، جنهن کي عيسائي ڀائر وڏي احترام ۽ دعائن سان ملهائيندا آهن ۽ “ايسٽر” مسيحي برادريءَ لاءِ اهو خوشيءَ جو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن حضرت عيسيٰ عليه السلام ٻيهر زنده ٿي اڳيان آيو. اهو سڄو هفتو عيسائي برادريءَ لاءِ مذهبي طور اهم هفتو آهي. ڪليسائن ۾ دعائون گهريون وينديون آهن، نوان ڪپڙا پاتا ويندا آهن. سنڌ حڪومت جو مسيحي برادريءَ سان يڪجهتيءَ وارو اظهار هڪ تمام احسن قدم آهي، جيڪو يقينن سنڌي سماج کي اڃان وڌيڪ رواداريءَ طرف مائل ڪندو.

هونئن به هن وقت پوري پاڪستان کي پنهنجين اقليتي برادرين لاءِ مذهبي هم آهنگي، ثقافتي رواداري ۽ محبت جي ضرورت آهي. ڇو ته اهي سڀ پاڪستاني آهن، انهن جي ڌار عقيدن جو اسان سڀني کي احترام ڪندي انهن لاءِ پنهنجين دلين کي هميشه ڪشادو رکڻ گهرجي. جڏهن ڪنهن به سماج ۾ گڏجي رهڻ جو رجحان وڌندو آهي، مختلف عقيدن ۽ ثقافتن لاءِ احترام پيدا ٿيندو آهي، تڏهن ئي اهو معاشرو مهذب سڏرائبو آهي. ان رويي سان معاشري اندر هڪ طاقت پيدا ٿيندي آهي ۽ اهي سڀ ماڻهو مختلف هوندي به انسانيت جي رشتي ۾ مضبوطيءَ سان ڳنڍيل هوندا آهن. پيپلزپارٽي هڪ ترقي پسند سوچ رکڻ واري سياسي پارٽي آهي، جنهن جي اندر عورتن، ٻارن ۽ اقليتن کي هميشه عزت جي نگاهه سان ڏسڻ ۽ انهن لاءِ پاليسيون ٺاهڻ جو رجحان وڌيڪ نظر اچي ٿو. ان ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته پيپلزپارٽي کي پنهنجن ٻين معاملن کي اڃان تمام گهڻو بهتر ڪرڻ ۽ سڌارڻ جي ضرورت آهي. ان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته هن وقت پاڪستان پيپلزپارٽي اها واحد جماعت آهي، جيڪا ترقي پسند پارٽي آهي. سنڌ سرڪار جي ان رواداريءَ جو پيغام عالمي سطح تائين پهچندو. ڇو ته هن وقت پاڪستان لاءِ دنيا ۾ هڪ انتها پسند رياست وارو تاثر موجود آهي. ان ۾ ڪو وڌاءُ به ناهي ته ماضيءَ ۾ بلڪه تازن ڪجهه گذريل سالن دوران اقيليتن خلاف ٿيندڙ واقعن نوجوان نياڻين کي اغوا کانپوءِ زبردستي مذهب تبديل ڪرائي شاديون ڪرائڻ جهڙن معاملن سبب نه صرف سنڌ، پر پوري ملڪ تي آڱريون کڄي رهيون آهن. اهڙي وقت ۾ سنڌ حڪومت جو اهو رواداريءَ وارو عملي قدم پاڪستان جي “نظرياتي شفٽ” جو هڪ وڏو پيغام آهي. هونئن به پاڪستان کي تبديل ٿيڻ جي اشد ضرورت آهي. انتهاپسندي سان ڪوبه ملڪ پنهنجو وجود براقرر نٿو رکي سگهي، نه ئي معاشي ترقي حاصل ڪري سگهي ٿو. افغانستان ان جو زنده مثال آهي. هينئر سعودي عرب پاڻ کي نظرياتي طور تبديل ڪري رهيو آهي. پنهنجي ملڪ کي سياحت، تفريح ۽ سيڙپڪاريءَ جو مرڪز بنائڻ لاءِ هن اهو يقين ڏيارڻ جي عملي ڪوشش ڪئي آهي ته سعودي عرب هاڻي رياستي سطح تي مذهبي اقليتن جي ڏڻن ۽ انهن جي روز مره جي زندگيءَ جي معاملن، معاشي رابطن لاءِ نرمي رکي ٿو. هاڻي اسان کي به پنهنجي اندر تبديلي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان کي مذهبي شدت پسندي يا مذهب تي وڌيڪ زور ڏيڻ بجاءِ معاشي رابطن تي پنهنجون پاليسيون ٺاهڻ گهرجن. سعودي عرب هڪ بادشاهت آهي اتي چند ماڻهن جو فيصلو هڪدم لاڳو ٿي وڃي ٿو، پر پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي ان اندر سماجي مزاحمت موجود هوندي آهي، پر عوام هميشه رواداري، محبت ۽ گڏجي رهڻ چاهي ٿو.

ڇو ته اسان جي خطي ۾ سوين سالن کان مسلمان، ٻڌ، سک، هندو ڌرم سان تعلق رکندڙ، سناٿن مذهب جا ماڻهو، جين ڌرم جا پوئلڳ، ننڍي کنڊ ۾ گڏجي رهندا آيا آهيون. انگريز دور کانپوءِ اسان کي ڌار ڌار خانن ۾ ورهايو ويو ۽ اسان کي سياست جي لاءِ استعمال ڪيو ويو. اسان کي ڌار ڌار اسڪرپٽ ڏنا ويا ۽ اسان جي ذهن سازي ڪري هڪٻئي سان ويڙهايو ويو ۽ اهو ڪم پاڪستان ۽ ڀارت جي ڌار ٿيڻ کانپوءِ به اڃان تائين جاري آهي. هينئر به اسان کي لساني ۽ گروهي بنيادن تي هڪٻئي کان ڌار ڪرڻ جي سازش سٽي پئي وڃي. اهڙي وقت ۾ سنڌ حڪومت جو ايڏو سمجهه ڀريو ۽ رواداريءَ وارو قدم جيڪو ڏسڻ ۾ ته تمام ننڍڙو ۽ نرم ٿو اچي، پر معاشري کي تبديل ڪرڻ لاءِ ان جا اثر تمام گهرا نظر ايندا.