ايڊيٽوريلنئون

موبائل والٽ ۽ ڊجيٽل بينڪنگ صارفن لاءِ اسٽيٽ بينڪ جا نوان ضابطا نافذ

جن شهرين اڃان تائين پنهنجي ڊجيٽل بينڪ اڪائونٽن ۽ موبائل والٽس لاءِ بايوميٽرڪ تصديق مڪمل نه ڪئي آهي، انهن کي 25 آڪٽوبر کان سروس ۾ ڏکائيون پيش اچي سگهن ٿيون. ڇو ته اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان طرفان متعارف ڪرايل نوان اصول ۽ ضابطا عمل ۾ اچي رهيا آهن. اهي ضابطا بي پي آر ڊي سرڪلر نمبر-1 آف 2025 جي ذريعي جاري ڪيا ويا آهن، جن جي تحت اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي دائري هيٺ ايندڙ سڀني ادارن کي اڪائونٽ کولڻ ۽ صارفين جي اندراج واري عمل کي منظم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جنهن ۾ بينڪون، ڊولپمينٽ فنانس انسٽيٽيوٽ، مائيڪرو فنانس بينڪون، ڊجيٽل بينڪون ۽ اليڪٽرانڪ مني انسٽيٽيوٽ شامل آهن. اهو نئون ضابطو سڀني اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي ريگيوليٽري ادارن يعني بينڪن، ايم ايف ڊيز، ڊي ايف آئيز، ڊجيٽل بينڪن ۽ اِي ايم آئيز تي لاڳو ٿيندو. نئين فريم ورڪ اڪائونٽ کولڻ لاءِ هڪ جامع طريقيڪار لازمي قرار ڏنو ويو آهي. ان لاءِ چاهي صارف برانچ ۾ وڃي اڪائونٽ کولرائي يا آن لائين.

سال 2022ع ۾ جاري ڪيل گذريل فريم ورڪ ۾ نادرا جي ذريعي شناخت جي تصديق جي اجازت هئي. جڏهن ته بايو ميٽرڪ جي تصديق 60 ڏينهن اندر مڪمل ڪرڻ لازمي هئي، پر هاڻي 2025 جي نئين فرم ورڪ بايو ميٽرڪ تصديق بنيادي طريقو بڻجي وئي آهي. اهو ڊجيٽل اڪائونٽ يا والٽ کولڻ ۽ هلائڻ لاءِ بايو ميٽرڪ تصديق کي گراهڪ جي شناخت جو بنيادي طريقو بڻايو ويو آهي. اهو CNIC رکندڙ سمورن گراهڪن لاءِ لازمي آهي. اهي نوان ضابطا ان ڪري متعارف ڪرايا ويا آهن ته جيئن مني لانڊرنگ جي روڪٿام ٿي سگهي، گراهڪ جي سڃاڻپ کي يقيني بڻائي سگهي ۽ آن لائين بنڪنگ ۾ ٿيندڙ بي ضابطگين ۽ فراڊ کي روڪي سگهجي. سمورن مالي ادارن کي پابند ڪيو ويو آهي ته هو هڪ جامع ڊجيٽل فراڊ روڪڻ واري پاليسي جوڙين ۽ ان تي عمل ڪن جنهن جو مقصد اڪائونٽ هولڊرن کي بچائڻ ۽ ان پاليسي بابت طريقي سان آگاهي ڏيڻ آهي.

هن وقت عوام کي به ان ڳالهه جي آگاهي ملڻ ضروري آهي ته وقت جي تبديليءَ سان گڏوگڏ آن لائين بينڪنگ ۾ مختلف قسمن جا فراڊ خطرناڪ حد تائين وڌي ويا آهن، ان ڪري اهي انتهائي محتاط طريقي سان پنهنجا پاسورڊ، او ٽي پي ۽ سم جي تبديلي وقت بينڪن کي اطلاع ڪرڻ وارو عمل ضرور ڪن ته جيئن کين وڏي نقصان پهچڻ جو خطرو نه رهي ۽ ڪنهن به اهڙي ڪال يا اهڙي مئسيج جو جواب نه ڏين يا ڪنهن سان پنهنجو پاسورڊ، پن يا او ٽي پي شير نه ڪن. بينڪن جي مٿان به اهو فرض لاڳو ٿئي ٿو ته اهي عام صارف کي محفوظ بنائڻ لاءِ وقت بوقت آگاهي مهم هلائيندا رهن ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تبديلي اچڻ سان ممڪنه فراڊ جي ذريعن کان انهن کي آگاهه ڪندا رهن ته جيئن بينڪ جون خدمتون استعمال ڪندڙ صارف پنهنجي قيمتي سرمائي کان محروم رهڻ کان محفوظ رهي.

هن وقت آن لائين بينڪنگ استعمال ڪندڙ صارف کي سم سواپ فراڊ يعني نقلي سم ڪارڊ ذريعي پئسن جو نڪري وڃڻ هڪ خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏيڻ آهي. هي هڪ اهڙو فراڊ آهي جنهن سان ڪنهن صارف جي سم جي نقلي سم ڪڍرائي ان ذريعي اهو فراڊ ڪيو ويندو آهي. جڏهن توهان جي فون يا سم گم ٿي وڃي ٿي ته اها هڪ خطرناڪ صورتحال جنهن ۾ اهو فراڊ ممڪن ٿي سگهي ٿو، پر اهڙي صورت ۾ بينڪن اندر ٻن ڪلاڪن جو ڪولنگ ٽائيم پڻ مختص ڪيل آهي، جنهن ۾ صارف پنهنجي بينڪ برانچ سان رابطو ڪري پنهنجي اڪائونٽ کي محفوظ بڻائي سگهي ٿو ۽ انهن کي اها معلومات فراهم ڪري سگهي ٿو ته سندس فون وڃائجي ويو آهي ۽ ڪنهن به قسم جي ٽرانزيڪشن نه ڪئي وڃي.

ان سڄي نظام ۾ بينڪن جي تمام گهڻي ذميداري آهي ته اهي پنهنجي عملي کي تربيت ڏئي تيار ڪن ته اهي پنهنجي صارف جي ڊجيٽل بينڪنگ ۾ جيڪي به حفاظتي قدم کڻڻا آهن ان ۾ ان جي پوري مدد ڪن. بهرحال هن وقت اسان سڀني کي بدلجندڙ وقت جي گهرجن مطابق پنهنجو پاڻ کي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته اسان هڪڙي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهيون ۽ ان جون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجو پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو.