هن وقت سڄي سنڌ سوڌو حيدرآباد ۾ ڊينگي وائرس پکڙجڻ واري صورتحال تمام سنجيده آهي. خبرن مطابق حيدرآباد ۾ هڪ عورت سميت 4 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن ۽ سوين مريض علاج هيٺ آهن. هڪ رپورٽ مطابق لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز جي ڊائگنوسٽڪ اينڊ ريسرچ ليبارٽري ۽ ان جي شاخن جي ڊيٽا ڏيکاري ٿي ته پهرين سيپٽمبر کان 14 آڪٽوبر تائين 9 هزار 75 ڊينگي ڪيس حيدرآباد ۾ رپورٽ ٿيا آهن. تازن سرڪاري انگن اکرن موجب سنڌ ۾ آڪٽوبر 2025 تائين ڪل هڪ هزار 83 ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن ۾ حيدرآباد ڊويزن ۾ 154 ڪيس شامل هئا. جڏهن ته غير سرڪاري انگ اکر تمام وڌيڪ آهن.
حيدرآباد ۾ ڊينگي جي وڌندڙ ڪيسن خلاف حيدرآباد جي وڪيلن ڊي سي هائوس ٻاهر احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ڌرڻو هڻندڙن جو چوڻ هو ته انتظاميه جي نااهلي جي ڪري ڊينگي خوفناڪ وبا جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته بدلجندڙ موسمن کي نظر ۾ رکندي انتظاميه کي احتياطي اپاءُ ڪرڻا پوندا آهن ته جيئن اهڙي صورتحال کي ڪنٽرول ڪري سگهجي.
ماضيءَ ۾ خاص ڪري انگريزن جي دور ۾ وبائي بيمارين جهڙوڪ: مليريا ۽ ڊينگي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اسپري ۽ مڇر مار دوائن جو استعمال هڪ اهم عمل هوندو هو. هن وقت بلدياتي ادارن جي نااهلي ۽ ناڪامي جي ڪري شهر جي ڪيترن ئي هنڌن تي برسات جو پاڻي اڃان تائين جمع ٿيل آهي، جنهن کي نه اتان نيڪال ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ان جي مٿان اسپري ڪيو ويو آهي ته جيئن اتي ڊينگي يا مليريا جو مڇر واڌ ويجهه نه ڪري سگهي. هن وقت اهو تاثر آهي ته ضلعي انتظاميه توڙي يونين ڪائونسل جي سطح تي اسان کي اهڙا قدم کڻندي نظر نٿا اچن جنهن جي ڪري هن وقت ڊينگي جهڙو وائرس ۽ مليريا هڪ وبائي صورت اختيار ڪري وئي آهي ۽ ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن.
ڊينگي وائرس هڪ وائرل انفيڪشن آهي جيڪو مڇر جي ذريعي پکڙجي ٿو. جيڪڏهن وائرس هڪ ماڻهو جي جسم ۾ داخل ٿي وڃي ۽ مڇر ان ماڻهو کي چڪ پائي ته هڪ صحتمند مڇر به ڊينگي جو وائرس کڻي وري ٻئي ڪنهن صحتمند ماڻهو کي وائرس منتقل ڪري سگهي ٿو. ڊينگي جون خاص علامتن ۾ اوچتو تيز بخار ٿئي ٿو، جنهن جي ڪري شديد مٿي ۾ سور، اکين جي پويان سور ۽ هڏن کي ٽوڙيندڙ سخت سور جو احساس ٿئي ٿو، چمڙيءَ تي ڳاڙها داڻا نظر اچن ٿا، مسلسل الٽي ۽ پيٽ ۾ سور به ٿي سگهي ٿو. جنهن جي ڪري مريض جي بک ختم ٿي وڃي ٿي ۽ ان کي ڪمزوري ۽ بيچيني جو احساس وڌي وڃي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن مريض جي نڪ مان رت به اچي سگهي ٿو. انهن مان ڪابه علامت هجي ته مريض کي هڪدم ڊاڪٽر ڏانهن وٺي وڃڻ گهرجي. جيئن ته هن بيماري جو ڪو خاص علاج ڪونهي، ان ڪري پريشان ٿيڻ بجاءِ گهر ۾ صفائي سٿرائي جو خيال ڪيو وڃي، جيڪڏهن ڊينگي جو ڪو مريض گهر ۾ موجود آهي ته ان کي مڇرداني ۾ سمهاريو وڃي ته جيئن ان کي ڪو مڇر چڪ هڻي ٻين گهر ڀاتين کي متاثر نه ڪري.
مريض کي گهڻو پاڻي پيارجي ۽ فروٽ کارائجي. ڊينگي وائرس جسم ۾ اندر ننڍڙين رڳن کي نقصان پهچائيندو آهي ان جي نتيجي ۾ رت جو پاڻيءَ وارو حصو جنهن کي پلازما چئبو آهي اهي رڳون ڇڏي جسم ۾ ٻين حصن جيئن ڦڦڙن ۽ پيٽ جي خال ۾ خارج ٿيڻ شروع ٿيندو آهي. پلازما جي گهٽتائي سبب رت گهاٽو ٿي ويندو آهي ۽ رت جو وهڪرو متاثر ٿيندو آهي. جنهن جي ڪري مريض جي گردن، دل ۽ دماغ تائين رت ۽ آڪسيجن جي نه پهچڻ ڪري اهي عضوا فيليئر ۾ وڃي سگهن ٿا ۽ مريض جو موت واقع ٿي سگهي ٿو.
حڪومت جي سڀ کان وڏي ذميداري آهي ته هن وقت ڊينگي جي مسئلي کي انتهائي سنجيدگيءَ سان ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ اپاءُ وٺي ۽ اسڪولن ۾ شاگردن کي ڊينگي کان بچاءُ جون تدبيرون ۽ آگاهي ڏني وڃي، ٽي وي، ريڊيو ۽ اخبارن ذريعي عوام اندر ڊينگي مڇر کان بچاءَ جي لاءِ انفرادي طور تي کنيل قدمن کان آگاهي ڏني وڃي. سڀ کان اهم هن وقت اهو آهي ته حڪومت کي روزانو جي بنياد تي هر گلي هر محلي ۾ اسپري ڪرائڻ گهرجي ۽ جتي بيٺل پاڻي آهي ان جي مٿان اهڙيون دوائون يا اسپري ڪيا وڃن جو انهن مڇرن جا لاروا وڌي ويجهي نه سگهن. اميد آهي ته سنڌ حڪومت ۽ حيدرآباد انتظاميه هڪدم ان سنجيده مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻنديون.