ايڊيٽوريلنئون

چين طرفان پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل ۾ خامين جي نشاندهي

خوراڪ واري وفاقي وزير ان ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي ته هو ملڪ جي اعليٰ زرعي تحقيقي اداري پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل (PARC) کي مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيندو. هن وقت پاڪستان چين سان گڏ هڪ ڊگهي عرصي کان گهٽ سرمائيڪاري، پراڻي ليبارٽرين ۽ پراڻي نظام ۽ اوزارن، تحقيق جي ڪمزور پاسن، هنرمند ماڻهن جي کوٽ يا پاڪستان مان هنرمند ماڻهن جو ٻاهرين ملڪن ڏانهن منتقل ٿيڻ (برين ڊرين) کي هڪ مسئلي طور پيش ڪيو آهي.

گڏيل مطالعي ۾ پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل ۽ ان جي 11 تحقيقي ادارن جي ڪارڪردگي، بنيادي ڍانچي ۽ صلاحيتن جو جائزو ورتو. چين جي طرفان جيڪا خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن انهن ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ان اداري تحت گهڻي عرصي کان گهربل سرمائيڪاري نه ڪري رهيو آهي، جيڪا طئي ٿيل آهي. ان اداري کي مستقل فنڊن جي فراهمي ضروري آهي، جيڪا نه ملڻ جي ڪري ادارو متاثر ٿي رهيو آهي. ان کان علاوه جن ليبارٽرين ۾ تحقيقي ڪم ٿي رهيو آهي، انهن جا اوزار ۽ ليبارٽريون جديد سائنسي تحقيق سان مطابقت نٿيون رکن. چين اها به تشويش ڏيکاري آهي ته تحقيقي نتيجن کي ڪاميابيءَ سان آبادگارن يا مارڪيٽ تائين پهچائي اقتصادي فائدا به حاصل نه پيا ڪيا وڃن ۽ گڏوگڏ پاڪستان جو هنرمند طبقو ملڪ مان تيزيءَ سان ٻاهر وڃي رهيو آهي. ڇو ته هنن کي مناسب سهولتون ۽ ترقيءَ جا موقعا نه ملي رهيا آهن، جنهن جي ڪري اهي قابل سائنسدان ۽ ماهر ملڪ ڇڏڻ چاهين ٿا.

چين ۽ پاڪستان گڏجي پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل (PARC) کي جديد ۽ موثر بنائڻ لاءِ هڪ وسيع ۽ جامع منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن جو نالو آهي “اسٽريٽجڪ سڌارن ۽ تعاون جو منصوبو.” آهي. هي منصوبو خاص طور تي چين جي زراعت ۽ ڳوٺاڻن معاملن واري وزارت ۽ چائنيز اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسز جي تعاون سان تيار ڪيو ويو آهي. جنهن جو مقصد پاڪستان جي زرعي تحقيق واري نظام جي موجود خامين کي ختم ڪرڻ آهي. هن گڏيل منصوبي جا مکيه مقصد ۽ تجويزون هي آهن ته تحقيق لاءِ پائيدار فنڊنگ جو نظام قائم ڪري، تحقيق لاءِ مسلسل ۽ مناسب وسيلن کي يقيني بڻائي هڪ اهڙو مستحڪم نظام جوڙيو وڃي جنهن سان سائنسدانن جي ڪارڪردگي کي پرکڻ لاءِ هڪ موثر نظام قائم ڪرڻ ۾ مدد ملي ۽ تحقيق جو معيار بلند ٿئي. ان سان گڏوگڏ ليبارٽرين ۾ جدت آندي وڃي ۽ ماهرن جي تربيت ٿيندي رهي ته جيئن متسقبل جي تحقيقي هدايتن لاءِ هڪ قومي رٿا جوڙي سگهجي.

اهو منصوبو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تمام گهڻي گرم جوشيءَ سان شروع ڪيو ويو، پر لڳي ٿو ته چين کي پاڪستان جي طرفان ان منصوبي تي تحفظات آهن ته پاڪستان ان منصوبي ۾ گهري دلچسپي وٺڻ بجاءِ سستي ڏيکاري رهيو آهي. هن وقت پاڪستان ۾ مختلف سرڪاري ادارن جي فيصلا سازي واري نظام سبب منصوبي جي لاءِ فوري فنڊنگ ۽ مختلف سطحن تي عملدرآمد ۾ رڪاوٽون اچي رهيون آهن. ادارن جي وچ ۾ رابطي جو فقدان، وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ سهڪار جو نه هجڻ ۽ ادارتي معاملن ۾ سياسي مداخلت هن منصوبي کي اڳتي وڌڻ کان روڪي رهيون آهن.

هي منصوبو پاڪستان طرفان مسلسل مالي بحران جو شڪار آهي. جيتوڻيڪ زراعت پاڪستان جي معاشيات جي ڪرنگهي جي هڏي آهي ان هوندي به پاڪستان جو ان منصوبي ۾ گهري دلچسپي وٺڻ بجاءِ سستي ڏيکارڻ ڪيترائي سوال اٿاري ٿو. پاڪستان ۽ چين پراعتماد دوست آهن، پر ان هوندي به لڳي ٿو ته چين پاڪستان جي لاءِ بي اعتماديءَ جو اظهار ڪري رهيو آهي. ڇو ته سي پيڪ جي پهرين مرحلي ۾ به چين کي پنهنجن منصبوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ سست روي کي منهن ڏيڻو پيو. بهرحال تازوئي پاڪستان جي فوڊ سيڪيورٽي جي وزرات طرفان چين سان گڏجي هڪ اعليٰ سطحي عملدرآمد ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد منصوبي جي وقت تي ۽ موثر عملدرآمد کي يقيني بنائڻ آهي. بدقسمتي سان پاڪستان ڪجهه اهڙن مسئلن ۾ ڦاٿل آهي جيئن بين الاقوامي مالياتي ادارن کان قرض وٺڻ لاءِ شرطن ۽ قرضن جي ادائگي لاءِ مالي ترجيحن ۾ تبديليون ڪرڻ، پر چين به سي پيڪ کي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو جو مکيه منصوبو سمجهي ٿو ۽ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ عدم استحڪام تي پريشان ٿي سگهي ٿو. ايئن چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان هڪ ئي وقت ٻن وڏين طاقتن سان لاڳاپا رکڻ چاهي ٿو، جنهن سبب پاليسين جي مونجهارن جو شڪار آهي. اميد آهي ته پاڪستان پنهنجي ويزن کي وڌيڪ ڪليئر طريقي سان سمجهي انهن رڪاوٽن کي عبور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو ۽ چائنا جي اعتماد کي بحال ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندو.