آمريڪا دنيا جو سپر هن وقت تمام وڏن وڏن مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. آمريڪا هن وقت شٽ ڊائون جو شڪار آهي. شٽ ڊائون مان مراد آهي جڏهن آمريڪي ڪانگريس وفاقي حڪومت جي ڪمن ڪارين ۽ ادارن کي هلائڻ لاءِ گهربل بجيٽ وقت تي منظور نٿي ڪري سگهي. آمريڪا جو مالي سال 30 سيپٽمبر تي پورو ٿئي ٿو ۽ پهرين آڪٽوبر کان نئون مالي سال شروع ٿئي ٿو. هن نئين مالي سال کان اڳ ڪانگريس کي لازمي طور تي سڄي حڪومت جي خرچن جي منظوري ڏيڻي هوندي آهي. ايئن نه ڪرڻ جي صورت ۾ فنڊن جي کوٽ سبب حڪومت کي پنهنجا غير ضروري ڪم بند ڪرڻا پوندا آهن.
تاريخ ۾ هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو آمريڪا ۾ شٽ ڊائون ٿيو هجي. 1980ع ۾ به حڪومت کي فنڊن جي کوٽ سبب 20 کان وڌيڪ ڀيرا هلڪو يا ڳرو شٽ ڊائون ڪرڻو پيو. 1995-1996 ۾ بل ڪلنٽن جي دور ۾ به ٻه دفعا شٽ ڊائون ٿيو، جن مان هڪ 21 ڏينهن تائين جاري رهيو ته وري 2013 ۾ باراڪ اوباما جي دور ۾ 16 ڏينهن جو شٽ ڊائون ٿيو. ان کانپوءِ 2018-2019 ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي دور ۾ ٿيل شٽ ڊائون آمريڪي تاريخ جو سڀ کان ڊگهو شٽ ڊائون شمار ڪيو وڃي ٿو، جيڪو 35 ڏينهن تائين جاري رهيو. شٽ ڊائون عام طور تي ان وقت ٿيندو آهي، جڏهن ڪانگريس اندر مختلف سياسي پارٽيون بجيٽ جي مسئلي تي متفق نه ٿي سگهنديون آهن. آمريڪي آئين موجب وفاقي حڪومت کي پنهنجا خرچ هلائڻ لاءِ ڪانگريس کان هر سال فنڊن جي منظوري وٺڻ ضروري آهي، اها منظوري مالي سال جي شروعات يعني پهرين آڪٽوبر کان اڳ ٿيڻ گهرجي، جيڪا نه ٿي سگهي ۽ هن وقت آمريڪا شٽ ڊائون کي منهن ڏيئي رهيو آهي.
لڳي ٿو ته ريپلبڪن پارٽي بجيٽ کي سياسي هٿيار طور استعمال ڪري رهي آهي. گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ آمريڪي سياست ۾ پارٽين جي وچ ۾ گهڻي ورهاست نظر اچي ٿي، جيڪا ملڪي مفادن کي به نظرانداز ڪندي نظر اچي ٿي. هر پارٽي پنهنجي موقف تي قائم رهڻ ۽ مخالف ڌر سان سمجهوتو نه ڪرڻ تي ترجيح ڏئي ٿي. جنهن جي نتيجي ۾ شٽ ڊائون جهڙي قانوني مجبوري سامهون آئي آهي. هن وقت ڪيترن ئي سياسي تجزيه نگارن ۽ اقتصاديات جي ماهرن جو اهو خيال آهي ته ٽرمپ ۽ سندس انتظاميه ڪيترن ئي معاملن ۾ آمريڪا کي مشڪلاتن ۾ گرفتار ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڳتي هلي اڃان به وڌيڪ مسئلا ظاهر ٿيندا.
جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ جا حامي سندس پاليسين جو دفاع ڪرڻ لاءِ مضبوط دليل ڏين ٿا ته سندس پاليسيون صحيح رخ ۾ وڃي رهيون آهن. ٽرمپ جي گذريل دور ۾ 35 ڏينهن جو شٽ ڊائون ان ڪري ٿيو هو، جو ڪانگريس ميڪسيڪو جي سرحد تي ڀت ٺاهڻ لاءِ فنڊ منظور نه ڪيا هئا ۽ ان تي تنقيد ڪرڻ وارن جو خيال آهي ته ملڪ جي انتظاميه کي هڪ سياسي گهرج لاءِ يرغمال بنائڻ سان وفاقي ملازمن ۽ عوامي خدمتن کي نقصان پهتو. هن وقت به ٽرمپ انتظاميه ڪيترن ئي ملڪن خاص ڪري چين تي تمام وڏو ٽيرف لاڳو ڪيو آهي.
ٽرمپ جو چوڻ آهي ته هو آمريڪي صنعتن کي بچائڻ ۽ ٻين ملڪن جي غير منصفاڻي واپاري پاليسين کي ختم ڪرڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي، پر ٽرمپ جي مٿان تنقيد ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ان سان آمريڪا جي عام صارف لاءِ شين جون قيمتون وڌي ويون آهن ۽ آمريڪي مصنوعات برآمد ڪندڙن کي به ٻين ملڪن ۾ ساڳي جوابي ڪارروائي کي منهن ڏيڻ سان نقصان ٿيندو. هن وقت آمريڪي شٽ ڊائون عوام کي مشڪل ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن سان خاص طور تي صحت ۽ حفاظت وارن ادارن جي ڪمن ڪارين تي تمام گهڻو اثر پوندو، جنهن ۾ کاڌي جي چڪاس يعني فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن (FBA) طرفان روٽين چڪاسون ملتوي ڪيون وينديون يا گهٽجي وينديون. ان کان علاوه نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هليٿ (NIH) ۾ نئين تحقيق بند ٿي سگهي ٿي. ان کان علاوه سماجي پروگرامن تي جنهن ۾ غذائي مدد، فوجي اڳواڻن جي فائدي وارا پروگرام، انهن جي ڪاغذن ۽ خدمتن جي آفيسن ۾ ڪم ۾ دير لڳي سگهي ٿي.
آمريڪا جيتري وڏي معاشي طاقت آهي اوترو ئي قرضن ۾ وڪوڙيل ملڪ به آهي. هو پنهنجي آمدني کان وڌيڪ خرچ ڪندو آهي ۽ ان لاءِ قرض جي حد کي وڌائڻ هڪ سياسي موقعو آهي. هن وقت آمريڪا تي قرض لڳ ڀڳ 37 کان 38 ٽرلين (37,000,000,000,000) آمريڪي ڊالرن جو آهي. برطانوي خبر رسائيندڙ اداري “رائيٽرز” جي رپورٽ مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه ڊيموڪريٽڪ لاڙو رکندڙ رياستن جي لاءِ 26 ارب ڊالر فريز ڪري ڇڏيا آهن. هن شٽ ڊائون ۾ نشانو بنجندڙ پروگرامن ۾ نيويارڪ جي ٽرانزٽ منصوبن جي لاءِ 18 ارب ڊالر ۽ ڪيليفورنيا ۽ الينوائي سميت 16 ڊيموڪريٽڪ رياستن ۾ گرين انرجي منصوبن جي لاءِ 8 ارب ڊالر شامل آهن. سندس کنيل قدمن مان واضح اشارو ملي ٿو ته ٽرمپ پنهنجا واعدا پورا ڪرڻ جي لاءِ سخت قدم کڻڻ طرف وڃي رهيو آهي ۽ هو شٽ ڊائون جو فائدو وٺندي سياسي مخالفن کي سزائون پڻ ڏيڻ چاهي ٿو.
جڏهن ته ايوان نمائندگان جي ڊيموڪريٽڪ ليڊر حڪيم جيفريز چيو ته نيويارڪ ۾ سب وي ۽ بندرگاهه جي منصوبن لاءِ فنڊ روڪڻ سان هزارين ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا. بهرحال هن وقت آمريڪي معاشري ۾ رهندڙ اتان جا مقامي ۽ ٻاهريان اميگرينٽس غير يقيني صورتحال جو شڪار آهن. اها ڪا اهڙي صورتحال ناهي جنهن سان آمريڪا کي مستقل بنيادن تي منهن ڏيڻو پوي يا ملڪ کي ڊيفالٽ جو خطرو هجي. جڏهن سياسي حل نڪري ايندو ته يقينن اهو شٽ ڊائون ختم ٿي ويندو. ايئن چئي سگهجي ٿو ته آمريڪا ۾ هن وقت حڪومت اندر سياسي اختلاف تمام گهرا ٿي چڪا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪي حڪومت کي شٽ ڊائون طرف وڃڻو پيو آهي.