ايڊيٽوريلنئون

چيني صدر شي جن پنگ جو مصنوعي ذهانت جي قانونسازيءَ لاءِ عالمي ادارو قائم ڪرڻ تي زور

ترقيءَ جا خواب ڏسندڙ انسان ناممڪن کي ممڪن بنائڻ وارا خواب ڏسندو رهيو ۽ اڄ انسان ان دور ۾ قدم رکي چڪو آهي، جنهن سان هو اهي سڀ ڪم ڪرڻ جي قابل ٿيڻ جي ويجهو آهي جيڪي ڪلهه تائين خواب هئا. اها ئي صورتحال انسان جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي چڪي آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي چيني صدر شي جن پنگ ڇنڇر جي ڏينهن ايشيا پيسيفڪ اڪنامڪ ڪوآپريشن (ايپڪ) جي رهنمائن جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي مصنوعي ذهانت (اي. آءِ) جي لاءِ قانونسازيءَ جو هڪ عالمي ادارو قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي، جنهن ۾ چين پاڻ کي تجارت جي ميدان ۾ آمريڪا جي متبادل طور پيش ڪيو آهي. ايپڪ 21 ملڪن تي ٻڌل هڪ مشاورتي فورم آهي، جيڪو دنيا جي اڌ واپار جي نمائندگي ڪري ٿو، جنهن ۾ آمريڪا، چين، روس ۽ جاپان به شامل آهن.

ان جو سربراهي اجلاس ڏکڻ ڪوريا ۾ منعقد ڪيو ويو. ان اجلاس ۾ چين جي صدر شي جن پنگ اي آءِ جي قانونن ۽ قاعدن ٺاهڻ تي زور ڏنو آهي. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته اي آءِ جي استعمال لاءِ ضابطا، اخلاقي معيار ۽ خطرن جي انتظام جي نظامن کي جلد کان جلد ٺاهيو وڃي ته جيئن قومي ترقي، خود مختياري جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي. چين جو مقصد اهو آهي ته 2030ع تائين هو اي آءِ جي شعبي ۾ عالمي سربراهه جي طور تي اڀري اچي. قانونسازي هن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ منظم ۽ پٺڀرائيءَ وارو فريم ورڪ مهيا ڪري سگهي ٿي. شي جن پنگ ان ڳالهه کي تسليم ڪيو آهي ته اعليٰ درجي جي چپس ۽ بنيادي سافٽويئر جهڙن اهم ٽيڪنالاجين ۾ اڃان به خال ۽ ڪمزوريون موجود آهن.

چين جي روايتي صنعتن جي تبديلي ۽ اپ گريڊيشن لاءِ نئين اسٽريٽجڪ صنعتن لاءِ نوان رستا کولڻ انتهائي ضروري آهن. چين جي صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ان ٽيڪنالاجيءَ کي فائديمند، محفوظ ۽ منصفاڻو هئڻ گهرجي. اي آءِ سان لاڳاپيل خطرن جهڙوڪ: ڊيٽا جي حفاظت، الگورٿم جي تعصب ۽ ڊيپ فيڪس جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ جلد قانونسازي جي ضرورت آهي. هن وقت اي آءِ تيزيءَ سان سڄي دنيا کي متاثر ڪري رهي آهي، جنهن سان انساني، اخلاقي معيار به متاثر ٿي رهيا آهن.

ان ڳالهه جي به سخت ضرورت محسوس ٿي رهي آهي ته اي آءِ ٽيڪنالاجي لاءِ اخلاقي هدايتون ۽ ضابطا قائم ڪرڻ گهرجن. چين جي حڪومت لاءِ اي آءِ سسٽم تي قانوني ضابطو رکڻ جو مطلب آهي مواد ۽ معلومات جي وهڪري تي ڪنٽرول برقرار رکڻ. ضابطن تي زور ڏيڻ سان چين عالمي سطح تي ٽيڪنالاجي جي گورننس ۽ ضابطن جي ٺاهڻ ۾ پنهنجو ڪردار وڌائڻ چاهي ٿو ۽ قانونسازي ذريعي چاهي ٿو ته اي آءِ جي ترقي ۽ انتظام ۾ ان جي قومي خود مختياري ۽ مفادن جي حفاظت ٿي سگهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هن نئين ٽيڪنالاجيءَ جي لاءِ قانونسازي انتهائي ضروري آهي. ڇو ته اها ٽيڪنالاجي اڄ جي سماج جي هر ننڍي وڏي فرد ۽ رياستن جي پاليسين ۽ خود مختياري کي متاثر ۽ چئلينج ڪري رهي آهي. ان جي لاءِ هڪ اخلاقي فريم ورڪ ٺاهڻ جيڪو انسانيت جي قدرن، بنيادي حقن ۽ سماجي ڀلائيءَ سان مطابقت رکي، تمام ضروري آهي.

سٺي قانونسازي جدت کي روڪڻ بجاءِ ان جي واڌ ويجهه ۾ مدد ڪندي. جيڪڏهن ماڻهن جو اي آءِ سسٽم تي اعتماد هوندو ته اهي ان کي آسانيءَ سان قبول ڪندا. هن وقت به دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اي آءِ جي قانونسازيءَ تي تيزيءَ سان ڪم ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ يورپي يونين اي آءِ ايڪٽ تي ڪم ڪري رهي آهي. آمريڪا جي مختلف حڪومتي ايجنسين ۽ وائٽ هائوس خاص هدايتون جاري ڪيون آهن. تنهن هوندي به هڪ متوازن قانونسازيءَ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن مصنوعي ذهانت کي قانونسازيءَ سان ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته اها هڪ اهڙو رخ اختيار ڪري سگهي ٿي، جيڪا انسان، سماج، معيشت ۽ رياستن لاءِ فائدي بجاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿي. جنهن ۾ سڀ کان وڌندڙ خطرو تعصب جو آهي. ان کان علاوه احتساب جو نه هجڻ هن ٽيڪنالاجيءَ کي اڳتي هلي ناڪام بڻائي سگهي ٿو.

جيڪڏهن هن جي لاءِ قانونسازي نه ڪئي وئي ته اها ماڻهن جي سوچ کي پنهنجي تعصب مطابق آزاديءَ سان ڪنٽرول ڪري سگهي ٿي. ان کان علاوه غلط معلومات جي ٻوڏ، جعلي وڊيوز ۽ آڊيوز جيڪي هن وقت به پکڙجي رهيون آهن اڳتي هلي انساني زندگي ۽ نفسيات کي تيزيءَ سان متاثر ڪري سگهن ٿيون. نه رڳو ايترو، بلڪه ملڪن ۾ سياسي استحڪام تي به هن ٽيڪنالاجيءَ ذريعي حملا ٿي سگهن ٿا، وڏي پئماني تي بيروزگاري پکڙجي سگهي ٿي ۽ هيءَ ٽيڪنالاجي چند وڏين ڪمپنين يا رياستن جي هٿ ۾ وڃي سگهي ٿي، جنهن جو استعمال هو پنهنجي مرضيءَ سان ڪري سگهن ٿيون. سٺي ڳالهه اها آهي ته چين جي صدر شي جن پنگ هڪ اڀرندڙ خطري کي وقت کان اڳ محسوس ڪري ورتو آهي ۽ هڪ نهايت اهم ۽ وڏي پليٽ فارم تي ان جو اظهار ڪري اي آءِ جي قانونسازيءَ جي تجويز رکي آهي، جيڪا وقت جي ضرورت آهي.