ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ سنڌي ادب جي واڌاري ۾ تمام بهترين ڪم ڪيو آهي. هوءَ مسلسل لکندي رهي ٿي. سندس لکيل ڪتاب شاگرد؛ خاص طور تي يونيورسٽي سطح جا شاگرد پڙهن ٿا. شاگرد جڏهن پنهنجون ڊگريون مڪمل ڪن ٿا يا هو آخري سالن ۾ پڙهن ٿا ته استادن جي رهنمائيءَ سان گڏ عام طور تي کين ٽن طرحن جا ڪتاب ملن ٿا. هڪڙا اهڙا ڪتاب آهن؛ جن کي اسان گائيڊ بُڪ يا پراڻي نصاب تحت “سنڌي سونهان” سڏي سگهون ٿا، جن جي مدد سان ڏئي وٺي پيپر ته پاس ٿي سگهن ٿا، پر انهن سان شاگردن جي ڪا خاص علمي اوسر نٿي ٿئي؛ ٻيا ڪتاب وڏن محققن جا لکيل هوندا آهن؛ جيڪي عام شاگرد جي سمجهه کان مٿانهان هوندا آهن، نتيجي ۾ شاگرد انهن ڪتابن مان به ڪو خاص لاڀ نٿو پرائي سگهي. ٽيان ڪتاب مناسب تحقيق ۽ وڻندڙ نصابي ٻوليءَ ۾ لکيل ٿين ٿا، شاگرد انهن ڪتابن مان تمام گهڻو لاڀ پرائي نه صرف امتحانن ۾ سٺا نمبر کڻن ٿا، پر هو پنهنجي علمي سطح پڻ چڱي حد تائين وڌائي وٺن ٿا. اڪبر لغاري صاحب، ڊاڪٽر سيما ابڙو، ڊاڪٽر طارق عزيز شيخ، ڊاڪٽر بدر ڌامراهي، مختيار ملاح ۽ ڊاڪٽر پروين موسيٰ جا ڪتاب ان ٽين ڪيٽيگري ۾ اچن ٿا. جن مان ڪيترن ئي شاگردن لاڀ پرايو آهي. اڪبر لغاري صاحب جي ڪتاب جا ته ايترا ڇاپا آيا آهن، جو پڪ ئي پڪ پبلشرن به مناسب ڏوڪڙ ٺاهي ورتا هوندا.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ صاحبه مسلسل لکي رهي آهي. هن جا هن وقت تائين 13 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪيترائي ڪتاب اڻڇپيل پڻ اٿس. ڊاڪٽر صاحبه سولي ۽ سادي انداز ۾ ڏکين موضوعن تي لکي ٿي، اهوئي سندس اظهار کيس خاص طور تي شاگردن ۾ مشهور ۽ مقبول ڪري رهيو آهي.
هيءُ ڪتاب يعني “جديد سنڌي ادب جو بنياد وجهندڙ تاريخ ساز شخصيت شمس العلماء مرزا قليچ بيگ” مرزا صاحب جي شخصيت ۽ ڪم تي لکيل هڪ اهم دستاويز آهي. ڪتاب ۾ ڪل ٻارنهن باب آهن، جنهن ۾ ببليو گرافي پڻ ڏني وئي آهي. هيءُ ڪتاب ڪنهن ايم فل يا پي ايڇ ڊي جي مقالي کان گهٽ ناهي. بابن جي ترتيب، موضوع وار تجزيا، مرزا صاحب تي ٿيل ڪم جو جائزو، ٻوليءَ جو سادو اظهار، تحقيق ۽ تنقيد جو ميلاپ ۽ ٻيا اهڙا جُزا هن ڪتاب کي اهم بڻائي رهيا آهن. ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ صاحبه وڏي محنت ۽ عرق ريزيءَ سان هيءُ ڪتاب تيار ڪيو آهي، جيڪو خاص طور تي شاگرن ۽ استادن توڙي عام پڙهندڙن لاءِ تمام گهڻو لاڀائتو ثابت ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هر پڙهندڙ جي پهچ ايترن ڪتابن تائين ممڪن ناهي؛ جيترا ڪتاب ڊاڪٽر صاحبه هيءُ ڪتاب لکڻ وقت مطالعي هيٺ آندا آهن. ڪتابن جي پهچ کان به وڌيڪ اهم سوال ائپروچ جو آهي. ڊاڪٽر صاحبه عالماڻي ائپروچ سان هيءُ ڪتاب لکي ڄڻ ته ادب جي دنيا تي هڪ ٿورو ڪيو آهي. سندس لکڻ جو هنر ۽ ڪتابن ۾ ڏنل معلومات تمام گهڻي اهم آهي.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ صاحبه جي ڪتابن جي ڀلي ڳالهه اها به آهي ته سندس اڪثر ڪتاب سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي موجود آهن، جن مان شاگرد تمام گهڻو لاڀ پرائين ٿا. اميد ته اڳتي هلي ڪو شاگرد ڊاڪٽر صاحبه جي پورهئي تي ايم فل/پي ايڇ ڊي ڪندو ۽ سندس پورهيو صاب پوندو.