انبن جي موسم ايندئي مارڪيٽ ۾ رنگ برنگي ۽ قسمين قسمين جا انب نظر ايندا آهن، پر ڇا توھان کي خبر آھي ته واپارين پنھنجي فائدي لاءِ انسان جي زندگي سان کيڏڻ کي معمول ٺاھي ڇڏيو آھي. واپاري انب کي مصنوعي طريقي سان پچائڻ لاءِ ھڪ خطرناڪ ڪيميڪل جو استعمال ڪن ٿا جنھن کي ڪيلشيم ڪاربائيڊ (Calcium Carbide) چيو وڃي ٿو. ان جو ڪيميائي فارمولو CaC2s آھي رنگ جو خاڪي مائل ڪارو ڪيميڪل جيڪو عام طور تي ڪارخانن ۽ فيڪٽرين ۾ استعمال ٿئي ٿو، ھي تمام خطرناڪ ڪيميڪل آھي، ھي لوھ جي گئس ويلڊنگ ڪرڻ لاءِ به استعمال ٿئي ٿو.
ھي ڪيميڪل گهم سان ملي ڪري ايسيٽيلين Acetylene گئس خارج ڪندو آھي، جيڪا رد عمل ۾ بلڪل اٿيلين Ethylene گئس جھڙي ٿئي ٿي، جنھن سان ميوو پنھنجي پوري وقت تي تيار ٿئي ٿو. جڏھن ته ٿوري وقت ۾ انب پچائڻ جي عمل کي تيز ڪرڻ لاءِ ڪيميڪل جو استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھن ڪيميڪل جي استعمال سان انب ۾ آرسينڪ فاسفورس ھائيڊريٽ جھڙا زھريلا مادا شامل ٿين ٿا. ھن ڪيميڪل تي ڪافي ملڪن پابندي لڳائي ڇڏي آھي. سنڌ ۾ به سنڌ فوڊ اٿارٽي سائنٽيفڪ پينل Scientific panel وارن ھن ڪيميڪل تي پابندي لڳائي ھئي. سنڌ فوڊ اٿارٽي جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن نمبر (05-09-18/DO/DIR/OPS/SFA/4440/2018)، تحت ميون کي پچائڻ لاءِ ڪيلشيم ڪاربائيڊ (ڪارپيٽ) نالي واري ڪيميڪل جي استعمال تي پابندي لڳائي وئي ھئي، پر ان جي باوجود به اھو ڪيميڪل مارڪيٽ ۾ عام جام وڪرو ٿي رھيو آھي، جيڪو واپاري توڙي فارمن وارا وٺي وقت کان اڳ انبن ۽ ٻين ميون کي جھڙوڪ: انب، آلوبخارا، ڪيلا، زردالو، پپيتو، آڙو، جاپاني وغيره کي مصنوعي ڪيميڪل جي ذريعي پچائي انب ۽ ٻين ميوو جي شڪل ۾ زھر وڪرو ڪري رھيا آھن ۽ اھو مزو سواد ناھي. ڪيلشيم ڪاربائيڊ سان تيار ٿيل انب ۽ ٻين ميون کائڻ سان بيماريون ٿين ٿيون. جھڙوڪ: مٿي ۾ سور، چڪر اچڻ، ننڊ نه اچڻ، يادائشت جي ڪمزوري، ذھني بيچيني، پيٽ ۾ سور، دست، کاڌي جي نالين ۾ زخم، وات پچي پوڻ، گھڻي وقت تائين ڪيلشيم ڪاربائيڊ سان تيار ڪيل ميون جو مسلسل گھڻو استعمال ڪرڻ سان ڪينسر، جگر ۽ گڙدن کي نقصان ٿئي ٿو.
تحقيق مان ھيءَ ڄاڻ ملي ٿي ته ڪيلشيم ڪاربائيڊ پاڻي ۾ ڳرڻ سان ايسيٽيلين گئس پيدا ڪري ٿو جيڪا جاندران جي اعصابي ۽ تنتي سرشتي تي پڻ اثر ڪري آڪسيجن جي کوٽ پيدا ڪري ٿو. ڪيميڪل ۽ بغير ڪيميڪل واري انب جي سڃاڻپ ڪيئن ڪجي. ھڪ بالٽي يا ٽب پاڻيءَ سان ڀريو پوءِ ان ۾ انب وجھو ڪيميڪل کان پاڪ قدرتي طور پڪل انب ھوندو ته پاڻي ۾ ٻڏي ويندو. جيڪڏهن ڪيميڪل سان پڪل انب ھوندو ته اھو پاڻي ۾ ترندو. توھان کي جيڪڏهن لڳي ٿو ته ھي ڪيميڪل سان پچايل انب آھي ته ان کي پھريان پاڻي سان چڱي طرح ڌوئي پوءِ ان کي تقريبن اڌ ڪلاڪ پاڻي ۾ ٻوڙي رکو ان کان بعد کائڻ گھرجي. قدرتي پڪل انب ۾ مٺي خوشبو ھوندي آھي. جڏھن ته ڪيميڪل سان مصنوعي پچايل انب ۾ گھٽ خوشبو ھوندي آھي. توھان پاڻ سان گڏ پنھنجي پيارن جي جان خطري ۾ نه وجھو پوءِ قدرتي پڪل انب کائو يا وري ٻيو سٺو طريقو ھي آھي ته ڪچيون انبڙيون مارڪيٽ مان وٺي پنھنجي گھر ۾ پال ڪري اھي کائو. پراڻي دور ۾ ڪچيون انبڙيون پال ڪرڻ پلاسٽڪ جي ٿيلھين ۾ وجھي پيتين ۾ بند ڪري مٿان گرم ڪپڙو وجھي ڇڏب هو ته چئن پنجن ڏينھن ۾ انب تيار ٿي ويندا هئا، اھي کائيندا ھئاسين يا وري ٺڪر جي ٿانو ۾ انبڙيون وجھي مٿان بھ يا پلال سان بند ڪري ڇڏيندا ھئاسين ته انب ٿي ويندا هئا. نوٽ: آخر ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي وارن کي چوندس ته ھن تي نئين سر حڪمت عملي جوڙي ھنن تي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ عوام کي ڪيميڪل کان بغير مارڪيٽ ۾ ميوا ڀاڄيون ڏنا وڃن ته جيئن کاڌي کائڻ جو فائدو ٿئي، نه ڪي ڪيميڪل وارا کاڌا کائي انسان پنهنجي صحت ۽ زندگي وڃائي.