خاص

پهريون ڀيرو روبوٽ وڪيل عدالت ۾ مقدمو وڙهندو

آمريڪي ميڊيا رپورٽس مطابق مقامي ٽيڪنالاجي ڪمپني طرفان تيار ڪيل ”روبوٽ وڪيل“ ايندڙ مهيني عدالت ۾ ٽريفڪ جي خلاف ورزي بابت ڪيس ۾ ملوث شخص جو دفاع ڪندو. روبوٽ وڪيل جي تياري ۾ مصنوعي ذهانت (آرٽيفيشل انٽيليجنس) جو استعمال ڪيو ويو آهي. ڪمپني اختيارين جو چوڻ آهي ته روبوٽ وڪيل کي سمارٽ فون ذريعي هلايو ويندو. روبوٽ وڪيل عدالت جي ڪارروائي ٻڌي هيڊ فونز ذريعي پنهنجي موڪل کي ٻڌائيندو ته ان کي پنهنجي حق ۾ ڪهڙا دليل ڏيڻا آهن. ڪمپني جي مالڪ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن روبوٽ وڪيل عدالت ۾ ڪيس هارائي ويو ته ڏنڊ جي رقم ۽ عدالتي خرچ ڪمپني ادا ڪندي.