بلاگنئون

لڳي وئي دل جي بيماري

يوناني اسڪالر ارسطو موجب دل روح جي تخت گاھ آھي ۽ روح عقل جي جاءِ آھي. مشھور اديب مدھوش مير پنھنجا احساس اوريندي لکيو آھي ته مون کي پنھنجي دل سان پيار ان ڪري آھي جو اوھان منھنجي دل ۾ رھو ٿا، اوھان اتان ھليا ويندا ته يقينن منھنجو موت واقع ٿيندو. پاڪستان ۾ دل جي بيمارين جو وڏو تعداد آھي، اسان وٽ دل جون بيماريون لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو موت جو سبب بڻجن ٿيون. ھائپرٽينشن تقريبن 18 سيڪڙو بالغ آبادي کي متاثر ڪري ٿو. ڪورونري رڳن جي بيماري 164 سيڪڙو بالغن ۾ پکڙيل آھي، آبادي ۾ دل جي بند ٿيڻ جو 13 سيڪڙو آھي. مون کي ياد آھي جڏھن حيدرآباد جي مقامي ھوٽل ۾ دل جي مرض ۽ ان جي احتياطي اپائن بابت هڪ سيمينار منعقد ٿيو هو. تڏهوڪو سيڪريٽري هيلٿ سروسز سنڌ ڊاڪٽر ڪامل راڄپر ان سيمينار جو خاص مهمان هو. سيمينار ۾ دل جي بيمارين جا ناميارا اسپيشلسٽ پنهنجا تحقيقي مقالا پڙهڻ لاءِ آيل هئا، انهن ڏينهن ۾ منهنجي امڙ به دل جي تڪليف ۾ مبتلا هئي. ڪنهن ڊاڪٽر دوست جي معرفت مون سيمينار ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي هئي. موضوع خشڪ ضرور هو، پر هوٽل جي سجايل ھال جي خوبصورتي ۽ سدا بهار، خوش پوش لباس ۾ ملبوس مھمانن، ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين جي موجودگيءَ ماحول کي معطر ڪري خوشگوار بڻائي ڇڏيو هو. سيمينار ۾ جيڪي متاثر ڪندڙ ڳالهيون ٿيون تن ۾ ٻڌايو ويو ته دل جو ڪم صرف جسم جي مختلف حصن ڏانهن خون پهچائڻ ئي نه آهي، پر ان جي چوڌاري اهڙا گهرڙا به آهن، جن ۾ دماغ جيان سوچڻ جي سگهه به هجي ٿي. گهڻو کائڻ پيئڻ، شراب، شباب، سگريٽ نوشي توڙي ٻين نشن واپرائڻ جو استعمال دل کي نقصان پهچائي ٿو. ان کانسواءِ هروڀرو جي پريشاني، ڳڻتي، ڊپ، خوف ۽ سوداءُ به دل کي جهورڻ جو ڪارڻ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ موت واقع ٿئي ٿو. عشق محبت ۾ آسرا، ايلاز ۽ منٿون، بيوفايون ۽ بي قراريون دماغ جي سگهه کانپوءِ دل جي ڌڙڪڻ کي گهڻو تيز ڪرڻ، بلڊپريشر کي ڊسٽرب ڪرڻ خواهه ٻيا به اهڙا مامرا دل جي نازڪ، نرمل ۽ پرڪشش انساني روپ کي بجاءِ خوشي ڏيڻ جي غم ۽ پريشانيءَ ۾ تبديل ڪريو ڇڏين. گهٽ آمدني ۽ وڌيڪ خرچ، گهرو حالتون، دفتري معاملات، ياري دوستي، برادرين ۾ جهڳڙا، مال متاع ٺاهڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو حرس، اڻ سهپ، ساڙ ۽ تعصب، اولاد جو نه ٿيڻ يا اولاد جي بي راهه روي ۽ ٻيا ڪارڻ به دل جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ ۽ ان جي تڪليف جو باعث بڻجن ٿا. ڪنهن ڊاڪٽر جو اهو به چوڻ هو ته پيار محبت جي چمي ڀاڪر ۽ دوستي جو  قرب، رفاقت جي لذت دل کي خوش رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا آهن.

سيمينار ۾ مهمان خاص جي حيثيت ۾ ڊاڪٽر راڄپر پنهنجي صدارتي تقرير ۾ چيو ته دل جي مرض جا ڪجهه سبب دفتري مامرا، تحقيقاتي ادارن پاران جاچ پڙتال، اليڪشن ۾ ھارائڻ يا وزارتن تان هٽجي وڃڻ به آهي. هن چيو ته اڪثر بينڪرن جو موت دل جي دوري سبب ٿيو آهي. ڇو ته بينڪرن جي دل نازڪ ٿئي ٿي ۽ ان جي چوڌاري دولت جا انبار هجن ٿا. کين ذهني دٻاءُ ۾ جنهن ۾ پورهيتن جي يونين، نوڪر شاهي ۽ سياستدانن جا داٻا ۽ دڙڪا به دل جي مرض جو ڪارڻ آھن. سيمينار جي ختم ٿيڻ کانپوءِ شريڪ ٿيندڙ دوستن جو اهو به چوڻ هو ته دل جي مرض جي دوائن جون قيمتون به آسمان سان ڳالهائي رهيون آهن ته پوءِ مريض ويچارو ڇا ڪري. تڏهن مرحوم الهڏني نوناري جو ڳايل ڪلام ياد اچي ويو ته؛

لڳي وئي دل جي بيماري،

خبر ناهي ته ڇا ٿيندو؟