لکڻ ۽ پڙهڻ انساني تهذيب جيترو ئي پراڻو آهي. جنهن جا ڪيترائي مرحلا انساني تاريخ جي ورقن مان دريافت ٿيا آهن. سڀ کان پهرين انسان غارن جي ڀتين تي تصويرون ٺاهيون پوءِ ميسوپوٽيميان (موجوده عراق) ۾ سميري ماڻهن باقائدي لکڻ جو نظام شروع ڪيو ۽ هنن مٽيءَ جي تختين تي لکت جو آغاز ڪيو. 1440ع ۾ پرنٽنگ پريس آئي ۽ انسان جي لکڻ ۽ پڙهڻ جي عمل ۾ تيزي آئي ۽ پوءِ انسان لکڻ ۽ پڙهڻ کي ضرورت جي تحت نه بلڪه تخليق لاءِ استعمال ڪيو ۽ اهو هڪ اهڙو اوزار هو جنهن انساني زندگين کي تبديل ڪري ڇڏيو. شروع ۾ انسان حساب ڪتاب لاءِ استعمال ٿيندڙ اوزار کي تخيل جي پرواز لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن مان افسانن ۽ ڏند ڪٿائن جنم ورتو. جنهن انسان جي گهٽ ۽ ٻوسٽ کي ختم ڪيو ۽ آهستي آهستي گڏيل انساني شعور تخليق ٿيو. جنهن کي هاڻي اسان عالمي انساني شعور چئون ٿا. تخليقي لکڻي جو ابتدائي ماخذ “Epic of Gilgamesh” آهي يا هومر جو “اليڊ” آهي، جنهن ۾ انسان جي بهادري ۽ موت جي خوف کي پهريون ڀيرو لکت ۾ آندو ويو. مها ڀارت هندستاني قديم ادب جو هڪ عظيم شاهڪار آهي جيڪو حق ۽ سچ جي جنگ جي چوڌاري ڦري ٿو. فردوسي جو شاهه نامون، ايران جي جنگي تاريخ ۽ بهادرن جو داستان آهي. جنگيون ادب تخليق ڪري ويون. ويهين صديءَ جون ٻه وڏيون عالمي جنگيون لڳيون، جن ۾ تمام گهڻو ادب تخليق ٿيو، جنهن ۾ خوشي ۽ نااميدي وارا عنصر نمايان ٿيا. هيرو شيما ۽ ناگا ساڪي تي ايٽم بم جي حملن جا اثر جاپاني ۽ عالمي ادب تي گهرا پيا. ليو ٽالسٽاءِ جو ناول “جنگ ۽ امن” جنهن کي دنيا جو عظيم ترين ناول چيو وڃي ٿو، جيڪو روس جي مٿان نيپولين جي حملي ڪرڻ سان روس جي سماج تي ان جي اثرن جي عڪاسي ڪري ٿو. سنڌي ادب ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جو سر ڪيڏارو به جنگ، قرباني ۽ شهادت جي اعليٰ عڪاسي ڪري ٿو. ايئريڪ ماريا ريمارڪ جو ناول All Quiet on the Western Front هي پهرين عالمي جنگ جي پسمنظر ۾ لکيل ناول آهي، جنهن ۾ اديب پنهنجي تجربي جي بنياد تي ناول لکيو ته ڪيئن نوجوان نسل کي جنگ جي نالي تي تباهه ڪيو ويو. ان کانپوءِ ارنسٽ هيمنگوي جو A Farewell to Arms هيمنگوي پاڻ عالمي جنگ ۾ ايمبولينس ڊرائيور هو، هن ناول ۾ هڪ آمريڪي سپاهي ۽ هڪ نرس جي محبت جي ڪهاڻي بيان ڪئي آهي، جنهن جنگ جي وحشتن ۾ جنم ورتو. اردو ۾ “خدا ڪي بستي” جيڪو ورهاڱي کانپوءِ ٿيندڙ انساني خونريزي ۽ ان جي اثرن تي لکيل آهي، قرت العين حيدر جو “آگ ڪا دريا” جيڪو پڻ هڪ تاريخي ناول آهي. جنهن ۾ صدين جي جنگين ۽ ان جي اثرن ڪري بدلجندڙ سماج جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. سنڌي ادب ۾ جمال ابڙو، نسيم کرل، امر جليل ڪهاڻيون لکيون آهن ۽ سراج الحق ميمڻ جو “پڙاڏو سوئي سڏ پڻ” هڪ جنگي داستان آهي. ان کان علاوه حميد هليو جو “ڪهاڙي” ناول پڻ ترخانن ۽ ارغونن جي دور تي لکيل آهي. ان کان علاوه “اداس نسلين” عبدالله حسين جو هڪ شاهڪار ناول آهي جيڪو پهرين عالمي جنگ کان وٺي ورهاڱي تائين جي دور کي بيان ڪري ٿو. ان کانسواءِ جديد دور ۾ ايران عراق جنگ تي فارسي ادب ۾ تمام گهڻو لکيو ويو آهي. Chess With The Doomsday Machine هي ايران عراق جنگ جي پسمنظر ۾ لکيل ناول آهي. ان کان علاوه Winter of 82 اسماعيل فصيح جو ناول آهي، جيڪو جنگ جي دوران تهران جي عام زندگي ۽ ماڻهن جي ذهني ڪيفيت کي بيان ڪري ٿو. ترڪي ادب ۾ عثماني سلطنت جي زوال ۽ جديد ترڪي جي آزاديءَ جي جنگ تي ناول The Stranger ترڪي جي آزاديءَ جي جنگ بابت آهي، جنهن ۾ هڪ زخمي آفيسر جي ڪهاڻي آهي. جيڪو ڳوٺ وڃي ٿو ته اتي ماڻهن جي جنگ بابت سرد مهري ڏسي حيران ٿئي ٿو. دنيا ۾ جنگ تي اڃان الائجي ڪيترو ادب موجود آهي جيڪو تمام گهڻو لکيو به ويو آهي ۽ پڙهيو به ويو آهي، پر ان جي باوجود به انسان بارود جي ٻولي نه سمجهي سگهيو آهي. شايد طاقت ۽ وسيلن جي مٿان قبضي ڪرڻ جو فيصلو جنگ جو سبب بڻجي ٿو. جڏهن هٿيارن جون وڏيون صنعتون هونديون ته انهن جو استعمال به لازمي ٿيندو. جڏهن ته ادب انسان کي ٻئي انسان جو هڪڙي رياست کي ٻي رياست جو درد محسوس ڪرڻ جي صلاحيت ڏئي ٿو. ساڳي جاءِ تي جنگ انسان کي انسان کان ڌار ڪري دشمن بڻائي پيش ڪري ٿي. هٿيار تمام گهڻا اثرائتا هوندا آهن ، پر ادب تمام آهستي اثر ڪندو آهي. سئو سال اڳ لکيل ڪتاب ٿي سگهي ٿو ته اڄ ڪنهن ذهن کي متاثر ڪندو هجي ۽ اهو جنگ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري يا ڪو اهڙو فيصلو ڪري جنهن سان انسانيت جو ڀلو ٿي پوي. جرمن اديب برٽولٽ بريخت چيو هو، “جڏهن حڪمران امن جي ڳالهه ڪن ته سمجهي وڃو ته جنگ ويجهي آهي.” جنهن جو تازو مثال اسان هينئر ٽرمپ جي ٺاهيل امن بورڊ ۾ امن جو اعلان ڪندي ڏٺو ۽ ان کانپوءِ جلد ئي ايران مٿان حملو ڪري ان جي سپريم ليڊر کي شهيد ڪيو ويو. سياست جو مقصد سماج جو نظام هلائڻ آهي ۽ ادب ان نظام جا اثر بيان ڪندو آهي. جڏهن سياست ۾ ناانصافي، ظلم يا بدعنواني وڌي ويندي آهي تڏهن ادب ان جي عڪاسي ڪندو آهي ۽ پوءِ هر اديب پنهنجي پنهنجي نظر سان حالتن کي ڏسندي ڪو نظريو جوڙيندو آهي، ڪي اديب ترقي پسند ته ڪي سوشلزم ۽ ڪميونزم جهڙن سياسي نظرين تي ادب تخليق ڪندا آهن. ڪجهه اديبن پنهنجي قلم سان ادب کي مزاحمت جو استعارو بڻائي ڇڏيو، جنهن ۾ فيض احمد فيض ۽ شيخ اياز جي شاعري وڏو مثال آهن. سياست ادب کي تبديل ڪري ٿي ۽ ادب سياست جي اندر طاقت جي حصول لاءِ هلندڙ جنگ کي بيان ڪري ٿو. اها ڳالهه اهم آهي ته دنيا ۾ جتي جتي ادب تخليق ڪندڙ ذهن موجود آهن اهي پنهنجي قلم سان ڪيئن علامتي ۽ عالمي ٻوليءَ جو استعمال ڪري جنگ کان نفرت ۽ امن واري زندگي ۽ انسانيت سان محبت جو اظهار ڪن ٿا. اڄ جي اديب ڪلهه وارو جنگي رومانس ختم ڪري ڇڏيو آهي. اديبن کي مسلسل پنهنجي تخليقي صلاحيتن سان جنگ، سامراج ۽ انسانيت خلاف استعمال ٿيندڙ طاقتن بابت آواز بلند ڪرڻ گهرجي. ڇو ته قلم جي طاقت هڪ ميزائل کان وڌيڪ آهي. وڏا وڏا ليڊر نه صرف شوق سان پڙهندا هئا، پر ڪيترا ليڊر بذات خود ليکڪ هئا. جن ۾ ونسٽن چرچل پاڻ اديب هو جنهن کي ادب جو نوبيل انعام مليو. جواهر لال نهرو جو ڪتاب “ڊسڪوري آف انڊيا” سندس ادبي ذوق جو ثبوت آهي. باراڪ اوباما پنهنجي صدارتي دور ۾ پنهنجي پسنديده ڪتابن، ناولن جي لسٽ شايع ڪندو هو، ابراهم لنڪن شيڪسپيئر جي ڊرامن ۽ شاعري جو شيدائي هو، ذوالفقار علي ڀٽو جي هڪ وڏي لائبريري هئي ۽ هن مطالعو ڪري سياست جا گر سکيا، پر ساڳي جاءِ تي هن وقت ڊونلڊ ٽرمپ کي پڙهڻ جو ڪوبه شوق ناهي. جڏهن ته نيتن ياهو هڪ تڪراري ليڊر هوندي به ادبي ۽ تاريخي پسمنظر رکي ٿو. هن جنگي حڪمت عملي ۽ عالمي سياست جو تمام گهڻو گهرائي سان مطالعو ڪيو آهي. خامنائي ادب، شاعري ۽ تاريخ جو تمام گهڻو شوقين هو ۽ هو پاڻ به شاعري ڪندو هو. ادب انسان کي انسان بڻائي ٿو، ان کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو، سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق سيکاري ٿو ۽ تنگ نظري ۽ انتها پسنديءَ جو خاتمو ڪري ٿو. جنگ رستا بند ڪري ٿي ته ادب خاموشيءَ سان دلين جا دروازا کڙڪائي ٿو، پر هن وقت دنيا هڪ خوفناڪ سفر تي گامزن آهي، جتي فلسفو، ادب، فنون لطيفا پنهنجي حيثيت وڃائي ويٺا آهن. نوجوان هڪدم مشتعل ٿي وڃي ٿو، تنقيدي سوچ غائب آهي ۽ معاشرو مرده نظر اچي ٿو. ادب ۽ فنون لطيفه سان ٻيهر انسان کي انسان سان محبت ڪرڻ سيکاري سگهجي ٿي.