ابراهيم جويي جو نالو سنڌ جي فڪر، ادب، علم، ايمانداري ۽ انسان دوستيءَ جو اهڙو روشن مثال آهي، جيڪو وقت جي هر اونداهيءَ ۾ روشنيءَ جو مينار بڻجي سامهون اچي ٿو. هو نه رڳو هڪ استاد هو، پر هڪ فڪر، هڪ تحريڪ ۽ هڪ فلسفو هو، جنهن سنڌ جي شعور کي نئين راھ ڏياري. سندس زندگيءَ جو هر لمحو قوم، ٻولي، علم ۽ انسانيت لاءِ وقف رهيو. هن پنهنجي قلم، فڪر ۽ اصولن سان اهو ثابت ڪيو ته ايمان، علم ۽ خدمت سان ڀرپور انسان، ڌرتيءَ تي اميد جو سج بڻجي سگهي ٿو. 13 آگسٽ 1915ع تي ڄامشوري ڀرسان ڳوٺ “آباد” ۾ جنم وٺندڙ هي عظيم شخص ننڍپڻ ۾ ئي زندگيءَ جي سختين کي منهن ڏنو، پر علم سان محبت کيس ڏکائين سان مقابلو ڪرڻ جي طاقت ملي. ننڍي ڄمار ۾ ئي والد جي وڇوڙي باوجود تعليم کي پنهنجو هٿيار بڻايو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، پوءِ 1927ع ۾ سَن جي اسڪول ۾ داخلا ورتائين، جتي سندس فڪر ۽ ذهني دنيا بدلجي وئي. اهوئي وقت هو، جڏهن سنڌ، علم ۽ انسانيت سان محبت سندس رڳ رڳ ۾ سمائجي وئي. 1930ع ۾ جڏهن هو سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ۾ داخل ٿيو، تڏهن سندس اندر ۾ علم جو شعلو وڌيڪ ڀڙڪيو. هو فقط ڪتابن تائين محدود نه رهيو، پر سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ فڪر جي دنيا ۾ داخل ٿيو. 1934ع ۾ مئٽرڪ ۾ ٻيو نمبر حاصل ڪري 20 رپيا اسڪالرشپ حاصل ڪيائين، جيڪا رقم ته ٿوري هئي، پر ان رقم جي پويان محنت، ايمان ۽ همت جو جيڪو سرمايو هو، اهو سڄي زندگيءَ لاءِ ساڻس گڏ رهيو.