ايمانوئل ڪانٽ: جديد فلسفي جو اڏيندڙ
جڏهن يورپ ۾ سائنس، مذهب ۽ فلسفي جي بنيادن تي وڏا طوفان هليا پئي، تڏهن 1724ع ۾ هڪ ننڍڙو ڇوڪرو ڪيونڪسبرگ جي هڪ سادي گهر ۾ پيدا ٿيو، اھو ايمانوئل ڪانٽ ھو. وقت جي فلسفياڻن سوالن اڃان ڪن سوالن جا جواب نه ٿي ڏنا:
“اسان علم ڪٿان حاصل ڪريون ٿا؟ ڇا دنيا جي حقيقت کي عقل سمجهي سگهي ٿو؟ ڇا انسان آزاد آهي يا فطرت جي قانونن جو غلام؟”
ڪانٽ جي زندگي هنن سوالن جا جواب ڳولهڻ ۾ گذري. هن صرف سوال نه پڇيا، پر جديد فلسفي لاءِ هڪ اهڙو فڪري فريم ورڪ تيار ڪيو، جنهن کي بعد ۾ “تنقيدي فلسفو” چيو ويو. ڪانٽ جديد دور جي علمي ۽ اخلاقي فڪر لاءِ هڪ اهڙي پل تعمير ڪئي، جيڪا ڊيوڊ هيوم جي شڪ پرستي ۽ آئزڪ نيوٽن جي يقيني سائنس جي وچ ۾ بيٺي آهي.
ايمانوئل ڪانٽ 22 اپريل 1724ع تي ڪيونڪسبرگ (Prussia) ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان مذهبي، سخت محنتي ۽ محدود وسيلن وارو هو. سندس والد، يوهان گيورگ ڪانٽ، هڪ سادي سارجنهاري (harness-maker) ڪندڙ، جڏهن ته ماءُ، اينا ريگينا، هڪ گهري روحانيت واري عورت هئي. ڪانٽ جي شخصيت تي ماءُ جو اثر گهرو رهيو؛ هن کان ئي کيس ترتيب، اصول پسندي ۽ ايمانداري ورثي ۾ ملي.²
ننڍپڻ ۾ ڪانٽ جي خواهش سائنسدان ٿيڻ جي هئي، پر وقت سان گڏ سندس ڌيان فلسفي ڏانهن وڌي ويو. ڪيونڪسبرگ يونيورسٽي ۾ هن فلسفو، فلڪيات، رياضي ۽ فطري سائنس پڙهي. اتي هن لايبنيز، وولف ۽ جان لاڪ جي فڪر کان واقفيت حاصل ڪئي.³
هيوم جو زلزلو- جاڳايل ڪانٽ: ڪانٽ جو فڪري سفر پهرين جان لاڪ ۽ جارج برڪلي جي اثر هيٺ هو، پر پوءِ جڏهن هن ڊيوڊ هيوم کي پڙهيو ته سندس دنيا ئي بدلجي وئي.
هيوم پنهنجي ڪتاب An Enquiry Concerning Human Understanding 1748) ۾ چيو ته اسان جو سمورو علم تجربي مان اچي ٿو، پر تجربو پاڻ ۾ يقيني ناهي. مثال طور: اسان اهو نٿا ڄاڻي سگهون ته “سبب ۽ نتيجي” جو تعلق اصل ۾ دنيا ۾ موجود آهي يا اهو صرف ذهن جي عادت آهي.
ڪانٽ بعد ۾ لکيو:
“هيوم مون کي پنهنجي روايت جي گهري ننڊ مان جاڳايو.”
هيوم جي شڪ پرستي ڪانٽ کي مجبور ڪيو ته فلسفي کي نئين بنيادن تي تعمير ڪري. هن سوچيو ته:
“جيڪڏهن هيوم صحيح آهي، ته پوءِ سائنس جو يقين به ختم ٿي ويندو ۽ مذهب جو بنياد به.”
“خالص عقل جي تنقيد” جو جنم
1781ع ۾ ڪانٽ پنهنجي شاهڪار ڪتاب “خالص عقل تي تنقيد” (Critique of Pure Reason) ڇپيو، جنهن جديد فلسفي جي دنيا ۾ زلزلو آڻي ڇڏيو. هن ڪتاب جو بنيادي سوال اهو هو ته:
“اسان دنيا جو علم ڪيئن حاصل ڪريون ٿا ۽ اسان جي عقل جون حدون ڪهڙيون آهن؟”
ذهني جوڙجڪ ۽ علم جو امڪان:
ڪانٽ چيو ته اسان جو ذهن خالي ٿانءُ ناهي؛ اهو اڳ ئي پيدائشي ڍانچن (a priori structures) سان ڀريل آهي، جيڪي اسان جي تجربن کي شڪل ڏين ٿا.
‘وقت’ ۽ ‘جڳهه’ دنيا ۾ الڳ موجود حقيقتون ناهن، پر اسان جي ذهن جا فريم ورڪ آهن. اسان شيءِ جهڙي اصل ۾ آهي، ان کي بذاتِ خود (Noumenon) کي ڪڏهن به سڌو سنئون نٿا ڄاڻي سگهون؛ اسان رڳو انهن شين کي ڄاڻي سگهون ٿا جيڪي اسان جي ذهن جي فلٽر مان گذرن ٿيون، جن کي Phenomena چيو ويندو آهي.
تصور ۽ تجربي جو ميلاپ
ڪانٽ چيو ته: “تصور بنا تجربن جي خالي آهن، ۽ تجربا بنا تصورن جي انڌا.”
ان جو مطلب اهو آهي ته علم، عقل ۽ تجربو ٻنهي جي ميل سان پيدا ٿئي ٿو.
اخلاقي آزادي ۽ “تنقيد عقل عملي”
ڪانٽ جو ٻيو وڏو شاهڪار ڪتاب “تنقيد عقلِ عملي” (Critique of Practical Reason, 1788) آهي، جنهن ۾ هن اخلاقيات جو هڪ نئون بنياد رکيو.
ڪانٽ موجب، اخلاقي قانون ڪنهن ٻاهرين قوت کان نٿو اچي، پر انساني عقل جي اندروني قانون مان پيدا ٿئي ٿو. هن جو مشهور اصول Categorical Imperative آهي، جنهن جو خلاصو آهي:
“هميشه اهڙو عمل ڪر، جيڪو تون چاهين ٿو ته اهو عمل سڀني لاءِ عالمي قانون بڻجي.”
مثال طور: جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪوڙ ڳالهائي ٿو، پر چاهي ٿو ته سڀ ماڻهو سچ ڳالهائين ته اهو اصول ۾ تضاد آهي، تنهنڪري ڪوڙ اخلاقي طور غلط آهي.
ڪانٽ ۽ انساني وقار: ڪانٽ جو فلسفو انسان کي هڪ مقصد سمجهي ٿو، نه رڳو ڪنهن مقصد تائين پهچڻ جو وسيلو. هو چوندو هو:
“انسان کي هميشه هڪ خود مختيار وجود طور ورتو وڃي.”
هي خيال جديد انساني حقن ۽ آزادين جي فلسفي جو بنياد بڻيو.
ڪانٽ جي زندگيءَ جي آخري سالن ۾ سندس جسم ڪمزور ٿي ويو، پر سندس ذهن روشن رهيو. 1804ع ۾ ڪانٽ وفات ڪئي، پر سندس فڪر جو سفر اڄ تائين جاري آهي. سندس ڪم جرمن آئيڊيلزم (Fichte, Schelling, Hegel) جي فڪر تي گهرو اثر وڌو ۽ جديد فلسفي، سائنس ۽ اخلاقيات جي نون بحثن جو دروازو کولي ڇڏيو.
نتيجو: ايمانوئل ڪانٽ فلسفي جي دنيا ۾ هڪ انقلاب آندو. هن عقل ۽ تجربي جي وچ ۾ توازن قائم ڪيو، اخلاقيات کي آزاديءَ سان ڳنڍيو ۽ انساني وقار کي فلسفي جو مرڪزي نقطو بڻايو. ڪانٽ جو فڪر نه رڳو فلسفي لاءِ اهم آهي، پر سياست، سائنس، اخلاقيات ۽ جديد انساني فڪر ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
تنقيد (Critique): ڪانٽ جي فلسفي تي مختلف محققن ۽ فلسفين طرفان سخت تنقيدون ڪيون ويون آهن:
Noumenon جو مسئلو: ڪانٽ چوندو آهي ته اسان شيءِ بذاتِ خود کي نٿا ڄاڻي سگهون، پر پوءِ به ان جي موجودگي مڃي ٿو، ڪيترن ناقدن هن کي منطقي تضاد سڏيو.¹
2.Categorical Imperative جي سختي: ڪانٽ جي اخلاقي اصولن ۾ ڪنهن به قسم جي لچڪ ناهي، پر حقيقي زندگي ۾ ڪڏهن ڪڏهن اخلاقي فيصلن لاءِ صورتحال کي ڏسڻ ضروري آهي.¹¹
جرمن آئيڊيلزم جي تنقيد: فيشٽي، هيگل ۽ شيلنگ ڪانٽ جي ذهن ۽ حقيقت جي وچ ۾ رڪاوٽ واري تصور کي نامڪمل قرار ڏنو ۽ وڌيڪ جامع نظام ٺاهيا.


جڏهن يورپ ۾ سائنس، مذهب ۽ فلسفي جي بنيادن تي وڏا طوفان هليا پئي، تڏهن 1724ع ۾ هڪ ننڍڙو ڇوڪرو ڪيونڪسبرگ جي هڪ سادي گهر ۾ پيدا ٿيو، اھو ايمانوئل ڪانٽ ھو. وقت جي فلسفياڻن سوالن اڃان ڪن سوالن جا جواب نه ٿي ڏنا: