کدڙن فقيرن جي زندگي سڄي پاڪستان ۾ رحم جوڳي آهي، پر سنڌ ۾ مٿن عام تشدد واريون وارداتون پنجاب ۽ ڪي پي ڪي نسبت گهٽ نظر اچن ٿيون. هتي اسان وٽ کين مختلف خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ گهرايو وڃي ٿو، گڏوگڏ ٻارڙن جي طهرن ۽ شادين جي موقعن تي به اچي پنهنجي اصلوڪي رواجن موجب ناچ ڪندي گانا ڳائي خوشين تي دعائون ڏيندي لاڳ وٺندا ھئا، پر اڄ اھو رواج، ريت رسمون اڃان به ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪجهه ڪجهه نظر اچن ٿيون، جتي جتي “کدڙن جون مڙهيون” خاص اھميت رکڻ سبب خوشين واسطي کدڙا فقير شهرن ۾ گشت ڪندي يا ميلن ملاکڙن ۾ خوشيون ورهائيندا آھن. ڳچ عرصي کان مڙھين جي اصلي کدڙن فقيرن لاءِ احترام ٿيندي ڏسبو آھي. اھي فيشن وارا “خواجه سرا” مشڪوڪ هجڻ ڪري فقيري واري رنگ کي بدنام ڪرڻ لڳا آھن. سنڌ ۾ ڪڏھن به کدڙن فقير کي قتل ڪرڻ جون وارداتون ٻڌجڻ ۾ نه آيون، پر ھاڻ ان ۾ رکي رکي خوني واقعا ٿيڻ لڳا آھن جن تي تمام گهڻو افسوس ٿئي ٿو.
اھڙي قسم جا خون پشاور يا افغانستان ۾ ٿيڻ جون خبرون ٻڌبيون ھيون، پر ھاڻ سنڌ ۾ به اھڙي قسم جا خوني ڏکوئيندڙ واقعا رونما ٿيڻ لڳا آھن، جن جي روڪٿام ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. تازو ڪراچي جي ملير علائقي ۾ نامعلوم قاتلن پاران ٽن خواجه سرائن کي قتل ڪري سندن لاش ويران ھنڌ تي اڇلايا ويا.. پوليس اطلاع ملڻ شرط واردات واري جاءِ تي پهچي لاش ھٿ ڪيا، جن جي شروعاتي طور سڃاڻپ نه ٿي سگهي، لاشن کي ايڌي ايمبولينس ۾ سرڪاري اسپتال پهچايو ويو. آخري رپورٽن موجب آھي کدڙا فقير بلاول ڳوٺ ۽ صفوران ڳوٺن جي ڀرپاسي جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن. ھن افسوسناڪ واردات تي لاشن جا پِيرا کڻي حقيقي قاتلن تائين پهچڻ لاءِ واسطيدار ٿاڻن جي پوليس عملدارن کي پنهنجي جوابداري نڀائڻ جو احساس ڪرڻو پوندو، جيئن اڳتي لاءِ ڪوبه رھزن اھڙي طرح جو ناحق خون نه ڪري سگهي. ڇو جو کدڙا فقير به اسان جي سماج جو هڪ حصو آهن ۽ اهي اسان وانگر انسان آهن، جن کي فطرت ڪجهه شين کان محروم ڪري زندگي ڏني آهي. اسان کي سندن محرومين کي قبول ڪري کين جيئڻ جو حق ڏيڻ گهرجي.