بلاگنئون

ڊيم به پنجاب کي ٻڏڻ کان نه بچائي سگهندا جيڪڏهن ستلج، راوي ۽ چناب جا لنگهه نه کوليا ويا

ٻارنهن تيرنهن سالن کانپوءِ ھڪ دفعو دريائن ۾ ڀارت کان ڇڏيل اضافي پاڻي جڏهن ستلج، راوي ۽ چناب ۾ اچي ٿو ته پنجاب ٻڏي ٿو. پوءِ پنجاب کي ڊيم ٺاهڻ ياد اچن ٿا ۽ ڊيم ٺاھڻ جي ھن موقعي تي وزيراعظم ۽ پنجاب جو حڪمران ٽولو بار بار ڳالھ ڪري پيو، وري اھا به عجيب قسم جي ڳالھ پيا ڪن ته ڪالا باغ ڊيم ٺھيل ھجي ھا ته پنجاب نه ٻڏي ھا ۽ ٻوڏ وارو پاڻي به ذيان نه ٿئي ھا، ھڪ ته جيڪي پنجاب پنھنجا ٽي درياءَ 1960ع ۾ انڊيا کي وڪرو ڪيا پنجاب کي ھر دفعي اھي ئي دريا ٻوڙيندا رھيا آھن. 1988ع ۾ انهن ٽن دريائن پنجاب کي ٻوڙي شديد نقصان رسايو ھو، ان کانپوءِ 2011ع ۾ به پنجاب کي وڏو نقصان پهتو. ٻي ڳالھ ته انھن دريائن تي ڊيم پنجاب ۾ ته ڪڏھن به ٺھي نٿا سگھن، ڇو ته پنجاب ميداني علائقو آھي، ڊيم جابلو علائقن مان دريائن جي وھڪرن تي ٺھندا آھن، جيڪڏهن پنجاب ۾ ڊيم ٺھي سگھن ھا ته اھي انگريز ئي ٺاھي وڃن ھا، پنجاب پنھنجي صوبي جي حدن ۾ ڪوبه وڏو ڊيم ڪڏھن به نٿو ٺاھي سگھي. پنجاب جيڪي دريا 1960ع ۾ ٿيل معاھدي مطابق انڊيا کي وڪرو ڪيا، انڊيا انھن تي پنھنجن علائقن ۾ اڳ ۾ ئي ڊيم ٺاھي چڪو آھي. جڏھن ڊيم ڀرجن ٿا ته ڀارت اضافي پاڻي پنجاب طرف ڇڏي ٿو اھو پاڻي پنجاب ۽ بعد ۾ سنڌ ۾ دريائي ٻوڏ آڻي ٿو. اھا ڳالھ به درست نه آھي ته ڪالا باغ ڊيم يا سنڌو درياءَ تي ڪو ٻيو ڊيم ٺھيل ھجي ھا ته پنجاب نه ٻڏي ھا ۽ پاڻي اسٽور ڪري سگھجي ھا. اھا ڳالھ “ڪاڏي منھن مريم جو ڪاڏي ٽنڊوالھيار واري“چوڻي جي برابر ۽ ماڻھن کي بيوقوف بنائڻ واري ڳالھ آھي، ھاڻ ته نقشن جي مدد سان سڀڪو سمجھي ٿو ته سنڌو درياءَ پنجاب جي اولھ طرف کان اچي ٿو ۽ ان تي ڪالا باغ ڊيم يا ٻين ڊيمن جا منصوبا خيبر پختونخواھ صوبي جي حدن ۾ اچن ٿا، تربيلا ڊيم به ان علائقي ۾ ٺھيل آھي، جن جو اوڀر طرف وارن دريائن سان ڪو به تعلق نه آھي. ھن طرح جون دريائي ٻوڏون ٻارنهن تيرنهن سالن ۾ ھڪ دفعو ان وقت اچن ٿيون جڏھن ڀارت اضافي پاڻي دريائن ۾ ڇڏي ٿو. پنجاب کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ پنجاب کي دريائن جا بند مضبوط ڪرڻا پوندا، جيڪو تمام وڏو ۽ مھانگو خرچ آھي. ان کان علاوه پنجاب ۾ انهن دريائن جي پيٽ ۾ زمينن تي قبضا ٿي چڪا آهن ۽ اتي ڪيتريون ئي هائوسنگ اسڪيمون يا پروجيڪٽ زير تعمير آهن يا تعمير ٿي چڪا آهن. ٻيو ته ھي سڄو قدرتي نظام آھي، جنھن پاڻي جو وڏو مقدار سمنڊ تائين پھچي ٿو، انڊيا ۾ دريائن تي ھزارن جي تعداد ۾ ڊيم ٺھيل آھن، جيئن انڊيا دريائن جو اضافي پاڻي ڇڏي ٿو جنھن سان پنجاب ۽ بعد ۾ سنڌ جا ميداني علائقا ٻڏن ٿا، تيئن ئي چين مان نڪرندڙ دريائن جو پاڻي ڪڏھن ڪڏھن چين ڇڏي انڊيا کي به ٻوڙيندو رھندو آھي. انڊيا جي علائقن مان نڪرندڙ دريا ڪڏھن جنگي حالتن ۾ ھٿيار طور به استعمال ٿي سگھن ٿا. انڊيا جڏھن به چاھي ڊيمن جا دروازا کولي پنجاب ۽ سنڌ کي ٻوڙي سگھي ٿو. ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته موٽر وي يا ميٽرو بسن کي ترجيح ڏئي ان طرف پئسا خرچ ڪرڻ کان پھرين دريائن جي بندن کي مضبوط ڪرڻ تي پئسو خرچ ڪجي، پر ڳالھ اھا آھي ته موٽروي ۽ ميٽرو بسن جا مبصوبا ڪرپشن ذريعي ڪمائيءَ جا وڏا ذريعا آھن، ان ڪري انھن طرف وڏي توجهه رھي ٿي ۽ پاڻ کي ٻوڏن کان بچائڻ جي ڳالھ ھر ڀيري حڪمرانن کان وسريو وڃي.