ڪراچي جا ادارا پنهنجي رهواسين کي ڪيئن مايوس ڪري رهيا آهن ۽ پاڻ کي ناڪام ثابت ڪري رهيا آهن ان ڪري ته انهن جي ڪارڪردگي ڪم جي ناهي رهي، رڳو پئسن کائڻ ۽ ڪرپشن جي پويان لڳل آهن. اها ڳالھ ان مان به واضح آهي ته ڪوبه ادارو صحيح ڪم نه پيو ڪري، ٽريفڪ جا نظام درهم برهم لڳا پيا آهن، سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ڀلي ناهي پوءِ اهي اسڪول هجن يا ڪاليج، وري شهر ۾ جيڪي به صفائي سٿرائي وارا ادارا آهن جيڪي ڀنگين ۽ ٻالن کان ڪم وٺندا آهن، سي به ڄڻ ته ڪنهن ميونسپل ڪاميٽيءَ جي ڪنٽرول ۾ ناهن هوندا. شهر جي سڀني روڊ، رستن تي پٿر اکڙيا پيا آهن، کڏا کوٻا، ڌوڙ، گٽر اٿليا پيا آهن يا گٽرن جا ڍڪ غائب آهن، وهندو هجي يا ان جو پاڻي روڊن تي وهي روڊ کي نه اکيڙيندو هجي، بدلي ۾ وري اها ڳالھ سنڌ سرڪار جي مٿان ٿي اچي ته هو ڪجھ نٿا ڪن. شهر جي ڪينٽونمينٽ بورڊن جا علائقا پاڻي جي ٽينڪرن کان وٺي مينٽيننس جا پئسا ۽ منٿليون عسڪري ادارن جي کيسن ۾ ٿا وجهن، پر جڏهن گٽرن ۽ روڊن جي رپيئر ۽ مينٽيننس جي ڳالھ اچي ٿي ته اها صوبائي سرڪار ڪندي، پر ڏسجي ته نظم ۽ ضبط نالي ڪا شيءِ ناهي يا ڪا آڊٽ يا پڇا ڳاڇا ناهي، جيڪا ادارن جي ساک ۽ ضمانت ڏئي سگهي ته اهي هاڻي بهتر ڪم ڪري رهيا آهن.
ڪجھ گٽر، ڪجھ علائقا، ڪجھ روڊ بهتر آهن، ان ڪري ته انهن جا بنيادي ڍانچا ڀلا آهن. مثال بحريا ٽائون جو سسٽم بهتر آهي، ڊفينس جا روڊ رستا ۽ نظام بهتر آهن، ڪجھ روڊ مينهن جي دٻَ جي ڪري به خراب نٿا ٿين، باقي سموري شهر ۾ ڌوڙ ٿي وسي ۽ سموري شهر جو نظام درهم برهم لڳو پيو آهي. ڪنهن جي دل نٿي چوي ته اهڙن روڊن تي ٻاهر نڪرجي. ان ڪري جو سواءِ ڌوڙ ۽ دونهين جي روڊن تي ڪجھ به ناهي رهيو. قبضاگيري جي ڳالھ ڪجي ته پنجين پندرهين ڪورٽون وري به اک پٽين ٿيون، جيڪي قبضي طرف سرڪار جو ڌيان ڇڪائين ٿيون ته اهي سرڪاري ڌريون ان ڳالھ تي ڌيان ڌرين ته ماڻهن مارڪيٽن جي پنج فٽي دڪانن کي پنجاھ فٽي ڪري ڇڏيو آهي ۽ هر ماڻهوءَ جي اها ڪوشش آهي ته هو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي رشوت ڏئي، پنهنجو ڪم سڌو ڪري، ان ڪري ته حڪومت جي رٽ ڪجھ به ناهي ۽ جيڪي به قانون لاڳو ڪندڙ ڇاڙتا آهن، حڪومت انهن جي آهي، اهي جيئن چاهين تيئن ڪري سگهن ٿا.
بدقسمتيءَ سان 2020 جي برساتن کانپوءِ ڪيل ڪنهن به رٿابنديءَ جي تفصيلن کان عام ماڻهن کي آگاھ ناهي ڪيو ويو. جيتوڻيڪ اهڙيون ايمرجنسيون ۽ اهڙيون مصيبتون ادارن کي بهتر ڪم ڪرڻ ۽ ڪارڪردگي وڌائڻ جي ڳالھ ڪنديون آهن. آگسٽ 2020 ۾ ڪراچيءَ جي علائقن ۾ بارشي پاڻي اچڻ کانپوءِ نالن جي ڀرسان ۽ مٿان تڪراري اڏاوتون مقامي جهيڙن جو سبب بڻيون رهيون ۽ ڪنهن به انهن اڏاوتن تان هٿ نه کنيو ۽ ڪيتريون ئي عمارتون ۽ مسجدون به نالن مان جوڙيون ويون ۽ ايم ڪيو ايم جي دور ۾ اهي ڪم راتو رات ٿي به ويا ۽ ڪنهن ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي ته نالن کي آجو ڪيو وڃي ۽ کليل نالا سڀني بيمارين جي ماءُ قرار ڏنا ويا هئا، پر ان جي باوجود به ڪو خاطر خواهه ڪم نه ٿيو. ماڻهو اڃان به نالن جي مٿان ويٺل آهن ۽ جيڪي به عمارتون، فليٽ، بنگلا، عام ماڻهن جون آباديون جڙي ويون آهن، انهن کي ڪير هٿ لائڻ لاءِ تيار ناهي. رڳو گجر نالي جو ئي مثال وٺجي ان کي به وڏي مشڪل سان آجو ڪيو ويو آهي، پر اتي رهيل غير قانوني ماڻهن کي وري قانون تحت ڪنهن خالي علائقي ۾ پلاٽ ۽ امدادون فراهم ڪيون ويون.
اسان هاڻي شايد ئي بهتر ٿي رهيا آهيون. ميڊيا جي ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت کي جلد قبرستانن ۽ آخري آرام گاهن جي ٻين ڪيٽيگريز جا انتظام سنڀالڻ لاءِ نئون اختيار ملي ويندو. سنڌ منزل سکن اٿارٽي بل 2022 ظاهري طور تي صوبائي اسيمبلي ۾ غور هيٺ آيو ۽ اهو قانون بڻجي ويو ته ميونسپل جو اهم ڪم صوبائي حڪومت جي دائري ۾ اچي ويندو. اها هڪ الڳ ڪوشش نه آهي. گذريل ڪجھ سالن دوران ڪيترائي اهم شهري ميونسپل ۽ علاقائي ڪم صوبائي سطح تي ٺاهيل اختيارين ۽ ايجنسين جي هٿن ۾ هليا ويا آهن. مثال طور: سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي کي ٽريفڪ انجنيئرنگ بيورو جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پراڻي ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو هڪ وڌايل ادارو آهي، جيڪو سمورري سنڌ ۾ ڪم ڪري ٿو. ڪي ايم سي ۽ ضلعي ميونسپل ڪارپوريشنز (ڊي ايم سي) بدران سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ ڪچري جو انتظام هلائي ٿو KDA جو ماسٽر پلان ۽ ماحولياتي ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ، جيڪو ماسٽر پلان گروپ آف آفيسز بڻجي ويو آهي، پر هاڻي اهو تقريبن بيڪار آهي. ان جي جاءِ تي سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي قائم ڪئي پئي وڃي. مبصرن جو چوڻ آهي ته صوبائي سرڪار ادارن کي هڪ برانڊ طور استعمال پئي ڪري ته جيئن ماڻهن کي “ڪراچي ۽ مهاجر” جي گرهڻ مان ڪڍي سگهجي ۽ ڪجھ ميٽروپوليٽن ايجنسين ۽ تنظيمن جي ڪمن، ڪردارن ۽ آمدني جي اسٽريمن کي گهٽائي سگهجي. ڪي ايم سي ملڪ جي سڀ کان وڏي ميونسپل ايجنسي، هاڻي عملي طور تي هڪ رسمي حيثيت رکي ٿي. اهڙي طرح ڪي ڊي اي جنهن ماضي ۾ ٻه وڏا شهري ترقياتي منصوبا تيار ڪيا هئا، اهي عملي طور تي غير فعال آهن. لياري ۽ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽين کي گروٿ ڪوريڊور سمجهيو ويو، جتي وڪڻڻ لائق ڪافي زمينون ڏنيون ويون. ٻنهي ايجنسين 1993 ۾ ٺهڻ کان وٺي زمين جي شڪي ٽرانزيڪشن جي نگراني ڪئي. هڪ مثال M-9 موٽر وي تي هڪ ميگا ريئل اسٽيٽ جنهن 16,000 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين جو وڪرو ڪيو، جنهن جو تازو سپريم ڪورٽ فيصلو ڪيو هو.
حقيقت ۾ شهر ٻيائي جي ور چڙهيل آهي، هتي ڪوبه ترقي جي نالي تي ايماندري نٿو ڏيکاري، جنهن کي موقعو ملي ٿو ته اهو وهندڙ گنگا مان هٿ ڌوئي ٿو وٺي، هر ڪو مفادي سياست ٿو ڪري سمورو ڏينهن رڳو نفرت جي سياست ۽ ماڻهو لساني فرقيواريت واري گفتگوءَ ۾ مگن آهن. آفيس هجي، بس هجي، ريل گاڏي هجي، هوٽل هجي يا ڪو اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي جي ڪيفيٽيريا رڳو صوبن جي ورهائڻ ۽ ڊيمن جي ڳالھ، حالانڪه اهڙي ڪابه حل طلب ڳالھ نٿي ڪري سگهجي يا چئي سگهجي جو جنهن شهر جي آبادي رڳو ان ڳالھ تي جيئي پئي ته اتان جا ماڻهو اردو ٻولي ان ڪري ته ٿا ڳالهائين جو اها قومي ٻولي آهي يا ان ڪري نٿا ڳالهائين ته اها اردو ڳالهائيندڙن يا مهاجرن جي ٻولي آهي ۽ رابطي جي زبان هجڻ جي ڪري اهي هاڻي اهو ٿا سمجهن ته شهر هنن جي ٻولي جي قبضي هيٺ اچي ويو آهي. حالانڪه 90 واري ڏهاڪي کانپوءِ شهر جي ڊيموگرافي تبديل ٿي وئي آهي، پٺاڻن جي علائقي ۾ وڃي ايئن لڳندو آهي جو ماڻهو ڪي پي ۾ اچي ويو هجي. ڪجھ اهڙا به علائقا آهن جتي مهاجر پاڻ ڌاريا لڳندا آهن، شهر جون 4 هزار ڪچيون آباديون ان ڳالھ جو ثبوت آهن ته شهر جي اندر به ڊيموگرافي تبديل ٿي رهي آهي، شهر جو اليٽ ڪلاس ملڪ ڇڏي وڃڻ ۾ عافيت ٿو سمجهي. باقي آفاق جي ڳالھ وانگي ته بلوچستان صوبو غيرآباد آهي، ان ڪري هنن کي اتي صوبو ڏنو وڃي، پر سوال ته اهو آهي ته شهر جو حقيقي مينڊيٽ هنن وٽ به ناهي، اها حافظ صاحب جي مهرباني ليکين جنهن پي ٽي آءِ جي دشمني ۾ هنن کي ڪجهه سيٽون ڳڻي ڏنيون، جو جڏهن اليڪشن جي رزلٽ پئي آئي ته هنن سيٽون ويٺي ڳڻيون ته باقي پوئتي ڪيتريون بچيون آهن، جن جا نالا هنن لکي رکيا هئا ته ڪهڙا ايم پي اي ٿيندا ۽ ڪهڙا ايم اين اي.
شهر جي منصوبن ۽ شهر جي ترقي کي ملحوظ خاطر رکيو وڃي ته اهي ڪم جيڪي عام ماڻهن جي فائدي وٽان آهن، جن منصوبن مان عام ماڻهن کي لاڀ ملندو، سي جلد اڪلايا وڃن، اهي منصوبا جن ۾ صاف پاڻي جا پلانٽ، روڊ رستا، انڊر پاس، پليون ۽ ٻيا عام ڀلائي جا ڪم جن جي اڪلائجڻ سان عام ماڻهو سڪون ۾ ايندو، پر هي جماعت رڳو لڦڙ بازي ۽ پنهنجي مفادن جي ڳالھ ٿي ڪري، هي نه ته مقامي آهن ۽ نه مهاجر، ڀلا جي مقامي آهن ته مهاجر ڪيئن ٿيا ۽ جي مهاجر آهن ته مقامي ڪيئن ٿيا؟ جيڪو وڏو سوال آهي. ان ڪري جيڪي مقامي ماڻهو آهن اهي رڳو سنڌي ڳالهائيندڙ قومون آهن، جيڪي صدين کان هتي آباد آهن باقي هي شهر انگريزن ان ڪري اڏيو جو هتي مزاحمت گهٽ هئي، لوڪل سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهو واپاري طبقي وارو پرامن هو، گهڻي ڀاڱي سنڌي هندو عيسائي، پارسي ۽ يهودي يا ڪجھ ٻيون قومن جيڪي گهڻائي ۾ نه هيون ۽ انگريز به ان ڳالھ ۾ خوش هئا ته هتي “ڊيپ سي” آهي معنيٰ سمنڊ گهرو آهي، وڏا جهاز لنگر ڪري سگهن ٿا ۽ ماڻهو گهڻي ڀاڱي پنهنجا شهر ڇڏي لڏي ڪونه ايندا ۽ جيڪڏهن آيا به ته اهي پڙهيل لکيل ۽ روشن خيال سنڌي هوندا، ان ڪري هتي ئي شهر اڏجي ۽ ان ڪري هنن ڪوسٽل ايريا جي ٻين شهرن جيڪي ان ٽائيم تي به وڏا آباد به هئا تن کي اهميت نه ڏني جن ۾ بدين، ٺٽو، گولاڙچي، سجاول وغيره شامل هئا.