بلاگنئون

ٻولي ۽ حڪمراني

حساس شعبن ۾ ٻولي، حڪمراني ۽ پاليسين جو ايڏو وڏو ڪم آھي جنھن جو تورڻ لاءِ هي بلاگ لکڻو  پيو. ملڪن جي سرڪاري ادارن ۾، حڪمراني جيڪا پاليسين جي اثرائتي ترقيءَ جو سبب بڻجي ٿي، اھا ڪجهه ھنڌن گهڻو تڻو محدود رهي ٿي. هڪ ھنڌ جيڪو خاص طور تي قابل ذڪر آهي اهو عورتن جي صحت سان لاڳاپيل ڪم آهي، جتي جنس، صنف ۽ ھدف واري آباديءَ کي بيان ڪرڻ کان ويندي جنسي، توليدي علم بدن ۽ جسم جي حصن لاءِ استعمال ٿيندڙ ٻولي ھرو ڀرو وڌيڪ حساس ۽ ڪڏهن ڪڏهن تڪراري بڻجي ويندي آهي. نتيجي طور اتي ڪم ڪندڙ ماڻهو ويچارگيءَ مان انگريزي لفظ استعمال ڪندو آھي.

پاليسين، پروگرامن ۽ خدمتن جي ترتيب ۾، اهي سوال جيڪي معمول طور بيان ڪيا ويندا آھن جيئن؛ آبادي ڪيئن بيان ڪئي ويندي، انگن اکرن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪيئن ڪبي قابليت ڪيئن بيان ڪئي ويندي، نتيجا ڪيئن ماپبا؛ جھڙن ھنڌن تي اڪثر ڪري اضافي خيال ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي. اهي اصطلاح جيڪي خدمتون ترتيب ڏيڻ کان ويندي بھتر نموني پھچائڻ لاءِ ضروري آهن، انھن کي جائزي، نظرثاني يا محتاط استعمال جي تابع ڪيو وڃي ٿو. نتيجي طور، اھلڪارن، ڪارندن، ڪارڪنن، پيشه ورن ۽ عملي کي واضح طور تي بحث ڪرڻ، سڌو تجزياتي سوال پڇڻ يا زميني حقيقتن کي بيان ڪرڻ ڏکيو لڳندو آهي.

ان جو سادو مثال توليدي عمر جي صحت جي خدمتن ۾ جڏھن پنھنجي ماءُ ٻولي بدران اوپريون ٻوليون ڪتب آڻجن ٿيون جيڪي اسان وٽ عام رواج آھي ته صحت جي اسڪريننگ پروگرام جي منصوبابنديءَ ۾، قابليت جي معيار ۽ انگ اکر گڏ ڪرڻ بابت فيصلا آباديءَ جي واضح تعريفن تي منحصر آهن، جتي اهي تعريفون غير يقيني آهن. جن سبب پروگرام جي افاديت گهٽجي سگهي ٿي، انگ اکر غير مطابقت رکندڙ ٿين ٿا ۽ ڪارڪردگي جي اشارين جي تشريح ڪرڻ ڏکي ٿي پوي ٿي. ان مان ڪوبه پروگرام جي افاديت بابت اختلاف کي ظاهر نٿو ڪري؛ اهو حڪمرانيءَ جي حالتن بابت غير يقيني صورتحال کي ظاهر ڪري ٿو جيڪي ان جي ترتيب ۽ عملدرآمد جي پوئيواري ڪن ٿا.

منھنجو ھي بلاگ پاليسين جي بنيادي افاديت يا مقصدن ۽ وسيع سماجي بحثن ۾ موقف اختيار ڪرڻ بابت ناهي. اهو حڪمرانيءَ بابت آهي ته فيصلا ڪيئن ڪري ڪيئن لاڳو ڪيا وڃن ٿا، جائزو ورتو وڃي ٿو ۽ وقت سان گڏ ترتيب ڏنا وڃن ٿا. جڏهن پاليسين تي عمل ڪندڙ ٻوليءَ تي غير يقيني صورتحال جي ڪري محدود ٿي وڃن ٿا ته پاليسين جو سماج تي اثرائتو ٿيڻ به غير ارادي طور متاثر ٿئي ٿو.

عورتن جي صحت ۽ جنس جو امتزاج انھن مسئلن کي نروار ڪري ٿو، جڏھن اھي مسئلا ۽ خدمتون ڪنھن ڌاري ٻوليءَ ۾ ترتيب ڏجن ته انھن جو مختلف جاين تي مختلف ترجمو تفاوت پيدا ڪري ٿو، تنھن جو لوڙ وري عام عورت لوڙي ٿي. اھي ساڳيا مسئلا ٻين شعبن جي پاليسين ۾ به نظر اچن ٿا، جتي اصطلاحن ڏانھن وڌندڙ حساسيت پنھنجو ڪردار ادا ڪندي آهي، جھڙوڪر ڪلائيميٽ چينج جنھن جو سادو ترجمو ته ‘موسمياتي تبديلي’ ڪيو ويندو آھي، پر اصل ۾ اھا “بدلجندڙ وايومنڊل” ھوندو آھي.

ڪيئن تڪراري لفظ، جڏهن اهو انتظامي ۽ پيشه وراڻن عملن ۾ داخل ٿئي ٿو ته پاليسين جي ڪم کي لاڳو ڪرڻ لاءِ حڪمرانيءَ جي صلاحيت کي تشڪيل ڏئي ٿو. اهو بنيادي بحثن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش نٿو ڪري. اهو ان تي ڌيان ڏئي ٿو ته ادارا ڪيئن ڪم ڪن ٿا، جڏهن ته سماج ۾ اهي بحث جاري رهندا آھن.

روزمره جي ادارتي عمل ۾ حڪمرانيءَ جي ڪردار جو گهٽجڻ نظر اچي ٿو. اهي دستاويز جيڪي ڪڏهن معياري ٽيڪنيڪل جائزي مان گذريا هئا هاڻي بنيادي طور تي اصطلاحن تي ڌيان ڏيڻ جي اضافي پرتن طرف راغب ڪن ٿا. مسودن کي اڪثر ڪري تجزياتي بھتريءَ کانسواءِ بار بار رڳو ان ڪري نظرثاني ڪيو ويندو آهي ته جيئن تڪراري لفظ انھن ۾ نه اچن جن جون معنائون تڪراري ٿي سگهن ٿيون، جيئن ڄم روڪ خدمتن ۾ اسان وٽ ڪڏھن به الھڙ ڇوڪرين يا ڇوڪرن جو ذڪر ئي ناھي ڪيو ويندو، جنھن سبب انن خدمتن جو فيض ختم ٿي وڃي ٿو. وقت سان گڏ، پاليسين جي بھتري پڻ سست ٿي ويندي آهي ۽ صحت ۽ تعليم کان وٺي انصاف ۽ روزگار تائين سڀني شعبن ۾ وضاحت گهٽجي ويندي آهي.

ساڳوڻو احتياط جڏھن تحقيقي عمل کي شڪل ڏئي ٿو جيئن ڪاري ڪامڻ ۾ جنسي رويو معلوم ڪرڻ بداخلاقي ٿا چون ته محقق به تجرباتي سوالن کان پاسو ڪن ٿا جيڪي سماج جي تڪراري زمرن تي ٻڌل آهن. جيتوڻيڪ اهي سوال تحقيق جي اثرائتي يا درست ھجڻ لاءِ نهايت اهم آهن. تحقيقي تجزيي لاءِ واضح وصفن جي ضرورت هوندي آهي، جن کي گهڻو ڪري هڪ پاسي ڪري رکيو ويندو آهي، ان ڪري نه ته ان کيتر ۾ قابليت جي کوٽ آهي، پر ان ڪري جو اهو خوف ھوندو آهي. ايئن ڪرڻ سان آهستي آهستي ثبوتن جي بنياد ۾ کوٽ پيدا ٿيڻ شروع ٿيندي آھي ۽ ان مسئلي جو حل پڻ غير موثر ترتيب ٿيڻ شروع ٿيندو آھي، جيڪو اڳتي ھلي پاليسين جي چونڊ کي گهٽ سائنسي بڻائي ٿو.

ساڳي ريت پيشه وراڻي مھارت کي ڪيئن استعمال ڪيو ويندو آهي ان تي پڻ اثرانداز ٿئي ٿو. صلاحڪار گروپن ۽ ماهر ڪميٽين ۾، تجربيڪار عملو رڳو ان ڪري پوئتي هٽي ويندو آھي، جو کين سندو موقف رکڻ ۾ ڏکائيون پيش اينديون آھن. سالن جي انتظامي تجربي وارا اھلڪار به انھن ڏکيائين کي بيان ڪرڻ ۾ هٻڪندا آهن جيڪي انھن نه رڳو ڏٺيون ھونديون آهن، پر ڀوڳيون ھونديون اٿن. ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ لاءِ پيشيوراڻي ھمت ۽ جرئت جي گهرج آھي. اهي نقطا جيڪي پرائي ٻولي خاص ڪري انگريزيءَ ۾ معمول جي تجزيي طور سمجهيا ويندا آھن، پنھنجي ماءُ ٻوليءَ ۾ اڻ چيل، اڻ ٻڌل ۽ اڻ ٻڌايل رهندا آهن جيئن بريسٽ ڪينسر کي ‘ببن’ جي ڪينسر بدران ‘ڇاتيءَ’ جو ڪينسر چرو، کيو ۽ ڪوٺيو ويندو آھي. ايئن ڪندي ادارا جيڪي آساني سان تبديل نه ٿي سگهن؛ عملي علم ۽ فيصلي سازيءَ جي سگهه ۽ عوام تائين نه رڳو رسائي، پر ويساھه به وڃائي ويھندا آهن.

جيئن جيئن اصطلاحي طريقا مختلف ٿيندا ويندا آهن ته خدمتون پڄائڻ وارن ملڪي ۽ غير ملڪي ادارن ۾ هم آهنگي ڏکي ٿيندي ويندي آهي. لاڳاپيل مسئلن تي ڪم ڪندڙ تنظيمون پاليسين جون حدون اورانگهڻ لاءِ مختلف وصفون اختيار ڪنديون آهن. ملاقاتون ۽ ويھڪون منصوبابنديءَ جي پروگرامن کان ٻوليءَ جي انتظام ڏانھن منتقل ٿينديون آهن. گڏيل شروعاتون، مالي وسيلا، سيڙپڪاري، مالياتي اختيار ۽ آباديءَ جي ھدفن بابت مونجهارو بڻجي ويندا آهن.

صلاح مشورو پڻ ساڳوڻن طريقن سان متاثر ٿيندو آهي. سول سوسائٽي تنظيمون ۽ متاثر ٿيل گروهه ان بابت غير يقينيءَ جو شڪار بڻجي ويندا آهن ته انھن جي ان مسئلي جي تشريح ڪيئن ڪئي وئي آھي. ڪجهه ته ان سبب ويڳاڻائپ جو شڪار ٿي ڌار ٿي ويندا آهن. نتيجي طور انھن کي ميسر خدمتون محدود ٿي وينديون آهن. اھڙيون خدمتون ڀلي صلاح مشوري جي شڪل ۾ جاري به رهن، پر حقيقت ۾ انھن جي افاديت گهٽ ٿي ويندي آهي.

سماجن ۾ ڪم ڪرڻ ان وقت ڏکيو ٿي پوندو آهي جڏهن عالمي تنظيمون ۽ ادارا بنيادي تصورن يک مختلف وصفن سان منهن ڏين ٿا. نگراني ۽ تشخيص مستقل مزاجي وڃائي ويھندا آهن ۽ دٻاءُ وڌندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ گهربل نتيجا نه ملي سگهندا آهن. جيئن اسان جي چئني وحدتن ۾ ٻار، بلوغت ۽ شاديءَ جي قانوني عمر جي تعريف تي اڃان اتفاق ڪونھي.

اهي اثر پاليسين جي ناڪامي ڏانھن نه، پر حڪمرانيءَ جي ڪمزور صلاحيت ڏانھن اشارو ڪن ٿا. ڇو ته بنيادي ذمرن جي وضاحت وڃائڻ کانپوءِ احتساب برقرار رکڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي. خدمتن جي رسائيءَ جا اشاريا معنيٰ وڃائي ڇڏيندا آهن. سراسريءَ جي نگراني غير مطابقت واري ٿي پوندي آهي. نتيجن جي ذميواري غير يقيني ٿي ويندي آهي، جنھن سبب ادارن جي ڪارڪردگيءَ جو اندازو لڳائڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي.

جڏهن وصفون بار بار تبديل ٿينديون آهن يا مڪمل طور تي بدلجي وينديون آهن ته تحقيق جي نتيجن جي تشريح وڌيڪ پيچيده ۽ تجزيو وڌيڪ ڏکيو ٿي پوندو آهي. پاليسي ساز گڏ ڪيل معلومات تائين رسائي وڃائي ويهندا آهن جيڪو فيصلن کي متاثر ڪندو آهي.

جڏهن پروگرام ۽ ھدف واضح نه هجن ته بجيٽ ٺاهڻ، سيڙپڪاريءَ جا بحث بي اثرائتا ٿي پوندا آهن. پوءِ اهي عوام جي ڀلي بدران اداري جي سياسي بيھڪ کي ظاهر ڪندا آھن. قانوني ذميواريون منتظمين لاءِ مسلسل تشريح ۽ لاڳو ڪرڻ ڏکيون ٿي پونديون آهي. اهڙي صورت ۾ جڏهن ادارا انھن اصطلاحن کي عملي طور تي لاڳو ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندا آهن ته غير يقيني صورتحال وڌي ويندي آهي ۽ پوءِ عدالتن کي پراڻن قانونن جي جديد لينس ذريعي تشريح لاءِ چيو ويندو آهي.

پروگرام جو ڊزائين ٽٽڻ شروع ٿيندو آھي، جڏهن حڪمرانيءَ جا انتظام روزمره جي صورتحال بابت وضاحت نه رکي سگهن ۽ اها وضاحت ڪمزور ٿي پوي ته ريفرل رستا ناقابل اعتبار ٿي ويندا آهن، نگراني وڌيڪ ڏکي ٿي ويندي آهي ۽ سڌو سنئون صارف متاثر ٿيندو آهي.

پيشه وراڻو فيصلو تجربي ۽ ثبوتن کي نظر ۾ رکي لاڳو ڪرڻ تي منحصر آهي. جڏهن اهو رستو تنگ ٿي ويندو آهي ته پوءِ  احتياط فيصلي جي جاءِ وٺندو آهي ۽ مشڪل سوالن کي جاچڻ بدران انھن کان پاسو ڪيو ويندو آهي.

جڏهن اهي درست تشريح ڪرڻ کان ڊڄن ته پوءِ سندن شموليت معلوماتي ٿيڻ بدران رڳو خاناپوري جي طريقيڪار واري ٿي ويندي آهي، پوءِ اهي نه ڪو سٺو ڪم ڪري سگهندا آهن ۽ نه وري لاڀ ڏيڻ جي قابل ھوندا آھن، جيڪو اسان جو حال آھي عوامي اعتماد ان ڳالھه تي منحصر آهي ته ڇا ادارا وضاحت ڪري سگهن ٿا ته اهي ڇا پيا ڪن ۽ ڇو پيا ڪن.

حڪمرانيءَ جي صلاحيت کي بحال ڪرڻ لاءِ تڪراري سماجي سوالن کي رڳو حل ڪرڻ جي ضرورت ناهي، پر ان لاءِ انھن حالتن جي حفاظت جي ضرورت پڻ آهي جيڪي پاليسين جي ڪم کي پنھنجو ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏين ٿيون. سينئر اڳواڻ اهو واضح ڪري مدد ڪري سگهن ٿا ته پاليسي ڊزائين، ثبوت ۽ پھچائڻ بابت ٽيڪنيڪي سوال اهم آهن.

پيشه وراڻن فيصلن جي حمايت ڪئي وڃي، انھن تي سزائون نه ڏنيون وڃن. ثبوتن جي نظام کي وقت سان گڏ تسلسل جي حفاظت ڪرڻ گهرجي ۽ جڏهن تبديليءَ جي ضرورت هجي ان تي پڻ غور ڪجي.

حڪمرانيءَ جو ھنڌ فيصلا سازي، تجزيي، رابطي، ھم آھنگي ۽ سکيا لاءِ ۽ اثرائتين پاليسين ٺاهڻ جو بنيادي ڍانچو آهي. جڏهن اهو تنگ ٿيندو ته ان جا اثر پڻ سست روي ۾ ظاهر ٿيندا. پروگرام جو مونجهارو ۽ عوام جو گهٽجندڙ اعتماد به نروار ٿيندو. نتيجي طور اسان جھڙا معاشرا وري اھو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ بنيادي خاميون دور ڪرڻ بدران تشريح تي پئسا خرچ ڪنديون آھن جنھن جو بھترين مثال سنڌ حڪومت جو ممتا پروگرام آھي.

ان ڪري حڪمرانيءَ جي ٻولي جيستائين ماءُ ٻولي نه ھوندي ۽ اھا بيٺڪيت جي ٻوليءَ جو تسلسل ھوندي تيستائين خدمتون عوام لاءِ اوپريون ھونديون.

عورتن جي صحت جي چوڌاري ڪڏهن صنف ته ڪڏهن لساني، ثقافتي، ڌرمي ته ڪڏهن مقامي رسمن جو دٻاءُ هوندو آهي. جنھن ۾ طبقاتي ۽ پدرشاھي اڃان ڌيڪ تڙڪي جو ڪم پئي ڪري.

اهو اسان جو بنيادي معاملو آهي  پاليسيون ڀلي ڪيتريون به ڀليون ڇو نه ھجن، انھن جو لاڀ ۽ نتيجا حڪمرانيءَ جي صلاحيت تي منحصر آهن. ڏٺو وڃي ته ڏھاڪن کان چڱي طرح ٺھيل پاليسيون. به ڪمزرور انتظام ڪاري ۽ حڪمرانيءَ سبب گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيون آهن.

ادارتي بيوسيءَ جي هيءَ تشخيص رڳو ان ڳالھه تي ڳڻتي آهي ته ڇا عوام جا ملڪيتي، سرڪاري ادارا پنھنجو ڪم موثر طريقي سان ڪرڻ جي صلاحيت برقرار رکن ٿا؟ جڏھن اهي بحث پڻ جاري آھن. انھن تي نه رڳو سوچيو پر لکت ۾ اڳتي وڌڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آھي، پر افسوس ته  فيصلو وري به انگريزيءَ ۾ لکيل آھي، جيڪو اسان پنھنجي ماءُ ٻوليءَ ۾ سمجهڻ کان قاصر آھيون.

منھنجي صلاح اھا آھي ته سنڌ جي سن ۲۰۲۶ع کان سن ۲۰۳۵ع واري صحت جي پاليسي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ کپي. جيڪڏھن انگريزي ٻوليءَ ۾ لکڻ جو لاچار آھي ته ان کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ھڪ ئي دستاويز جي شڪل ۾ رکيو وڃي. حڪمرانيءَ کي بھتر ڪرڻ طرف وک انتظامي خط و ڪتابت ھڪ ئي وقت انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ لکڻ سان کڻي سگهجي ٿي.