بلاگنئون

انسان + ڪڻڪ ۽ جنت!

ڪڻڪ جي ڪهاڻي اصل ۾ انسان جي مڪمل ڪهاڻي آهي، يعني هڪ داڻي کان شعور تائين، هڪ چونڊ کان تهذيب تائين، روايت چئي ٿي ته جنت ۾ حضرت آدم عليه السلام جيڪو منع ٿيل ميوو کاڌو اهو ڪڻڪ جو سلو هو ۽ انهيءَ هڪ داڻي کيس اهڙي دنيا کان ڪڍي ڇڏيو، جتي نه بک هئي نه محنت ۽ هڪ اهڙي زمين تي لاهي ڦٽو ڪيو ويو. جتي پگهر، خوف، اميد ۽ اختيار سڀ لازم هئا. جيڪڏهن ان قصي کي صرف مذهبي نه بلڪه انساني تجربي جي طور تي ڏٺو وڃي ته اهو سموري انساني تاريخ کي هڪ نشاني ۾ پوئي ڇڏي ٿو. مان جيستائين مذهبن ۽ تهذيبن کي سمجهان ٿو، مذهب انسان جي گڏيل تجربن جو رد عمل آهن. انسان جن حالتن مان گذريو، جن آزمائشن، بکن، هجرتن ۽ محرومين کان سکيو، ساڳيو ئي علم هن پنهنجين ڪهاڻين ۾ محفوظ ڪيو ته جيئن ايندڙ نسل انهي کي ياد رکن. جنت کان ڪڍيو وڃڻ ڪنهن جاگرافيائي جڳھه کان نه بلڪه هڪ فطري جڳهھ کان محرومي جي نشاني آهي. اها جڳھه جتي انسان فطرت جي دامن ۾ هو ۽ انهيءَ کي فيصلو نه ڪرڻو پوندو هو. جيڪڏهن اسان زمين جي ڳوڙهي تاريخ ڏسون ته اڄ کان اٽڪل چوويھه لک سال اڳ برفاني دور جي شروعات ٿي، جيڪو هڪ مسلسل برفاني زمانو نه هو، بلڪه ڪيترن ئي ٿڌين ۽ گرمين جي دورن جو سلسلو هو. انهن ئي دورن ۾ آفريقا جي گرم پرڳڻن ۾ شروعاتي انسان نروار ٿيو. پهرين هومو هيبيلس، پوءِ هومو ايريڪٽس ۽ پچاڙي ۾ هومو سيپينز ان ڊگهي عرصي ۾ انسان اڪثر ڪري آفريقا تائين محدود رهيو. ڇاڪاڻ ته اتي موسم ٻين پرڳڻن جي ڀيٽ ۾ مختلف هو، برساتون اينديون هيون ۽ خوراڪ موجود هئي.

اٽڪل ارڙهن لک سال اڳ انسان آفريقا کان ٻاهر قدم رکيو. هو وچ اوڀر جي رستي ايشيا ۽ يورپ ڏانهن وڌيو، جيڪا لڏپلاڻ ڪنهن هڪ قافلي جي نه هئي، بلڪه هزارين سالن تي پکڙيل ننڍين ننڍين لڏپلاڻن جو سلسلو هو. ان دوران انسان باھه تي ڪنٽرول حاصل ڪيو. بهترين اوزار ٺاهيائين ۽ گروهن ۾ رهڻ سکيو. ان جي باوجود هو اڃان به خوراڪ گڏ ڪرڻ وارو ئي هو، زمين جي پوکي راهي ڪرڻ وارو. زمين تي هڪ اهڙو به دور آيو ته اٽڪل ستر هزار سال اڳ جڏهن شديد موسمي تبديلين جي سبب انساني آبادي ڪجھه هزارن تائين رهجي وئي، ان دور ۾ موسم ايترو هو ته نه صرف پوکي راهي ناممڪن هئي، بلڪه زنده رهڻ به چئلينج هو. اٽڪل ويھه هزار سال اڳ انسان ايشيا کان الاسڪا جي برفاني پل جي وسيلي آمريڪا پهتو، پندرهن هزار سال اڳ هو ڏکڻ آمريڪا تائين پکڙجي چڪو هو، پر هر هنڌ هن جي زندگي هڪ جهڙي هئي، پر شڪار، لڏپلاڻ ۽ فطرت تي دارومدار رکندو هو. اصل انقلاب اٽڪل يارهن هزار ست سئو سال پهرين آيو، جڏهن آخري برفاني دور ختم ٿيو. موسم اڳ جي ڀيٽ ۾ گرم ۽ مضبوط ٿي، برساتن جو نظام باقاعده بڻيو، درياءَ مستقل وهڻ لڳا، تڏهن ئي انسان پهريون ڀيرو زمين کي بدلائڻ جو فيصلو ڪيو. وچ اوڀر ۾ خاص طور تي دجلا ۽ فرات جي علائقي ۾ جهنگلي گاھه ۽ ڪڻڪ گهڻي مقدار ۾ پوکبا هئا. انسان خاص قسمن جي گاهن کي چونڊيو، پوکيو ۽ محفوظ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ انهيءَ علائقي ۾ باب نينوا ۽ بعد ۾ سموري زرعي تهذيب جنم ورتو.

اٽڪل انهيءَ زماني ۾ چين ۾ چانور ۽ ٻاجهر پوکيا ويا. لاطيني آمريڪا ۾ مڪئي ۽ پٽاٽا، افريقا ۾ جوار ۽ ٻاجهر پوکي وئي، پر ڪڻڪ جي خاص ڳالھه اها هئي ته اها ذخيرو ڪري سگهبي هئي. ان مان ماني پچندي هئي. آبادي وڌي ۽ رياست وجود ۾ اچي پئي سگهي. اهوئي سبب آهي ته وچ ايشيا کي تهذيبن جي نرسري سڏيو وڃي ٿو ۽ اهوئي اهڙو پرڳڻو آهي، جتي بعد ۾ ابراهيمي مذهب نروار ٿيو. ڪڻڪ اصل ۾ هڪ عام گاھه هو، انسان هزارين سالن جي چونڊ کان ان کي بدلائي ڇڏيو. ان جا داڻا وڏا هئا، ان جا گوشا مضبوط ٿيا، اها انسان تي دارومدار ڪرڻ لڳي ۽ انسان لاءِ اهو آسان رستو نه هو. پوکي راهي ۾ محنت هئي، ناڪامي جو خطرو هو، ڏڪار جو امڪان هو، پر ان جي بدلي انسان کي اختيار مليو، مستقبل جي منصوبابندي ۽ طاقت به ملي. اڄ جي ڪڻڪ ان پراڻي ڪڻڪ کان بلڪل مختلف آهي. جيڪڏهن يارهن هزار سال اڳ جو انسان ۽ اڄ جي ماني کائي ته شايد سندس جسم ان کي مڪمل طور تي قبول نه ڪري سگهي. سبب اڪيچار آهن. ڇو ته هتي ڪڻڪ جي ارتقا سان گڏ انسان جي ارتقا ۽ ان جي پيٽ ۾ انهن اربين جراثيمن ۽ بيڪٽرياز جي ارتقا تي به لکڻو پوندو، جيڪي اڄ جي ڪڻڪ کي قبول ڪن ٿا. هاڻي اسان جي خوراڪ، اسان جو جسم ۽ اسان جي باڊي ايڊاپٽ ڪري چڪي آهي.

آخر ۾ ان ڪهاڻي ۾ بچي ڇا ٿو؟ اهوئي جملو ڪڻڪ جو داڻو ۽ جنت کان آدم عليه السلام جي بيدخلي، اها اصل ۾ علم ۽ اختيار جي قيمت جي ڪهاڻي آهي. جنت هڪ آئيڊيل دنيا هئي، جتان سڀ ڪجھه مليل هو، زمين هڪ اهڙي دنيا آهي، جتي سڀ ڪجھه ڪمائڻو پوي ٿو. ڪڻڪ جو داڻو اهو پل آهي، جڏهن انسان فطرت جي دامن کان نڪري پنهنجي تقدير پاڻ لکڻ جي ڪوشش ڪئي. اها موت ۽ زندگي جي راند آهي. هڪ ڪامل مگر بي اختيار دنيا کان نڪري هڪ محنت سان ٽمٽار، مگر پنهنجي مرضيءَ جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ. هڪ داڻو، هڪ چونڊ ۽ انسان، اهوئي انساني تاريخ جو جملو آهي ۽ اهوئي سندس ڪهاڻي جو اصل مفهوم پڻ آهي. خوش رهو، ڌام ڌوم سان ڪڻڪ کائيندا رهو، اسان جا ابا ڏاڏا انهيءَ جي لاءِ جنت کان نڪتا هئا.