الائجي ڇو مون کي انتظار هو “نسيم لغاري” جي لکيل ناول “مريم” کي پڙهڻ جو، سوشل ميڊيا تي خبرون هليون ته مريم ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي ته پهرين فرصت ۾ ناول کي وٺي پڙهڻ شروع ڪيم. اهڙي ئي تجسس سان پڙهندو ويس، مون سمجهيو هو هڪ روايتي ناول هوندو، جنهن ۾ عشق ۽ محبت جو داستان هوندو، پر هي ناول محبت جو داستان هوندي روايت کان هٽي ڪري هڪ اهڙي طاقت واري قلم سان سرجيل هو جنهن جو مثال تمام گهٽ ۽ مشڪل سان ملي ٿو.
نسيم لغاري جا الائجي ڪيترا ڪتاب ڇپيل آهن، مون کي خبر نه آهي، پر مون سندس هي پهريون ڪتاب پڙهيو آهي، جنهن جي هرهڪ لفظ کي پڙهندي داد ڏيڻ کانسواءِ نٿو رهي سگهجي. ليکڪا جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل هجن، پر هي ناول هڪ بهترين ناول جي حيثيت ۾ منهنجي نظر مان گذريو آهي.
هڪ اهڙو صاف سٿرو ناول جنهن ۾ ليکڪا پنهنجي شاندار ۽ سهڻن سٽن ۽ خيالن وارو ناول لکي سچ ته ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. هڪ عام اسان جهڙو مرد ليکڪ پنهنجن ناولن ۾ اهڙين ڪهاڻين جي هر باب ۾ سوين قسم جا سيڪسي ڊائيلاگ لکي مريم کي الائجي ڪٿي پهچائين ها، مرد گهڻو ڪري ولگر قسم جا ڊائيلاگ لکي پنهنجي ذهن ۽ جسم جي تسڪين چاهيندو آهي، پر سنڌ جي بهترين ليکڪا نسيم لغاري، مريم جهڙو صاف سٿرو ناول لکي مرد ليکڪن کي ٻڌائي ثابت ڪري ڇڏيو ته ناول ائين به لکبا آهن ۽ اهڙا ئي ناول شاهڪار سڏبا آهن.
ناول مريم جي شروعات ئي شاندار آهي، بس پڙهندڙ جڏهن ناول پڙهڻ شروع ڪندو ته هڪ هڪ اکر غور ۽ فڪر ۽ سمجهڻ واري اک سان پڙهندو ويندو. ايترو تجسس سان پڙهندو جو ٻيو ڪو ڪتاب کڻي نه سگهندو، جيستائين هن کي پورو نه ڪندو ۽ اهائي ليکڪ جي ڪاميابي هوندي آهي ۽ ناول نگار نسيم لغاري اهڙي ڪاميابي تي کيرون لهڻي.
ناول مريم جي شروعات ئي هن بهترين ڊائيلاگ ڊليوري سان شاندار آهي.
“آئون ڌڙڪندڙ دل سان پنهنجي اندر ۾ هزارين خوف خدشا کڻي پنهنجي اندر جي همت ميڙي سيڙي دروازي جي چانئٺ ٽپي هڪ وڏي ڪمري ۾ داخل ٿيس، رئيس پلنگ تي ويهاڻن جي ٽيڪ تي ليٽيل هو، هو بيمار هوندي به سندس رعبدار شخصيت جو اولڙو سندس اکين مان چٽو نظر اچي ٿو.”
ناول جي ڪهاڻي مريم پنهنجي ماءُ جي ڳرڀ ۾ اچي ٿي اتان شروع ٿئي ٿي جنهن جي پيدائش هندستان جي صوبي گجرات جي ضلعي ڪڇ ڀڄ جي هڪ وڏي ڳوٺ والڪا ۾ ٿئي ٿي. ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان جي هجرت سنڌ جي شهر جهڏي ۾ ٿئي ٿي، اتان پوءِ ميرپورخاص ۾ رهائش ٿئي ٿي.
مريم جي ماءُ جو ڪردار جهڙي بهادري، دليري ۽ همت واري عورت جهڙو ڏيکاريو ويو آهي، جيڪا پنهنجي مڙس سان انتها حد تائين پيار ڪري ٿي، بيماري جي حالت ۾ ڪيئن مڙس ماڻهو ٿي هن جو ڀرجهلو بڻجي پاڻ جهنگلن ۾ ٻوٽي پٽي حڪيم جي دواخاني جو ڪم ڪري مشڪلن سان ڪجھ سڪا ڪمائي گهر جو ڪاروهنوار هلائي ٿي. پنهنجي عزت کي بگهڙن کان بچائي، پنهنجن ٻن ٻارن مريم ۽ حسين جي پرورش ڪري ٿي ۽ پنهنجي مڙس جي مرڻ کانپوءِ ڪيئن زماني سان گڏ ورهاڱي واري صورتحال ۾ بهادري سان زماني کي منهن ڏيئي پنهنجن ٻارڙن جي پرورش ڪري ٿي اهو سڀ ڪجھ هن بهترين ناول ۾ سمايل آهي.
ناول جي ابتدائي باب ۾ ليکڪا جو لکيل هڪ پيرا جنهن ۾ لکي ٿي.
“ان کان اڳ پنهنجي ڪهاڻي جو باب اتان کان شروع ڪنديس، جڏهن مون امان جي ڳرڀ ۾ پهريون ساهه کنيو، امان مون کي منهنجي ڪهاڻي منهنجي سمجھ جي وهي تائين سمجهائي، زندگي جي هر تڪليف کان آشنا ڪرائي جيئڻ جو ڏانءُ سيکاري مون کي هن بي حس دنيا جي بي حس ماڻهن سان مقابلو ڪرڻ جي سکيا ڏني.” ائين هن ناول ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون بار بار پڙهڻ جهڙيون ۽ دل کي ڇهندڙ آهن، هڪ هنڌ لکيل آهي.
مون امان کان پڇيو: “امان الله لوڪ ڪير هوندو آهي؟”
تنهن تي چيائين “جيڪي دنيا جا ستايل هوندا آهن، سي دنيا کي ٿڏي، الله سان ڳنڍجي ويندا آهن، ظاهري چريا، پر باطني سياڻا هوندا آهن، ڇو ته خدا انهن جي دلين ۾ رهندو آهي.”
مون سوچيو: “خدا هيڏي عرش جو ڌڻي، عرش جا مزا ڇڏي هن ڪني دنيا ۾ ڪنهن ڪڇري، ڀڀوت ۽ چريي جي دل ۾ ڪيئن ٿو رهي سگهي.”
مٿين ننڍڙن ٻن ڊائيلاگن ۾ ڪيڏي وڏي ڳالھ ليکڪا ناول ۾ سمائي ڇڏي آهي جو اهي لفظ دل کي ڇهي ٿا وڃن، جنهن سان ناول جي لفظن جي واکاڻ نه ڪرڻ ڪنجوسپائي ٿيندي.
اهڙا ٻيا به ڪيترائي ڊائيلاگ دل جي تهه خانن تائين پهچي پنهنجو اثر ڇڏين ٿا. مثال طور هي پيرا:
“غريبن جي به عجيب زندگي هوندي آهي پئسي وارو هر شخص سندن لاءِ ڪا آسماني مخلوق هوندو آهي، سندن کائڻ، پائڻ سندن هر چرپر دلچسپيءَ جو محور هوندي آهي. آئون به بکن، ڏکن ۽ غربت جي اهائي سٽيل هڪ غريب ڇوڪري هئس، جنهن جي نگاهن جو مرڪز خاني جي حويلي ۽ سندس هر ڪرت هوندي هئي.”
ناول جي صفحي 103/104 ۾ ناول نگار جون ڪجھ هي سٽون مون کي لڳي ٿو ته هر پڙهندڙ جي حساس جذبن کي ڇهي وينديون.
(١) “ڇوڪرين جي به عجيب زندگي هوندي آهي اندر ۾ پيون ڦٿڪنديون، پر مجال جو اظهار لاءِ زبان هجين، ويندي پنهنجي رت گوشت مان جنم ڏيندڙ پنهنجي ماءُ اڳيان به ماٺ جي مهر هڻي سڀ ڪجھ قبولڻ تي مجبور ٿيو پون، اها ماٺ جي اذيت سوچن کي ڪيڏو مفلوج ڪري ڇڏيندي آهي.”
(٢) “هيءَ دنيا ڪنهن حيوان جي روپ ۾ پنهنجي پوري بدصورتي سان منهنجي سامهون هئي، ڪڏهن پيٽ جي بک، ڪڏهن پيرن جون لڦون، ڪڏهن بک ۾ ڪيل اوجاڳا، ڪڏهن ٻالڪپڻ ۾ مليل ڇڙٻون ۽ دڙڪا، ڪڏهن يتيمي جو احساس، ڪڏهن ننڌڙڪائي جا ڌڪا ۽ منهنجا اڪيلائپ ۾ وهيل ڳوڙها سڀ ڪجھ ڏاڍو ڀيانڪ هو.”
ناول جون هي سٽون ڄڻ اسان جي معاشري ۾ ناسور بڻيل آهن ۽ اسان جي سماج ۾ اڄ به ائين جو ائين موجود آهن.
“اسان جي برادري ۾ شادي جا فيصلا وڏا ڪندا هئا ۽ ڪڏهن ڪنهن ڇوڪري کان سندس مرضي نه پڇي ويندي هئي ته سندس لاءِ چونڊيل ور کيس قبول به آهي يا نه، پر جي ڪڏهن ذڪر ٿي پوندو هو ته مجال جو ڪا ڇوڪري پنهنجي اندر جي انڪار کي ظاهر ڪري، ڇو ته سندس انڪار سندس لاءِ عمر ڀر جي بي حيائيءَ جو ٺپو بڻجي ويندو هو.”
آئون پنهنجي تبصري ۾ ناول مريم جا ڪجھ ٽڪرا انهيءَ ڪري ڏئي رهيو آهيان جو مون کي ليکڪا جي قلم ڏاڍو متاثر ڪيو، سندس قلم ۾ طاقت سان گڏ ڪيتري نه پنهنجائپ احساس ۽ جذبا آهن جو ناول کي وڌيڪ سهڻو بنائين ٿا، جيئن صفحي ١١٢ ۾ هي ڪجھ سٽون ڄڻ هر پڙهندڙ جي پنهنجي دل جي ويجهو محسوس ٿينديون.
(١) غريب ڇوڪرين وٽ حُسن ته هوندو آهي، پر قسمت ناهي هوندي، خواب ته هوندا آهن، پر تعبير ناهي هوندي، خواهشون ته هونديون آهن، پر تڪميل ناهي هوندي، پيار ته هوندو آهي، پر ڪو محبوب ناهي هوندو.
(٢) غريب ڇوڪرين وٽ جيترين خواهشن جا انبار هوندا آهن، اوترا اذيتن ڀريا پل به هوندا آهن، سندس حصي ۾ قبر جهڙيون طويل اونداهيون لکجي وينديون آهن، جن جي نصيب ۾ ڪڏهن ڪو اميد جو چنڊ ناهي اڀرندو، پر بدقسمتي جا تارا ضرور کڙندا رهندا آهن، اسان غريبن جا ڏينهن ۽ راتيون سڀ ساڳيا، جاڳ به ساڳي ته ننڊ جا خواب به ساڳيا.
اهڙا ٻيا به ڪيترائي خوبصورت ناول جا ڊائيلاگ جيڪي مونunder line ڪيا هئا شامل ڪريان ها ته تبصرو انتهائي طويل ٿي وڃي ها. بس ايترو ضرور چوندس ته هن ناول جا ڊائيلاگ ليکڪا پنهنجي طاقتور قلم، وسيع تر مطالعي ۽ گهڻي مشاهدي وارا هن سماج ۾ ٿيندڙ ناسورن، طبقاتي نظامن خلاف، بيجا ريتن رسمن ڳوٺن، وڏيرن، درگاهن ۽ پيرن مرشدن جي بهترين عڪاسي ڪندڙ ماحول تي لکيا آهن. يقينن هڪ وڏي ناول کي بهترين ڪهاڻي سان ايترو دلچسپ لکيو آهي جو دل ڪٿي به نٿي چوي ته ناول کي هينئر ڪونه ٿو پڙهان، پر مسلسل پڙهڻ جهڙو ناول آهي.
نسيم لغاري جو هي ناول ڪهاڻي جي هيروئن مريم ۽ هن جي ماءُ پيءُ ۽ پوءِ شامل ٿيندڙ ڪردارن ۾ حسين ۽ عثمان کان ٿيندي ورهاڱي کانپوءِ جي هجرت ڪرڻ سرحد پار، سنڌ ۾ داخل ٿي جهڏي ۽ ميرپورخاص تائين زندگي گذارڻ ۽ هرهڪ ڳالھ ماحول ڳوٺ راڄ، شهرن رئيسن، حڪيمن، مرشدن، درگاهن ۽ عام ماڻهن جي چٽي عڪاسي ٿيل آهي. توڙي جو ناول جو ڪلائيميڪس ڇرڪائيندڙ ناهي، پر جيڪو ڪجھ آهي اهو ٺيڪ آهي ۽ ائين ٿيڻ کپندو هو.
شاندار، صاف سٿري، بهترين لفظن، خيالن ۽ سٽاءَ سان لکجندڙ ناول مريم جي ليکڪا نسيم لغاري کي دل جي گهراين سان مبارڪون ڏيندي دل مان نڪتل دعائن سان سرهائي پئي ٿئيم، شال تنهنجو قلم سدائين ائين طاقتور رهي ۽ يقينن تنهنجو نالو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ سنهري اکرن سان لکيو ۽ پڙهيو ويندو.