نئون

پاڪستان اسلامي ترقياتي بينڪ کان قرض وٺڻ لاءِ تيار

ملڪي سرمائي جا ذخيرا خطرناڪ حد تائين گهٽ ٿيڻ سبب معيشت کي استحڪام ڏيڻ لاءِ سعودي حمايت يافته اسلامڪ ڊولپمينٽ بينڪ (IDB) کان چار ارب ڊالرن کان وڌيڪ قرض وٺڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. خبرن موجب عمران خان جو وزيراعظم جي حلف کڻڻ کانپوءِ ان کي قرض ڏيڻ جي پيشڪش ڪندي. جنهن لاءِ بينڪ پراميد آهي ته اسد عمر ان پيشڪش کي قبول ڪري وٺي. واضح رهي ته هن وقت ملڪ کي 25 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي، جنهن کي چار ارب ڊالر پورو نٿا ڪري سگهن تنهن هوندي به ڪجهه مدد ملي ويندي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن کان اهڙيون خبرون به اچي رهيون آهن ته پاڪستان آءِ ايم ايف کان 12 ارب ڊالر قرض وٺڻ لاءِ تيار آهي پر آءِ ايم ايف جي قرض سان گڏ ڪجهه شرطون به هنيون وينديون. خبرن موجب اهو به چيو پيو وڃي ته هي قرض سعودي عرب جي چوڻ تي ڏنو پيو وڃي. ٻئي طرف اسد عمر پاران پريس ڪانفرنس ۾ چيو ويو آهي ته مرڪزي بينڪ جي ذخيرن ۾ صرف 10 ارب ڊالر موجود آهن. جڏهن ته اهڙي صورتحال ۾ خرچ گهٽائڻ ۽ نوان قرض وٺڻا پوندا.