شاعرينئون

شاعري

غزل

ساحر راهو

آئون ٿيس اُگهاڙو، توکي چپن تي آڻي،

اُجرو لِباس دل جو، ميري بدن تي آڻي.

سينور وري ٿو ڌوپي، اتهاس جي پنن تان،

تاريخ ٿي تماچي، ڪينجهر ڪپن تي آڻي.

مُمِڪن جڏهن هو توکان، اي دل نه ڪئي تلافي،

ورڻو به هاڻ ڇاهي، ڳوڙها ڳلن تي آڻي.

هِڪِڙو به سُرُ نه ٻاڙو، ڪڏهين لڳو هِجِرَ ۾،

ڪنهن وٽ ثبوت آهي، پڌِرو پٽن تي آڻي.

درياھُ دائري ۾، ڦريو ٿي کُوھ وانگي،

سُهڻيءَ جي سرفروشي، جُريت ڪفن تي آڻي.

ترتيب ويئي ڀُلجي، تاريخ وقت جي آ،

موهن جي ناچڻيءَ جي، ڇن ڇن پنن تي آڻي.

منهنجي حِصي ۾ آئي، آوارگي ازل جي،

جيڪا ڇڙي ڇنڊي ٿي، مون کي گنن تي آڻي.

درٻار اڄُ سڄي آ، ساڳي اُها ئي ساحر،

منصُور بي ڊپا ٿي، مسند اڱڻ تي آڻي.

***

وائي

وسيم سومرو

ايڏي ڏکي دانهن

          دانهن به ڄڻ ٽانڊو هجي

ڄڻ هئي منهنجيءَ ماءُ جي

مونکي ککي دانهن

            دانهن به ڄڻ ٽانڊو هجي

جهنگ لتاڙيِندي وئي

بر ڏي بکي دانهن

            دانهن به ڄڻ ٽانڊو هجي

ڀڀڙ ٿي ڀڙڪي پئي

دکي دکي دانهن

          دانهن به ڄڻ ٽانڊو هجي

ٿي نه سگهي ڪنهن سج لاءِ

سورج مُکي دانهن

           دانهن به ڄڻ ٽانڊو هجي

مَکن ريءَ وسيم هئي

رُکي رُکي دانهن

          دانهن به ڄڻ ٽانڊو هجي

***

نثري نظم

مونکي سوچڻ ڇڏيو

مهتاب جهتيال

مونکي سوچڻ ڏيو ته

نوجوان اکين کان پهريان عورت جي ارهن ۾ ڇو ڏسندو آهي؟

مونکي سوچڻ ڏيو ته

عورت عشق جي پڄاڻي جو سفر پئسن جي ڍڳ تي ويهي ڇو ڪندي آهي؟

مونکي سوچڻ ڏيو ته

مرد ڪمزور کي ضبط ۾ آڻڻ جي ڪوشش ۽ طاقتور جي طابع ڇو رهڻ چاهيندو آهي؟

مونکي سوچڻ ڏيو ته

پاڻ کان غريب تي اسين چٿر،

ڇو ڪندا آهيون ته شڪر آهي ان کان اسان ڀلا آهيون؟

مونکي سوچڻ ڏيو ته

حقيقت جي معنيٰ کي ڳولهڻ لاءِ سوچيندي سوچيندي اسين ڇو سوچڻ ڇڏي سوچ ٿي ويندا آهيون؟

مونکي سوچڻ ڏيو ته

چانهه پيئڻ کانپوءِ ۽ ٻئي کي سگريٽ ڇڪيندي ڇو سگريٽ جو موالي سگريٽ دکائيندو آهي؟

مونکي سوچڻ ڏيو ته

ڪتي جي نظر مالڪ کان اڳ مالڪ جي هٿن ۾ جهليل هڏن جي ٿيلهي تي ڇو پوندي آهي؟

مونکي سوچڻ ڏيو ته

عقل جي فيصلي تي دل هميشه ڇو دير سان مطئمن ٿيندي آهي؟

مونکي سوچڻ ڏيو ته

توهان ھتي ڇو آهيو؟

۽ مان اوهان کي ڇو ٻڌائي رهيو آهيان؟

***

نفيس نهڙي

بهارون اسان جي حصي ۾ ڪٿي

نهارون اسان جي نشي ۾ ڪٿي

هو نهاري نهاري پيئاري ٿي ماري

جيئڻ جو شوق آ پيئڻ ۾ ڪٿي

دادلي دل نشيلي نيڻن ۾ اٽڪي

ملڻ کانسواءِ اک اٽڪڻ ۾ ڪٿي

حياتي نفيس چاهت ڳولڻ ۾ گذري

مزو موڪلائڻ جو ڀلا ملڻ ۾ ڪٿي

***

نثري نظم

انعام جتوئي

“سڙن ٿا پيرڙا جڳن کان!”

ڳڀو،

ها ڳڀو!

لڙڪ ۾،

مٽي ۾،

گِگَن ۾ ڀڳل!

مروڙيل،

نينگر جي

معصوم هٿن ۾!

ڇا تو ڏٺو آهي؟؟

ڦڪي ڀت جي

هڪڙي ڪمري ۾،

پکن جو پر به ناهي!

ڀتن جا ڇاپَر ڀُرن ٿا،

۽

آڳر ۾ ڪو وڻ به ناهي!

ڇا تو ڏٺو آهي؟؟

سڙن ٿا پيرڙا جڳن کان،

دکن جي درمان جو

ڪو در به ناهي!!

مٽي جي مهڪ ۾ ميرو،

ڦڪو پهريل آ وڳو،

هڪ هٿ ۾ آ ڦاٽل

هڪ “سنڌي ڪتاب”

۽

ٻي هٿ ۾

ڀوتار جي

صدين جي ڪرپشن مٽائڻ لاءِ،

هڪ زنگيل سليٽ!!

ڇا تو ڏٺو آهي؟؟

***