پيغام رساني جو سلسلو قديم زماني کان ھلندو اچي ٿو. ويدڪ دور ۾ انسان، ڪبوتر ۽ باز ذريعي ھلندو ھو، چندر گپت ۽ اشوڪ ڪبوتر جو استعمال ڪندا ھئا. ھندستان ۾ ٽپال جي ترسيل جو حوالو 14 صدي عيسوي ۾ ملي ٿو، جيڪو مشھور عرب سياح ۽ مورخ ابن باه ڏنو آھي جيڪي پهاڙي ڪوريئر ۽ رنر ھئا اھي ھڪ پوائنٽ کان ٻي پوائنٽ تائين پوسٽ پڄائيندا ھئا، کين ڊاڪ جي وزن ۽ مفاصلي سان معاوضو ڏنو ويندو ھو. شير شاهه سوري ڪاروان سراءِ تي گهوڙن جي تبديلي سان پوسٽ سروس قائم ڪئي. اڪبر آگره ۽ ڪابل درميان اٺ ۽ گهوڙن ذريعي ڊاڪ جو نظام شروع ڪيو.
1688ع ايسٽ انڊيا ڪمپني ممبئي، مدراس ۽ ڪلڪتي ۾ پوسٽل بب نظام شروع ڪيو. 1774ع ۾ ڊاڪ جو نرخ سندس وزن فاصلي مطابق 100 ميل 2 آنا ھو. ھندستان ۾ پوسٽ آفيس 1837 ۾ جڙيو. سنڌ اندر 1850ع ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۽ سکر ۾ پوسٽ آفيس قائم ٿيون. 1851ع ۾ تيز رنر جي جڳهه اٺن ۽ گهوڙن ذريعي پوسٽ جي ترسيل ٿيڻ لڳي. 1855ع ريل شروع ٿي پوءِ به گهوڙن ذريعي نظام ھلندو رھيو. جڏھن 5 نومبر 1848 تي انڊس فلوٽيلا قائم ٿي ته 1852 کان سندس آگبوٽ مهيني ۾ ٻه دفعا ڪراچي کان ملتان ٽپال کڻي ويندا ھئا. 1886ع ريل ذريعي پوسٽ شروع ٿي. ايشيا کنڊ ۾ پهرين ڊاڪ ٽڪيٽ ڪراچي مان 1 جولاءِ 1852ع ۾ جاري ٿي، جنهن جي ڊزائين ۾ ڪراچي جي پوسٽ ماسٽر ايڊورڊ ليز ڪوفي جي مدد به شامل ھئي. جڏھن ٽپال ٽڪلي جاري ٿي ته ان جي رقم خط وصول ڪرڻ واري کان ورتي ويندي ھئي، جنهن جي قيمت 1/2 آنا ھئي بعد ۾ اھو نظام تبديل ڪيو ويو، يعني ٽڪلي خريد ڪري خط موڪليو ويندو ھو. سنڌ جي ڪمشنر پهرين ڪراچي ۾ ٽپال جون ڳاڙھيون ٽڪليون ڇپرايون جيڪي کيس سٺيون ڪونه لڳيون جنهن بعد ھن نيري رنگ جون ٽڪليون برطانيا مان ڇپرايون.
پوسٽ، ٽيليگراف ۽ ٽيليفون اڳ ھڪ ھي محڪمو ھو 60-1859ع ڪراچي ٽيليگراف ذريعي ٻاھرين دنيا سان جڙيو. 1865ع ڪراچي اندر ٽيليگراف جي سهولت عوام کي ملي. 1864ع ڪراچي لنڊن ٽيليگراف رابطو شروع ٿيو. 1866ع ڪراچي اندر پهرين پوسٽ ۽ ٽيليگراف جي آفيس جي عمارت ڪيپٽن پي فلپس ڊزائين ڪئي، جيڪا ميڪلوڊ روڊ ھاڻي آءِ آءِ چندريگر روڊ تي تعمير ٿي جنهن تي خرچ 20500 رپيا لڳو.
1881ع ڪراچي ۾ ٽيليفون به پهتي جيڪا انڊو يورپين ٽيليگراف ڪامپليڪس ۾ لڳي 1949ع ڪراچي لنڊن في منٽ ٽيليفون ريٽ 3.1 پائونڊ ھو. ڪراچي کان باءِ ايئر ڊاڪ ممبئي لاءِ رائل ايئرفورس جو پهريون جهاز 23 جنوري 1920ع ۾ کڻي ويو، پر 6 ھفتن بعد نقصان ھئڻ سبب سروس بند ڪئي وئي وري 1929ع امپيريل ايئرويز ٽپال جو نظام ان روٽ تي شروع ڪيو. ڪراچي جو سمنڊ رستي پوسٽ جو نظام ممبئي، پسني، گوادر، مسقط، جسڪ، بندر عباس، لنگا، بحرين، بوشھر ۽ ڪوويت سان جڙيل ھو. 1882ع پوسٽ آفيس بچت بينڪ جو نظام به شروع ڪيو. ان کان علاوه 1895ع مليريا جون گوريون ڪونين به پوسٽ آفيس ذريعي وڪرو ٿيڻ شروع ٿيون سنڌ ۾ ٽپال جي نگراني اڳ چيف انسپيڪٽر ڪندو ھو، جيڪو ھندستان جي ٽپال گهرن جي ڊائريڪٽر جنرل جي ماتحت ھو. ھن جي ماتحت ھڪڙو گهوڙو ۽ 8 ٽپال سپرنٽينڊنٽ ڊويزن جا 3 سب انسپيڪٽر، 3 پوسٽ ماسٽر، 66 ڊپٽي ۽ سب پوسٽ ماسٽر ھئا. سنڌ ۾ ٽپال جا 3 درجا ھئا ورھائيندڙ جيڪي 3 ھئا ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور 48 نه ورھائيندڙ پوسٽ گهر جيڪي لاڙ ۽ اتر ۾ ھئا ۽ ٽيون درجو ھو انهن جون شاخون جيڪي 18 ھيون سامونڊي ٽپال سنڌ جي ماتحت ڪونه ھئي ان جو ممبئي سان رابطو ھو، جنهن جو في ڪلاڪ سان اگهه ھو ٽرين جو 21 ميل گهوڙن ۽ قاصدن ذريعي 4 ميل انهن ۾ ھڪڙو ٻھراڙي ۾ نياپو پهچائيندڙ عهدو به ھو، جنهن کي 1868ع ۾ متعارف ڪرايو ويو، جيڪو شاھي رستي کان مفاصلي تي واقع ڳوٺن کي ٽپال جو ذريعو ھو. سنڌ ۾ 1854ع تائين ٽپال کاتو سڌي ريت مقامي حڪومت ماتحت رکيو ويو، پر انهيءَ سال کانپوءِ کيس شاھي ٽپال کاتي ۾ ضم ڪيو ويو.
ھاڻي اچون سکر جي پوسٽ سروس طرف: 1839ع انگريزن سکر ۽ شڪارپور وچ ۾ ٽپال جو نظام وڏيري قادر بخش کوسي کي ٺيڪي تي ڏنو، جنهن جا گهوڙي سوار ماڻھو ان روٽ تي ڊاڪ جي ترسيل سان گڏ پوليس جي ڊيوٽي به ڪندا ھئا. سکر ۾ پهرين پوسٽ آفيس منزل گاهه جي عمارت ۾ قائم ٿي. فيبروري 1856ع سکر سٽي سروي جي رپورٽ ۾ منزل گاهه واري ھڪ عمارت پوسٽ آفيس ۽ ٻي دريائي لشڪر جو دفتر ڏيکاريل آھي.
1876ع جي سروي ۾ جيڪو ڪرنل سي ايس لافٽن رائل انجنيئر ڪيو منزل گاهه واري ھڪ عمارت پوسٽ ماسٽر جو ڪوارٽر ۽ ٻي رھائش جي عمارت ڏيکاري ٿو. منزل گاهه کانپوءِ پوسٽ آفيس ۽ ٽيليگراف جو دفتر موجوده ميونسپل دفتر جي پويان تنگ گهٽي اندر ڪچي عمارت ۾ قائم ٿيو، جتان 1929ع موجوده ٻه ماڙ عمارت لمجي جي چاڙھي جي ويجهو قائم ٿيو، پر مون ٽيليگراف جو اسٽاف اسٽرينس بڪ ڏٺو ھو، جنهن ۾ عمارت اندر آفيس جي ابتدا جو سال 1919ع لکيل ھو. ان بعد سکر شھر اندر ھن جون ننڊيون برانچون کليون جن ۾ آدم شاهه، سکر بيراج ڪالوني، اولڊ سکر ۽ مهراڻ مرڪز شامل آھن.
ان کان علاوه پوسٽ جو نظام اسڪول ماسترن، ريلوي اسٽيشن ماسٽر ۽ ڊاڪ منشي ذريعي به ھلندو ھو جن کي ماهوار 11 رپيا ملندا ھئا. سکر پوسٽ آفيس ۾ انگريز دور اندر ٻئي ڪلاس جو پوسٽ ماسٽر ويهندو ھو، جنهن جي ھيٺ ضلعي ۾ 18 پوسٽ آفيس ھنيو پهرين ڪلاس جو پوسٽ ماسٽر ڪراچي ۾ ويهندو ھو. 1962ع ٽيليگراف کي پوسٽ آفيس کان الڳ ڪري نئون محڪمو ٽيليگراف ۽ ٽيليفون ٺھيو. 2008ع ۾ ٽيليگراف بند ڪري محڪمي کي وڪرو ڪيو ويو، جنهن کي ھينئر (پي ٽي سي ايل) نالي سان سڏيو وڃي ٿو. پوسٽ آفيس جو به ھن وقت پرائيويٽ ڪوريئر سان سخت مقابلو ھلي رھيو آھي. اگر پوسٽ آفيس پنهنجي ڪارڪردگي ۽ منافعي ۾ بهتري نه آندي ته ھي ادارو به ٻين ادارن وانگر وڪامجي پرائيويٽ ٿي ويندو. ھن وقت سکر ۾ جنرل پوسٽ آفيس آھي جنهن کي چيف پوسٽ ماسٽر ھيڊ ڪري ٿو.