بلاگنئون

انساني حقن جو تحفظ اولين ترجيح هجڻ گهرجي!

جنرل اسيمبليءَ پاران انساني حقن جي تحفظ واري منشور جي منظوري 10 ڊسمبر 1948ع ۾ ڏني هئي. ان کانپوءِ سن 1950ع ۾ جنرل اسيمبليءَ سڀني ميمبر ملڪن ۽ واسطيدار ادارن کي دعوت ڏني ته اهي هن ڏينهن کي “انساني حقن جو عالمي ڏينهن” ڪري ملهائين ته جيئن انساني حقن کان بي خبر ماڻهن تائين اهو پيغام پهچي ته هر انسان جا بنيادي حق ڪهڙا آهن. انساني حقن جي عالمگير پڌرنامي موجب ڪنهن فرد تي قانوني طور ڪابه پابندي ناهي، جيڪي بين الاقوامي معاهدن، معاشي مٽاسٽا، علاقائي انساني حقن جي دستاويز ۾ شامل آهن. اهو پڌرنامو انساني حقن جي بين الاقوامي بل (انٽرنيشنل بل فار هيومن رائيٽس) کي رُوپ ڏيڻ واري عمل جو پهريون قدم هو، جيڪو سال 1966ع ۾ مڪمل ٿيو هو ۽ سال 1976ع ۾ ان تي عمل ٿيو، جنهن کانپوءِ ڪيتري ئي تعداد ۾ مُلڪن ان جي توثيق ڪئي ۽ منظوري ڏني. ڪجھه قانوني اسڪالرن دليل ڏنا ته “ڇاڪاڻ ته مُلڪَ 50 سالن کان لڳاتار ان پڌرنامي جي حمايت ڪندا آيا آهن، تنهنڪري هي رواجي بين الاقوامي قانون (customary international law) جو هڪ لازمي حصو بڻجي ويو آهي.” تنهن هوندي، گڏيل آمريڪي رياستن 2004ع ۾ سپريم ڪورٽ هي نتيجو ڪڍيو آهي ته هي پڌرنامو انٽرنيشنل قانون جي معاملي طور پنهنجي ذميدارين تي لازمي فرض لاڳو نٿو ڪري. ٻين مُلڪن جي عدالتن پڻ اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته هي پڌرنامو گهريلو قانون جو ڀاڱو ناهي.

گذريل ڏينهن انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف پيغام ڏيندي چيو هو ته انساني حقن جو تحفظ ۽ فروغ مسلم ليگ (ن) جو مقصد ۽ اولين ترجيح آهي. هن چيو ته انساني حقن جو پهريون جامع چارٽر حجة الوداع جو خطبو آهي، اسلام انساني حقن جو سڀ کان وڏو علمبردار آهي، حضرت محمد ﷺ انساني حقن جو هڪ بي مثال چارٽر ڏئي انسانيت تي وڏو احسان ڪيو آهي، پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ پوري انسانيت کي انساني حقن جو هڪ ابدي ۽ لازوال پيغام ڏنو آهي. هن چيو ته 10 ڊسمبر انساني حقن بابت شعور اجاگر ڪرڻ جو ڏينهن آهي، هر انسان کي رنگ، نسل، مذهب، جنس يا حيثيت کان سواءِ انساني حق حاصل آهن، انساني حقن جو احترام سماج جي ترقي ۽ خوشحالي جو بنياد آهي. ڇو ته انساني حقن جو تحفظ ۽ فروغ مسلم ليگ (ن) جو مقصد ۽ اولين ترجيح آهي. تعليم، صحت، مذهبي آزادي، اظهار راءِ ۽ بنيادي ضرورتن تائين رسائي کي يقيني بڻايو وڃي. پنجاب حڪومت انساني حقن جي پاسداري لاءِ سرگرم عمل آهي، اسان هڪ اهڙو سماج ٺاهڻ چاهيون ٿا، جتي هر شهري کي برابر موقعا، انصاف ۽ احترام ملي. مريم نواز شريف موجب ته انساني حقن جي تحفظ لاءِ سماج ۾ محبت، احترام ۽ برداشت کي فروغ ڏيڻ ضروري آهي. بنيادي انساني حقن جي فراهمي مهذب معاشرن جي سڃاڻپ آهي، شهرين جي بنيادي انساني حقن جو تحفظ رياست جي پهرين ذميواري آهي. پنجاب جي وڏي وزير چيو ته پنجاب حڪومت شهرين جي بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ عملي قدم کنيا آهن، جبري مشقت جي خاتمي، مذهبي آزادي فراهم ڪرڻ ۽ بنا ڪنهن امتياز جي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا ويا آهن. اسان هر شهري جي انساني حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايون ٿا. وڏي وزير مريم نواز شريف جي صدارت هيٺ پنجاب ڊولپمينٽ پروگرام تي هڪ خاص اجلاس ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ پنجاب ڊولپمينٽ پلان جي پهرين مرحلي ۾ 52 شهرن جي گهٽين، پارڪن، سيوريج ۽ ڊرينيج جي اپ گريڊيشن بابت پيش رفت رپورٽ پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي سڄي پنجاب ۾ هڪ جهڙي ترقيءَ لاءِ سيوريج، ڊرينيج، پارڪن ۽ روڊن جي تعمير ۽ مرمت جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ 19 ڊسمبر 2025 کان 52 شهرن ۾ ترقياتي ڪم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ اهم منصوبن جي مڪمل ٿيڻ جي تاريخ 30 جون 2026 مقرر ڪئي وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پنجاب جي 52 شهرن ۾ ترقي ٿيندي، 10 سنگ بنياد لاءِ تيار آهن. جڏهن ته 304 ۾ 166 ارب رپين جا منصوبا شهرين جي زندگين ۾ اهم بهتري آڻيندا. پنجاب ڊولپمينٽ پلان تحت 50 ٽينڊر جاري ڪيا ويا آهن. جڏهن ته 10 جو ٽينڊر عمل مڪمل ڪيو ويو آهي. پهرين مرحلي ۾ پنجاب ڊولپمينٽ پلان جي ڪل لاڳت 304 ارب رپيا رکي وئي آهي. جڏهن ته 166 ارب رپين جي ترقياتي ڪم جي منظوري ڏني وئي آهي. پنجاب ڊولپمينٽ پلان تحت 53.5 ارب رپين جي ماليت جا 10 اهم منصوبا جلد شروع ڪيا ويندا. وڏي وزير مريم نواز شريف پي ڊي پي تحت 52 شهرن ۾ 30 جون تائين جو هدف مقرر ڪيو آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پي ڊي پي تحت 3497 ڪلو ميٽر ڊگهو سيوريج، 181 ڪلو ميٽر ڊرينيج سسٽم ۽ 56 نوان ڊسپوزل اسٽيشن ٺاهيا ويندا. 61 ڊسپوزل اسٽيشنن جي تعمير ۽ مرمت کانپوءِ پاڻي جي گنجائش 2114 ڪيوسڪ تائين وڌي ويندي. پهرين مرحلي ۾ بوري والا، خانيوال، لالا موسيٰ، ميلسي، سلانوالي، وهاڙي، اٽڪ، ليا، علي پور ۽ جڙانوالا شامل آهن. پنجاب ڊولپمينٽ پروگرام 53 ارب رپين جي لاڳت سان 10 شهرن ۾ فوري طور تي شروع ڪيو ويندو. وڏي وزير مريم نواز شريف هدايت ڪئي آهي ته عوامي ضرورت مطابق سڀ کان وڌيڪ خراب ۽ خراب علائقن جي تعمير ۽ مرمت کي ترجيح ڏني وڃي. 43 وڌيڪ شهرن ۾ 304 ارب رپين جي لاڳت سان سيوريج، ڊرينيج، پارڪ ۽ گهٽيون تعمير ۽ مرمت ڪيون وينديون. وڏي وزير مريم نواز شريف برسات کان اڳ ڊرينيج منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جيڪڏهن سڀئي صوبا ان طرز تي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن ته ملڪ خوشحال ٿي ويندو آئين پاڪستان ۾ ذڪر ڪيل بنيادي حق هن ريت بيان ڪيا ويا آهن: زندگيءَ ۽ آزاديءَ جو حق، ۽ ناحق نظربنديءَ کان تحفظ جو حق (ڪجهه شرطن سان)، غلاميءَ ۽ بيگار جي منع، ٻِٽي سزا خلاف تحفظ جو حق، ذاتي عزت جي تحفظ جو حق، لڏپلاڻ ۽ رهائش جي آزاديءَ جو حق، اجتماع جو حق، انجمن يا تنظيم ٺاهڻ جو حق، سياسي پارٽي ٺاهڻ جو حق يا ان ۾ شامل ٿيڻ جو حق، ڪاروبار، واپار ۽ گذر سفر جو حق، تحرير ۽ تقرير جي آزاديءَ جو حق، پنهنجي مذهب تي عمل جو حق، تعليمي ادارن ۾ مذهبي تحفظ جو حق، مذهبي ٽيڪس کان تحفظ جو حق، حق جائيداد يا ملڪيتي حقن جو تحفظ، شهريت ۾ برابريءَ جو حق، عوامي جاين تائين پهچڻ/گهمڻ جو حق، ملازمت جو حق ۽ ٻوليءَ ۽ ثقافت جو حق وغيره. اهي سمورا حق گڏيل قومن جي انساني حقن واري چارٽر موجب شهرين کي ملڻا آهن ته پوءِ ڇا اهي سڀ حق اسان کي حاصل آهن. جيڪڏهن جواب نه ۾ آهي ته پوءِ سمجهي ڇڏيو ته اسان انساني حقن جي لتاڙ ڪري رهيا آهيون ۽ هي تقريرون ۽ تحريرون وقت جو ذيان آهن، ان ڪري عملي طور انساني حقن جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.