بلاگنئون

سرڪاري ملازمن جي گروپ انشورنس جو سوال ۽ ڪيئي جواب

سرڪاري ملازمن جي گروپ انشورنس شروع کان بنيادي طور تي ھڪ سيڪورٽي پلان آھي، جنھن ۾ سرڪاري ملازمن کي سروس دوران ڪجھه سيڪيورٽيز حاصل رھن ٿيون. مثال طور: سروس دوران فوت جي صورت ۾ وارثن کي پئسا ملندا، ملازم جي بيماري جي حالت ۾ مالي سپورٽ، معذوري جي صورت ۾ مالي مدد وغيره، انشورنس ڪمپنين ۾ 2 قسمن جون انشورنس پاليسيون ھونديون آھن، ھڪ سيڪيورٽي پلان جنھن جو مدو ختم ٿيڻ تي جمع ٿيل رقم جي واپسي نه ٿيندي آھي، جيئن ڪار يا موٽرسائيڪل جي انشورنس جو مدو پورو ٿيڻ تي جمع ٿيل رقم واپس نه ملندي آھي، پر اھا سيڪيورٽي حاصل ھوندي آھي ته گاڏي چوري، ڦر يا حادثي ۾ تباھ ٿيڻ جي صورت ۾ 90 ڏينھن اندر ضروري ڪارروائين کانپوءِ ٻي نئين گاڏي ملي سگھي ٿي، انشورنس ڪمپنين وٽ ٻئي قسم جون پاليسيون انويسٽمينٽ پلان واريون ٿين ٿيون جن ۾ ڪجھه سيڪيورٽيز به حاصل ھجن ٿيون ۽ مدي پوري ٿيڻ کانپوءِ جمع ٿيل رقم منافعي سان ملي ٿي، سرڪاري ملازمن جو جي پي فنڊ ان جو ھڪ وڏو مثال آھي، جيڪو ھڪ قسم جو انويسٽمينٽ پلان آھي، جنھن تحت ماھوار ڪٽيل رقم رٽائرمينٽ وقت منافعي سان واپس ملي ٿي، سروس لاز مطابق سرڪاري ملازم 60 سالن جي عمر کان اڳ به رضاڪاراڻي طور تي ڪجھه شرطن تي رٽائرڊ ٿيڻ جو اختيار رکن ٿا، انھن ۾ 60 سالن تائين عمر پوري ٿيڻ تي ڪنھن به ملازم کي ڪوبه نقصان نٿو ٿئي ۽ ھو رٽائرڊ ٿي وڃي ٿو ته ان جي سيڪيورٽي، پلان جي رولز مطابق ختم ٿي ويندي آھي ۽ جمع ٿيل رقم ان کي پاليسي جي رولز مطابق نه ملندي آھي. آئون به ھڪ رٽائرڊ ملازم آھيان، پر مون وقت کان 5 سال پھرين رٽائرمينٽ حاصل ڪئي آھي، مون انشورنس ڪمپنين جا پلان پڙھيا آھن، سيڪيورٽي پلان توھان ۽ اسان کي فقط ھڪ مدي تائين سيڪيورٽي مھيا ڪري ٿو، اھو انويسٽمينٽ پلان نه آھي جو مدو ختم ٿيڻ تي اسان ۽ توھان کي جمع ٿيل رقم منافعي سان گڏ آخر ۾ واپس ملي، سپريم ڪورٽ جو 4 سال اڳ وارو اھڙو آرڊر تفصيل سان سامھون نه آيو آھي، جنھن جي ڳالھه ڪئي ويندي رھي آھي، جنھن ۾ چيو ويو ھجي ته حڪومتون سرڪاري ملازمن کي گروپ انشورنس جا جمع ٿيل پئسا رٽائرڊ ٿيڻ جي موقعي تي واپس ڪن، اگر ٻين صوبن اھي رقمون ملازمن کي واپس ڪيون به آھن ته ان جا به ڪي ٺوس پروف سامھون نه آيا آھن. اگر سنڌ کانسواءِ ڪنھن صوبي گروپ انشورنس جا ٻڌا پئسا ملازمن کي واپس ڪيا آھن ته لازمي طور تي انھن سيڪيورٽي پلان جي رولز ۾ ترميمون ضرور ڪيون ھونديون، رٽائرڊ سرڪاري ملازمن سنڌ ۾ گروپ انشورنس ۽ رٽائرمينٽ کانپوءِ جي فائدن حاصل ڪرڻ لاءِ تنظيمون به جوڙي ورتيون آھن جيڪي حقن لاءِ احتجاج جي ميدان تي لٿل آھن، انھن تنظيمن ۾ شامل رٽائرڊ ملازمن اڃان تائين اسان جي خيال مطابق گروپ انشورنس واري سيڪيورٽي پلان ۽ انويسٽمينٽ پلان جي فرق کي نه سمجھيو آھي، اھي به خبرون آھن ته رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس جا پئسا ڏيارڻ لاءِ چندا به گڏ ڪيا ويا آھن، وڪيلن ان سلسلي ۾ پٽيشنون به فائل ڪري مجاز عدالتن کي معاملا سمجھايا به آھن، چون ٿا ته سنڌ کانسواءِ ٻيا صوبا گروپ انشورنس جا پئسا ڏئي چڪا آھن، مگر ان ڳالھه جي مڪمل تصديق ڪٿي به نه ٿي آھي، في الحال اھي ھوائي ڳالھيون لڳن ٿيون تيستائين جيستائين اھي ڳالھين ثابتين سان سامھون نه ٿيون اچن. ھڪ ڳالھه مثال طور ھيءَ ته ڪو رڪشي وارو ھڪ خاص مدي تائين ڪنھن انشورنس ڪمپني کان سيڪيورٽي پلان خريد ڪري ٿو، ھر مھيني 300 رپيا ۽ سال ۾ 3600 رپيا پريميم جمع ڪرائي ٿو ته ان کي چند سيڪيورٽيون مھيا ٿيئن ٿيون جيڪي ھو طئي ڪري ٿو، مري وڃڻ تي ان جي مقرر ڪيل ناميني کي ھر مھيني ھڪ خاص رقم ملندي رھندي، معذور ٿيڻ تي اھڙي رقم ان کي ھر مھيني ملندي رھندي، پر پلان ۾ طئي ٿيل مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ ان رڪشي ڊرائيور کي ڪو به نقصان نه ٿيو ته ان جي جمع ٿيل رقم ان کي نه ملندي، سنڌ حڪومت ملازمن جي گروپ انشورنس جي پلان ۾ رولز ۾ جيستائين تبديل نه ڪندي، تيستائين ڪنھن به قانون مطابق گروپ انشورنس جون جمع ٿيل رقمون ڪڏھن به نه ملنديون، رولز ۾ اھا ترميم لازمي آھي ته گروپ انشورنس جي جمع ٿيل رقم ھر ملازم کي رٽائرڊ ٿيڻ وقت ملندي، اھڙي ترميم ڪنھن تي لاڳو ٿيندي، انھن تي جيڪي ھاڻ رٽائرڊ ٿي رھيا آھن يا ٿيندا يا ماضي ۾ رٽائرڊ ٿيل سڀني کي، رقمون ملنديون؟ قانون جي روح مطابق جڏھن به رولز يا قانون ۾ ڪا تبديلي ايندي آھي ته اھا پوئين ڪيسن تي لاڳو نه ٿيندي آھي.  وقت جي حڪومتن کي قانون کان ھٽي ڪري سرڪاري پاليسين تحت اھو به اختيار حاصل آھي ته اھا رٽائرڊ توڙي حاضر سروس ملازمن کي ڪجھه به ڏي ته ڏئي سگھي ٿي، ھر سال پگھارن ۽ پينشنن ۾ اضافا ڪنھن قانوني پابندي جا محتاج نه آھن، سرڪار انھن ۾ پنھنجين سرڪاري پاليسين تحت ڪيترا به اضافا ڪري سگھي ٿي، اھو به ھڪ مثال آھي، ايئن گروپ انشورنس جا پئسا سرڪار پنھنجي خزاني مان ڏي ته سرڪاري پاليسي تحت ڏئي سگھي ٿي، جنھن ڪنھن حق يا قانوني قاعدي سان ڪو تعلق نه ھوندو، اھڙين پاليسين جا مثال ٻيا به کوڙ سارا آھن.