روبوٽن تي ڪيس هلائڻ لاءِ قانون سازي ٿيڻ لڳي
جيڪڏهن ڪو روبوٽ پاڻ مرادو ڪم ڪندي ماڻهو کي زخمي ڪري ٿو يا ان کان پوءِ وڏو نقصان پهچي ٿو ته ان جو ذميوار ڪير هوندو. هن سوال جي جواب ۾ يورپ جي قانوني ماهرن چيو آهي ته ان جي حل لاءِ روبوٽن کي اليڪٽرانڪ پرسنلٽيز ڏنيون وينديون جنهن جو مطلب هڪ قسم جي سڃاڻپ هوندي ان جو مقصد انهن کي انساني سڃاڻپ ڏيڻ نه آهي پر هن ان جو مقصد اهو آهي ته اهڙا روبوٽ جيڪي انسانن وانگر سوچي سمجهي سگهن ۽ پنهنجو پاڻ کي ڳالهيون سيکاري به سگهن انهن کي قانوني حدف ۾ آڻڻ گهرجي. ماهرن چيو آهي ته هن قسم جي قانون سازي جي ضرورت ان لاءِ پيش آئي آهي جو هاڻي دنيا اندر روبوٽن جي ٽيڪنالاجي وڌي رهي آهي، ان ڪري مستقبل ۾ ٻين ايندڙ مسئلن کي نظر ۾ رکندي اسان کي هن قسم جي قانون سازي ڪرڻي پوندي. ٻئي طرف روبوٽ ٺاهڻ جي ماهرن هن قسم جي قدم جي مخالفت ڪئي آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اصل هن قسم جي قانون ذريعي روبوٽ ٺاهيندڙ ڪمپنين پنهنجي مٿان کان ذميوارين کي هٽائڻ جو هڪ رستو ڳولهي لڌو آهي هڪ روبوٽ جيڪو سوچڻ سمجهڻ لڳي پر ان کي هڪ اضافي تڪليف محسوس نٿي ٿي سگهي يا جي ڪڏهن اهي تڪليفن کي به سمجهي وڃي ۽ پوءِ ان اندر ڪنهن مهل ڪاوڙ جي سوچ به اچي ۽ اهو ڪنهن انسان کي نقصان پهچائي ته ان جو ذميوار ان کي ٺاهيندڙ ڪمپني نه پر روبوٽ ته پاڻ هوندو. ڇاڪاڻ ته اهو ئي ان قسم جا فيصلا وٺڻ جو اختيار رکندو، جنهن ۾ ڪنهن کي تڪليف پهچائڻي آهي يا نه. واضح رهي ته روبوٽ جو مطلب صرف انسان جيان نظر ايندڙ روبوٽ نه آهي پر اها ڪار جيڪا بغير ڊرائيور جي هلي سگهي ٿي سا به هڪ قسم جو روبوٽ آهي جنهن لاءِ فيصلو ڪرڻ ته اها سامهون گذرندڙ ماڻهن جي مٿان چڙهي وڃي ته سوچي سگهجي ٿو ته اهو ڪيترو نه خطرناڪ ثابت ٿيندو.

