شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ڪلام رڳو قصن ڪهاڻين جو تذڪرو ناهي، پر اهو انساني روح جي سفر، عشق جي آزمائش ۽ ايمان جي پختگيءَ جو هڪ آئينو آهي. سر ليلا- چنيسر جو هي بيت، جنهن ۾ ظاهري طرح ليلا جي عشق ۽ چنيسر جي حسن جو ذڪر آهي، حقيقت ۾ انسان ۽ رب جي وچ ۾ روحاني لاڳاپي جو پڌرو اظهار آهي.
“ڪوڙين تنهنجون ڪامڻيون، تون ڪوڙِين سَندو ڪانڌُ،
مون کي ڇَڏِ مَ داسَڙا! ته وَڃان نه وِڻِواندُ،
مون ڳِچِيءَ ۾ پاندُ؛ تو، چَنيسَرَ! هَٿَ ۾.”
ظاهر کان باطن ڏانهن سفر: ظاهر ۾ بيت ۾ حسن ۽ محبت جي ڪهاڻي آهي. ليلا، چنيسر جي سندرين کان متاثر ٿئي ٿي، پر پنهنجي دل جي صداقت سان اعلان ڪري ٿي ته هوءَ ڪنهن دوکي ۾ نه پوي. اها ڳالھ انساني روح جي ان حالت سان ملي ٿي، جتي دنيا جون رنگينون، زيبائشون ۽ خواهشون انسان کي رستو ڀلائڻ لاءِ پڪارين ٿيون، پر مؤمن پنهنجي رب سان وفاداري جو عهد ڪري ٿو.
دنياداري ۽ روحاني امتحان: “ڪوڙين تنهنجون ڪامڻيون” دنيا ۾ بيشمار لالچ، زرق برق ۽ خواهشون موجود آهن، جيڪي انسان کي پنهنجو غلام ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. اهي سڀ عارضي آهن، ڪوڙيون آهن. ليلا جي زبان مان اهو جملو دراصل هر سالڪ جو اعلان آهي، جيڪو دنيا جي عيش عشرت کان منهن موڙي ٿو.
“مون کي ڇَڏِ مَ داسَڙا!” هي التجا آهي ته اي دنيا جا دوکيباز نظارا، مون کي پريشان نه ڪر، ڇو ته مان پنهنجي اصل محبوب، يعني الله تعاليٰ کان منهن موڙڻ نٿو چاهيان. اها ساڳي ڳالھ قرآن پاڪ ۾ پڻ ملي ٿي:
يعني ماڻهن لاءِ خواهشن جي محبت سندرين، اولاد ۽ مال ۾ سينگاريل ڪئي وئي آهي، پر اصل مقصد الله ڏانهن موٽڻ آهي.
عشقِ حقيقي جو اعلان: “مون ڳچيءَ ۾ پاندُ؛ تو، چَنيسَرَ! هَٿَ ۾.” ليلا جو اعتراف آهي ته سندس حياتيءَ جي مالڪي چنيسر وٽ آهي. صوفيانه زبان ۾ هي جملو، انسان جو پنهنجي رب سان ڪيل عهد آهي. هڪ عاشق پنهنجي محبوب کي چوي ٿو: منهنجي تقدير، منهنجي زندگي ۽ منهنجي ساھ جون واڳون تنهنجي هٿ ۾ آهن. اهوئي توحيد جو نچوڙ آهي. بندو پاڻ کي خالق جي حوالي ڪري ڇڏي. جيئن قرآن ۾ آهي:
يعني منهنجي نماز، منهنجي قرباني، منهنجي حياتي ۽ منهنجو موت الله لاءِ آهي.
اخلاقي ۽ روحاني پيغام: هن بيت ۾ هڪ عام انسان لاءِ به وڏو سبق آهي. دنيا جي عارضي سينگار کان بچي، پنهنجي اصلي منزل يعني الله سان لاڳاپو قائم رکي، خواهشن جي دوکن ۾ نه اچي ۽ پنهنجي زندگي رب جي هٿ ۾ سپرد ڪري.
شاھ ڀٽائي ليلا ۽ چنيسر جي داستان ذريعي اها حقيقت بيان ڪئي آهي ته عشق جي راھ ۾ خواهشن جا طوفان ضرور اچن ٿا، پر جيڪو پنهنجي محبوب (الله) سان سچو رهي ٿو، اهوئي ڪامياب ٿئي ٿو. بيت جو روحاني پيغام اهو آهي ته دنيا فريب آهي، پر رب سان محبت ازلي ۽ ابدي آهي.