(ڊاڪٽر مبارڪ علي الميه تاريخ پهريون حصو باب نمبر 7 جو ترجمو)
جاگيرداراڻي معاشري ۾ عورت جي حيثيت سدائين ملڪيت واري هوندي آهي، جتي هن جي آزادي، حق ۽ راءِ مرد جي مرضي تي دارومدار رکندي آهي ۽ ان معاشري جو مقصد اهو هوندو آهي ته اهڙن قدرن کي واڌ ويجهھ ڏني وڃي، جن جي وسيلي عورتن کي مرد جو فرمانبردار ۽ پوئلڳ رکيو وڃي ۽ سندس آزادي جا سمورا رستا محدود ڪيا وڃن ٿا.
هندستان ۾ مسلمان معاشرو ٻن طبقن ۾ ورهايل هو. هڪ اشراف يا اميرن جو طبقو ۽ ٻيو ڪمتر ۽ عوام جو طبقو. اعليٰ طبقي جيڪي ثقافتي ۽ اخلاقي قدرن جون تخليقون ڪيون. مثلن ناموس، عزت، عصمت، شان ۽ شوڪت جا بهترين قيمتي سامان، هيرا جواهر، هاٿي گهوڙا ۽ محلات رکندو هو ۽ نفيس لباس استعمال ڪندو هو. هو انهيءَ ريت پنهنجي حرم ۾ خوبصورت عورتون گڏ ڪندو هو. جيئن ٻيون قيمتي شيون ۽ جهڙي ريت هو قيمتي شين جي حفاظت ڪندو هو.
انهيءَ ريت گهر وارين جي حفاظت جي مقصد کان وڏين وڏين ڀتين وارا محلات تعمير ڪرائيندو هو ۽ پهري تي فوجي ۽ کدڙا رکندو هو، انهن تي پردي جي سخت پابندي هوندي هئي ته جيئن ٻين مردن جي انهن تي نگاهه نه پوي. انهيءَ حرم ناموس، عزت، خانداني وقار جا قدر پيدا ڪيا. انهن جاگيرداراڻن قدرن معاشري جي وچولي طبقي کي به متاثر ڪيو، پر عوام جي اڪثريت انهن قدرن کي نه اختيار ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته معاشي ضرورتون انهن کي هن ڳالھه تي مجبور ڪنديون هيون ته اهي گهر جي چوديواري کان نڪري معاش جي ڳولها ۾ هيڏانهن هوڏانهن وڃن.
هڪ هاري عورت گهر جي ڪم کانسواءِ ڍورن ڍڳن جي سارسنڀال ڪرڻ ۽ پوکن ۾ ڪم ڪرڻ تي مجبور هئي. شهرن ۾ غريب خاندان جون عورتون اعليٰ طبقي جي ملازمت ڪنديون هيون. نوڪرياڻيون ۽ ٻانهيون ميسر ڪنديون هيون. اهي جاگيرداراڻا قدر هڪ طبقي تائين محدود رهيا، جيڪي سياسي، معاشي ۽ سماجي لحاظ کان معاشري جو اعليٰ طبقو هو. مسلمانن جو اهو جاگيرداراڻو معاشرو سلاطين دهلي ۽ مغل خاندان جي حڪومتن تائين مضبوط رهيو. ان معاشري ۾ عورت جو مقام محض هڪ شيءِ جهڙو هو، جيڪا مرد جي ملڪيت رهي ڪري آزادي، خودي ۽ انا کي ختم ڪري ڇڏيندي هئي. ان عورت جي زندگي جنهن طريقي سان گذرندي هئي، ان ۾ هوءَ ڌيءَ جي حيثيت سان فرمانبردار رهي ۽ ماءُ جي حيثيت سان اولاد جي پرورش ڪئي ۽ ڀيڻ جي حيثيت سان ڀاءُ جي حڪم جي تعبيدار رهي، انهن ٽنهي حيثيتن ۾ هن جون خواهشون ۽ جذبا ختم ٿي ويندا هئا. هن کي اهو موقعو نه ملندو هو ته هوءَ بحيثيت عورت جي زندگي جو لطف ماڻي سگهي. انهيءَ جاگيرداراڻي معاشري ۾ مرد کي اعليٰ مرتبو حاصل هو ۽ هن جي خواهش هئي ته انهن قدرن ۾ تبديلي نه اچي ۽ اهڙي صورت پيدا نه ٿئي ته عورت انهن زنجيرن کي ٽوڙي آزاد ٿي وڃي، پر وقت جي تبديلي سان گڏوگڏ انهن قدرن ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿي. مغربي خيال، فڪر ۽ تهذيب ۽ تمدن هوريان هوريان اسان جي جاگيردارڻي معاشري کي متاثر ڪرڻ شروع ڪيو، جن تبديلين پراڻن قدرن جي حامين کي چڪرائي ڇڏيو. اهي حضرات معاشري ۾ ڪنهن قسم جي تبديلي جا مخالف هئا ۽ خاص طور تي عورت جي مخصوص ڪيل مقام کي بدلائڻ تي قطعي تيار نه هئا. ان طبقي جي نمائندگي هڪ وڏو عالم دين مولانا اشرف علي ٿانوي (۱۸۶۸-۱۹۴۳) پنهنجي لکڻي جي وسيلي عمومن ۽ بهشتي زيور لکي خاص ڪئي. مولانا صاحب جو دور جديد ۽ قديم قدرن جي ٽڪرائن جو زمانو هو.
جڏهن ته پراڻو زندگي جو نظام ۽ ان جا قدر پنهنجي فرسودگي ۽ بدحالي جي پوئين مرحلن ۾ داخل ٿي پوئين پساهن ۾ هئا ۽ جديد لاڙن ۽ فڪرن جا گونچ ڦٽڻ شروع ٿي چڪا هئا. مولانا آخري ڀيرو ان ڪرندڙ جاگيرداراڻي نظام کي مذهبي ۽ اخلاقي سهاري سان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اها ڪوشش به ڪئي ته عورت کي مذهبي بنيادن جي سهاري انهيءَ مقام تي رکيو وڃي جيڪو جاگيرداراڻي نظام هن لاءِ مخصوص ڪري رکيو هو. عورتن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ مولانا بهشتي زيور جا ڏھه حصا لکيا ته جيئن ان جي مطالعي کانپوءِ عورت آساني سان مرد جي برتريءَ کي تسليم ڪري ۽ پنهنجي غلاميءَ تي نه صرف راضي هجي، بلڪه ان کي فخر جو سبب به سمجهي. ان ڪتاب ۾ عورت کي سٺي غلام بڻجڻ جون سموريون ترڪيبون ۽ گر سيکاريا ويا آهن. مذهبي مسئلن کان وٺي کاڌو پچائڻ ۽ گهر جي سمورن طريقن جي وضاحت ٿيل آهي، جيڪا مرد کي خوش رکي سگهي. ان لاءِ اهو دستور ٿي ويو ته بهشتي زيور جا اهي ڏهه ئي حصا (جيڪي هڪ ئي جلد ۾ هوندا آهن) ڏاج ۾ عورت کي ڏنا وڃن ٿا ته جيئن اها ان کي پڙهي ذهني طور تي غلاميءَ جي لاءِ تيار رهي.
هتي هن ڳالھه جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته مولانا هڪ بهترين عورت جو جيڪو تصور بهشتي زيور ۾ پيش ڪيو آهي، ان جو تجزيو ڪيو وڃي ۽ ان جي خيالن جو جاگيرداراڻي معاشري جي پسمنظر ۾ پيدا ٿيڻ واري ثقافت ۽ قدرن جو جائزو ورتو وڃي. اوڻيهين صديءَ جي پڇاڙي ۽ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ جديد مغربي تعليم مقبول ٿي چڪي هئي ۽ اسان جا فرد جديد گهرجن کي ورهائڻ جي باوجود عورت جي تعليم جا شديد مخالف هئا. اهي مردن جي لاءِ ته جديد تعليم ضروري سمجهندا هئا، پر اهائي تعليم انهن جي ويجهو عورتن جي لاءِ نهايت خطرناڪ هئي.
سر سيد احمد خان صاف ڳالھه کان ڪم وٺندي ان حقيقت ڏانهن اشارو ڪيو ته اهي عورت جي تعليم جي لاءِ ان ڪري مخالف آهن. ڇاڪاڻ ته جاهل عورت پنهنجن حقن کان اڻواقف هوندي آهي، ان لاءِ مطمئن رهي ٿي. جيڪڏهن اها تعليم يافته ٿي ڪري پنهنجن حقن کان واقف ٿي وئي ته ان جي زندگي عذاب ٿي ويندي. سر سيد ڇوڪرين جا اسڪول کولڻ جي به مخالفت ڪئي ۽ ان ڳالھه تي زور ڏنو ته اهي صرف مذهبي ڪتاب پڙهن ۽ جديد زماني جا مڙهيل ڪتاب جيڪي بيڪار آهن انهن کان ڏور رهن.
مولانا اشرف علي ٿانوي عورتن جي لاءِ صرف مذهبي تعليم کي ضروري سمجهي ٿو، ڇو ته بي علم عورتون ڪفر ۽ شرڪ ۾ فرق نٿيون ڪن ۽ نه ئي انهن ۾ ايمان ۽ اسلام جي محبت پيدا ٿئي ٿي. اهي پنهنجي جهالت ۾ جيڪي چاهين ٿيون چئي ڇڏين ٿيون، ان لاءِ انهن جي ايمان ۽ مذهب کي بچائڻ جي لاءِ انهن جي لاءِ دين جو علم نهايت ضروري آهي. مولانا ديني تعليم کانسواءِ عورتن لاءِ ٻي هر قسم جي تعليم جو سخت مخالف آهي. هن کي عورتن جي لاءِ نهايت نقصان ڏيندڙ سمجهن ٿا. مولانا صاحب ڇوڪرين جي اسڪول وڃڻ ۽ اتي تعليم حاصل ڪرڻ جو به سخت مخالف آهي، ڇو ته اسڪول ۾ مختلف قومن، طبقن ۽ خيالن جون ڇوڪريون گڏ ٿينديون، جنهن کان هن جا خيال ۽ اخلاق متاثر ٿيندا.
خدا نه ڪري جيڪڏهن ڪا استاد آزاد خيال يا روشن خيال ٿي پئي ته اسان جا نسل تباهه ٿي ويندا ۽ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مشن جي ميم انگريزي تعليم ڏيڻ اچي وئي ته نه عزت جو خير ۽ نه ايمان سلامت رهندو. ان جي ويجهو درست طريقو اهو آهي ته ٻه چار ڇوڪريون گهر ۾ پڙهن ۽ هڪ اهڙي استاد کان پڙهن جيڪا پگهار به نه وٺي. ڇاڪاڻ ته ان سان تعليم برڪت واري ٿئي ٿي (ڇوڪرين جي لاءِ ته ٿي سگهي ٿي، پر استاد جي لاءِ نه). مولانا هن راز کان واقف هو ته ميل ۽ اشتراڪ سان خيالن تي ڳوڙهو اثر ٿيندو آهي، ان لاءِ هو ان رستي کي محدود ڪرڻ چاهي ٿو ۽ خواهشمند هو ته عورت چوديواري کان قطعي ٻاهر پير نه رکي. مولانا عورتن جي تعليم واري نصاب تي خاص طور تي زور ڏئي ٿو ته جيئن ان وسيلي سان هڪ خاص قسم جو ذهن تيار ٿي سگهي. ان لاءِ هو قرآن شريف، ديني ڪتابن ۽ بهشتي زيور جي ڏهن حصن کي ڪافي سمجهندو هو.
بهشتي زيور جي سلسلي ۾ هو وڌيڪ وضاحت ڪري ٿو ته ان ۾ شرمناڪ مسئلن کي يا ته ڪنهن عورت کان سمجهيو وڃي يا نشان ڇڏيو وڃي ۽ سمجهدار ٿيڻ کانپوءِ پڙهيو وڃي. ايستائين ته صرف پڙهڻ جي دليل جو ذڪر آهي، جڏهن لکڻ جو سوال اچي ٿو ته مولانا ان ڳالھه تي وڌيڪ زور ڏئي ٿو ته جيڪڏهن عورت جي طبيعت ۾ بيباڪي نه هجي ته لکڻ ۽ پڙهڻ جي تربيت ڏيڻ ۾ ڪو ڏوھه ناهي. جيڪڏهن لکڻ سيکاريو به وڃي ته صرف ان قدر ته هو ضروري خط ۽ گهر جو حساب ڪتاب لکي سگهي، بس ان کان وڌيڪ ضرورت ناهي. عورتن کي ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب پڙهڻ گهرجن ان پاسي تي مولانا خاص طور تي تمام گهڻو زور ڏئي ٿو. مثلن حسن ۽ عشق جا ڪتاب ڏسڻ ۽ پڙهڻ جائز ناهن. غزل ۽ قصيدن جا مجموعا ۽ خاص ڪري موجوده دور جا ناول عورتن کي قطعي نه پڙهڻ گهرجن، بلڪه انهن کي خريد ڪرڻ به جائز ناهي. ان لاءِ جيڪڏهن ڪو انهن کي پنهنجين ڇوڪرين وٽ ڏسي ته انهن کي فورن ساڙي ڇڏڻ گهرجي.
مولانا ڪتابن جي سلسلي ۾ ان قدر احتياط جو فرمانبردار آهي ته دين جي هر قسم جي ڪتابن کي به عورتن جي لاءِ نقصان وارو سمجهي ٿو. ڇاڪاڻ ته اڪثر دين جي ڪتابن ۾ ڪيتريون ئي غلط ڳالهيون شامل هونديون آهن، جن کي پڙهڻ سان نقصان ٿيندو آهي. ان کي هن ڳالھه تي به سخت افسوس آهي ته ان جي زماني ۾ عورتون هر قسم جا ڪتاب پڙهن ٿيون ۽ انهيءَ سبب کان انهن کي نقصان ٿي رهيو آهي. عادتون بگڙي رهيون آهن ۽ خيال گندا ٿي رهيا آهن. ان لاءِ مولانا جو خيال آهي ته دين جو جيڪڏهن ڪو ڪتاب پڙهڻو هجي ته ان کي پڙهڻ کان اڳ ڪنهن عالم دين کي ڏيکاريو، جيڪڏهن هو انهيءَ کي پڙهڻ منظور ڪري ته پڙهو نه ته نه پڙهو، پر ان کان به مولانا مطمئن نه ٿيو، ڇو ته ان کي شايد پاڻ کانسواءِ ڪنهن ٻئي دين جي عالم تي ڀروسو نه هو ته غلطيءَ سان اهو ڪنهن غلط ڪتاب کي پڙهڻ جي اجازت نه ڏئي ڇڏي. ان لاءِ هو پاڻ انهن ڪتابن جي فهرست ڏئي ٿو، جن جو پڙهڻ عورتن جي لاءِ فائديمند آهي. مثال طور: نصيحت المسلمين، راسله عقيقيه، تعليم الدين، تحفته الزوجين، فروغ الايمان، اصلاح الرسوم، بهشت نامو، دوزخ نامو، تنبيهه النساءَ، تعليم النساءَ، من و لهن نامو، هدايت ۽ مرات النساءَ وغيره. ان کانپوءِ مولانا صاحب انهن ڪتابن تي سينسر هڻي ٿو، جن جو پڙهڻ نهايت ئي نقصان وارو آهي. مثلن ديوان ۽ غزلن جا ڪتاب، اندر سڀا، قصو بدر منير، شاهه يمن، داستان امير حمزه، گل بڪاولي، الف ليليٰ، نقش سليماني، فال نامو، معجزه النبي، آرائش محفل، جنگ نامو، حضرت علي ۽ تفسير يوسف. تفسير يوسف جي باري ۾ مولانا وضاحت ڪري ٿو ته ان ۾ هڪ ته ڪچا داستان آهن ۽ ٻيون عاشقي ۽ معشوقي جون ڳالهيون عورتن کي ٻڌڻ ۽ پڙهڻ نقصان جي ڳالھه آهي. مرات العروس، محضات ۽ ايمي جي باري ۾ مولانا چئي ٿو ته ڪي سٺيون ڳالهيون آهن، پر ڪي اهڙيون آهن جن کان ايمان ڪمزور ٿئي ٿو. ناول جي باري ۾ ان جو خيال آهي ته ان جو اثر سدائين خراب هوندو آهي ۽ اخبار پڙهڻ سان وقت خراب ٿيندو آهي.
مولانا جي انهن خيالن کان عورتن جي تعليم جي باري ۾ ان جو نظريو چٽو ٿي ڪري اسان جي سامهون اچي ٿو ته هو عورت جي لاءِ سدائين نهايت محدود، تعليم جو حامي هو ۽ عورت کي جاهل رکي جاگيرداري واري نظام جي روايتن جو تحفظ ڪرڻ چاهيندو هو. جاگيرداراڻي معاشري ۾ مرد جي برتري جو هڪ بنياد اهو به هوندو آهي ته مرد خانداني معاش جو ذميوار هوندو آهي ۽ عورت معاشي طور تي ان جي محتاج هوندي آهي. محتاجي جي سبب ان ۾ ان قدر همت پيدا نٿي ٿئي ته هو پاڻ کي مرد جي غلاميءَ کان آزاد ڪرائي ۽ مرد جي وڏائي يا برتري کي چئلينج ڪري سگهي. مولانا ان باري ۾ چئي ٿو ته معاش جي ڳولها صرف مردن جي لاءِ ضروري آهي ۽ اهو ان جو فرض آهي ته عورتن جو خرچ پاڻي پورو ڪري. خرچ پاڻي جي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته ماني ڪپڙو مرد جي ذمي واجب آهي، جڏهن ته گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ عورت تي واجب آهي. تيل، ڦڻي، صابڻ، وضو ۽ وهنجڻ جي پاڻي جو بندوبست مرد جي ذميواري آهي، پر مساڳ، پان ۽ تماڪ ان جو ذمو ناهي. ڌوٻي جي پگهار مرد جو ذمو ناهي ۽ عورت کي گهرجي ته ڪپڙن کي پنهنجي هٿ سان ڌوئي ۽ جيڪڏهن ان جي لاءِ پئسا ڏئي ته اهو سندس احسان آهي.
جاگيرداراڻي معاشري ۾ مڙس عورت جي لاءِ مجازي خدا جو درجو رکي ٿو، ان ڪري عورت جي لاءِ ضروري هوندو آهي ته مڙس جي خلاف ورزي نه ڪري جيڪڏهن هن ائين ڪيو ته اها معاشري جي قدرن جي خلاف ورزي تصور ڪئي وڃي ٿي. مولانا ان حالت ۾ عورتن کي جيڪي هدايتون ڏنيون آهن، ان مان اندازو ٿئي ٿو ته هو مرد جي برتري کي مذهب ۽ اخلاق جي بنياد تي قائم رکڻ چاهي ٿو. هو هن ڳالھه تي زور ڏئي ٿو ته عورت کي مڙس جا سمورا حڪم بنا ڪڇڻ جي پورا ڪرڻ گهرجن. ايستائين جيڪڏهن اهو چوي ته هڪ جبل کان پٿر کڻي ٻئي جبل تي کڻي وڃن ۽ پوءِ ٻئين کان ٽئين تائين ته ان کي اهوئي ڪرڻ کپي. جيڪڏهن مڙس پنهنجي زال کي پاڻ وٽ ڪنهن ڪم لاءِ سڏي ۽ هو چلھه تي ويٺي هجي تڏهن به ان جي ڪم جي لاءِ هن کي فورن اٿڻ گهرجي. ايستائين ته مرد جي فرمانبرداري ضروري آهي ته جيڪڏهن ان جي مرضي نه هجي ته نفلي روزا نه رکي ۽ نفلي نماز نه پڙهي. عورت جي لاءِ ضروري آهي ته مرد کي خوش رکڻ جي لاءِ هار سينگار سان گڏ رهي. جيڪڏهن مرد جي چوڻ جي باوجود هار سينگار نه ڪري ته مرد کي مارڻ جو اختيار آهي. هن کي کپي ته مڙس جي اجازت کان بنا ڪيڏانهن نه وڃي، نه مائٽن وٽ نه ڌارين وٽ. مولانا زال جو مقصد زنده مڙس جي خوشي قرار ڏئي ٿو، ان سلسلي ۾ هن عورت جي لاءِ مڪمل هدايتون پيش ڪيون آهن. مثلن مڙس جو خيال دل ۾ رکيو پيو هجي. هن جي اک جي اشاري تي هلي. جيڪڏهن مڙس حڪم ڪري ته هوءَ سڄي رات هٿ ٻڌي بيٺي رهي ته ان حڪم جي به تعميل ڪري، ڇو ته ان ۾ عورت جي ڀلائي آهي. جيڪڏهن هو ڏينهن کي رات ٻڌائي ته عورت به ڏينهن کي رات چوڻ لڳي. مڙس کي ڪڏهن به برو نه چوڻ گهرجي ڇو ته ان سان دنيا ۽ آخرت ٻئي خراب ٿين ٿيون. مڙس کان ڪڏهن وڌيڪ خرچ نه گهرڻ کپي ۽ نه ئي ان کان ڪا فرمائش ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن عورت جي ڪا خواهش پوري نه ٿئي ته خاموش رهڻ گهرجي ۽ انهيءَ جي باري ۾ ڪنهن کي هڪ لفظ به نه چوي. ڪڏهن ڪنهن ڳالھه تي ضد نه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن مڙس کان ڪا تڪليف هجي به ته ان تي به خوشي ظاهر ڪرڻ گهرجي.
جيڪڏهن ڪڏهن ڪا شيءِ آڻي ڏئي ته اها هن کي پسند اچي نه اچي، پر ان تي خوشي جو اظهار ڪرڻ کپي. جيڪڏهن مڙس کي ڪاوڙ اچي وڃي ته اهڙي ڳالھه نه ڪرڻ گهرجي ته اڃان وڌيڪ ڪاوڙ اچيس. سندس مزاج کي ڏسي ڪري ڳالھه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن هو خوش ٿيڻ جي موڊ ۾ آهي ته هن کي خوش ڪرڻ واريون ڳالهيون ڪري. مڙس کي ڪڏهن به پنهنجي برابر نه سمجهو ۽ ان کان ڪنهن قسم جي خدمت نه وٺو. جيڪڏهن هو ڪڏهن زور ڏيڻ لڳي ته ائين نه ڪرڻ ڏيوس. اٿندي ويهندي، ڳالھه ٻولھه مقصد ته هر ڳالهه ۾ ادب ۽ تميز جو خيال نهايت ضروري آهي. جيڪڏهن مڙس پرديس کان اچي ته هن کان طبيعت پڇڻ گهرجي. هن جي پيرن ٻانهن کي زور ڏيڻ گهرجن ۽ فورن هن جي لاءِ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن گرمي جي موسم هجي ته پکو کڻي جهلڻ گهرجي ۽ ان کي آرام رسائڻ عورت جي فرضن منجهان آهي. گهر جي مامرن ۾ مولانا هدايتون ڏئي ٿو ته زال کي اهو حق ناهي ته مڙس کان پگهار جو حساب ڪتاب پڇي ۽ سندس پگهار بابت پڇا ڳاڇا ڪري، ايتري ڇو آندي اٿئي يا گهڻو خرچ ڪري وڌئي ۽ ڪنهن شيءِ ۾ ايترا پئسا خرچ ڪيئي وغيره. انهيءَ ريت مڙس جي هر شيءِ سليقي سان رکو. رهڻ جو ڪمرو، وهاڻو ۽ ٻيون شيون صاف هئڻ گهرجن. جيڪڏهن مڙس ڪنهن ٻي عورت سان ملي ٿو ته هن کي اڪيلائي ۾ سمجهائي. پوءِ به نه سڌري ته صبر ڪري ويهي رهي ماڻهن جي سامهون ان جو ذڪر نه ڪري. ان سلسلي ۾ مولانا چئي ٿو ته مردن کي خدا شينهن بڻايو آهي. دٻاءُ يا زبردستي سان قطعي ڪنٽرول ۾ نٿو اچي سگهي، بلڪه ان کي چاپلوسي ۽ تعبيداري سان ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.
ان سلسلي ۾ مولانا عورت جو ذڪر ڪري ٿو ته لکنو ۾ هڪ زال جو مڙس بيڪار آهي، جيڪو ڏينهن رات بازاري عورت وٽ رهي ٿو. گهر ۾ بلڪل نٿو اچي بلڪه فرمائش ڪري کاڌو پچائي ڪري ٻاهر گهرائي ٿو. هوءَ ويچاري انڪار نٿي ڪري بلڪه جيڪو مڙس چئي ٿو ان جي فرمائش پوري ڪري ٿي. ڏسو سموري خلق ان زال کي ڪيئن واهه واهه ڪري ٿي ۽ خدا وٽ جيڪو ان کي مرتبو مليو اهو الڳ رهيو. وڌيڪ هدايتن ۾ اهي به آهن ته سس، سهري ۽ نڻانن سان الڳ رهڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ کپي. ساهرن کي ئي پنهنجو سڀ ڪجھه سمجهڻ گهرجي. مڙس ۽ وڏن جو نالو وٺي ڪري سڏڻ مڪروهه ۽ منع آهي. عورت جي لباس جي مامري ۾ به مولانا وضاحت ڪري ٿو ته شريعت جي خلاف لباس نه پائڻ گهرجي. جيئن سنهڙو پاجامو يا اهڙو ڪرتو جنهن ۾ پيٽ، پٺي يا ٻانهون کليل هجن يا اهڙو سنهڙو ڪپڙو جنهن ۾ بدن يا مٿي جا وار ڏيک ڏين. عورت جي لاءِ بهترين لباس اهو آهي ته ٻانهن وارا جوراب، ٿلهي ڪپڙي جو ڪڙتو ۽ انهيءَ ڪپڙي جو رئو استعمال ڪري. مولانا عورت کي گهر ۾ رکڻ جو حامي آهي، ان سلسلي ۾ هن جيڪو پروگرام تيار ڪيو آهي اهو ويچار جي لائق آهي.
مثال طور: ماءَ پيءَ کي ڏسڻ جي لاءِ هفتي ۾ هڪ ڀيرو وڃي سگهي ٿي، ٻين مائٽن سان سال ۾ هڪ ڀيرو ان کان وڌيڪ جو هن کي حق ناهي، ساڳئي ريت ماءُ پيءُ به هفتي ۾ هڪ ڀيرو ملڻ جي لاءِ اچي سگهن ٿا، مڙس کي اختيار آهي ته وڌيڪ نه اچڻ ڏئي يا وڌيڪ نه ترسڻ ڏئي، هو محفلن ۾ اچڻ وڃڻ کي غيرت جي لاءِ نقصان وارو سمجهي ٿو، شادي، سالگرهه، ڇٺي، طهر، عقيقي ۽ مڱڻي وغيره وارين رسمن ۾ قطعي نه وڃڻ گهرجي، انهيءَ ريت نه ڏک ۾ ۽ نه بيمار کان پڇڻ لاءِ وڃڻ گهرجي. جيڪڏهن مڙس اجازت ڏئي ته اهو به گنهگار ٿيندو. ان کانپوءِ مولانا وڏي افسوس سان لکي ٿو ته افسوس ان حڪم تي سڄي هندستان ۾ ڪٿي به عمل ناهي، بلڪه ان کي ته جائز ئي نٿا سمجهن. اچڻ وڃڻ جي خلاف مولانا جا اهي دليل آهن، ان ۾ قيمتي وڳا سبرائڻا پون ٿا ۽ اها فضول خرچي آهي، جنهن جي ڪري مڙس تي بار پوي ٿو. پوءِ درزي کي گهرائي بنا ضرورت ان سان ڳالهيون ٿين ٿيون. ڪپڙا وٺڻ وقت اڌ هٿ جنهن ۾ مهندي ۽ چوڙي هوندي آهي ٻاهر ڪڍڻو پوي ٿو، جيڪو غيرت جي خلاف آهي. وري ائين به ٿيندو آهي ته رات جي وقت پنڌ گهر وڃن ٿيون، جيڪا نهايت ئي بي حيائي آهي ۽ جيڪڏهن چانڊوڪي هجي ته ان جي ڪا انتها ئي ناهي. ڏولي ۾ به اڪثر ائين ٿيندو آهي ته پلاند يا رئو ٻاهر لڙڪي رهيو آهي يا ڪنهن پاسي پردو مڪمل ڪيو ويو يا عطر ان قدر آهي ته رستي ۾ خوشبو ئي خوشبو آهي. اهو اوپري مرد جي سامهون هار سينگار ظاهر ڪرڻ جي برابر آهي. عورتون اهو به ڪن ٿيون ته ڏولي مان لهڻ کانپوءِ هڪدم گهر ۾ داخل ٿي وڃن، پر اهو خيال نٿيون ڪن ته گهر ۾ ڪو اوپرو ويٺو هجي. محفل ۾ بهشتي اچي ٿو ته منهن تي نقاب وجهي ڇڏي ٿو، مگر ڏسڻو سڀني کي آهي. ڪيئي ڀيرا ڏهن ٻارهن سالن جا ڇوڪرا گهر ۾ اچي وڃن ٿا، جنهن سان بي پردگي ٿئي ٿي. انهن سببن جي بنياد تي ڪنهن محفل، رسم ۽ ملڻ جلڻ جي سبب کان گهر کان نڪرڻ سان بي حيائي پکڙجي ٿي. بهشتي زيور سان سندس سوچ پڌري ٿئي ٿي، جيڪو هندستان ۾ جاگيرداراڻي ثقافت ۽ قدرن ٺاهيو هو، پر بهشتي زيور جديد خيالن ۽ فڪرن ۽ سماجي شعور کي نه روڪي سگهيو ۽ قديم روايتن جي فرسودگي کي انهيءَ جي وسيلي ڪو استحڪام نه مليو.