“سانول جي شاعري هڪ پاسي محبوبن جي ميلاپن جو مذڪور، ڪٿي وڇوڙن جا ورلاپ، ڪن سِٽن ۾ رڳو درد جا دونهان ئي دونهان. سانول عوام جو ۽ عوامي رنگن جو مقبول شاعر آهي.“ مٿيان خيال ناموَر سنڌي اديب نصير مرزا جا آهن، جيڪي هن سنڌ جي سينيئر ۽ عوامي شاعر سانول ميراليءَ جي شعري مجموعي “يارن سان ڪهڙا ليکا” جي مهاڳ ۾ اظهاريا آهن. ڪتاب جي پوئين صفحي تي جواد جعفري اها ڳالھه بلڪل درست لکي آهي ته “سانول قلمي ڪارج کي فرض سمجهي نڀايو آهي. سندس ڪتاب گُهٽ ٻُوسَٽَ واري ماحول ۾ تازي هوا جو جهونڪو ثابت ٿيو آهي.” “سمبارا” پبليڪيشن حيدرآباد پاران شايع ٿيل هن ڪتاب ۾ سانول جا اڪثر اهي گيت ۽ غزل آهن، جيڪي سنڌ جي مشهور فنڪارن شمن علي ميرالي، ماسٽر منظور، منظور سخيراڻي سميت مختلف فنڪارن ڳايا آهن.
اهو شاعر وڏو خوشنصيب آهي، جنهن جي شاعريءَ کي سريلا آواز جهر جهنگ پهچائين ٿا. اها حقيقت آهي ته سانول جي شاعري سندس ملاقات کان اڳ مون تائين سنڌ جي سريلن فنڪارن معرفت پهتي هئي. آئون اها ڳالھه دعويٰ سان ڪري سگهان ٿو ته سانول کي جيترا ماڻهو سڃاڻن ٿا، اوترا سنڌي ادب کي عُمريون ڏئي ڏھه ويهه ڪتاب لکي ڇپائيندڙن کي به نه سُڃاڻيندا هوندا. ڇو ته اهي پڙهندڙن جي حلقي تائين محدود آھن. جڏهن ته سانول جي ٻڌندڙن جو حلقو پوري دنيا تائين پکڙيل آهي. هن جي شاعريءَ جا ڳايل ڪلامَ 6 لکَ دفعا انٽرنيِٽ تان ڊائونلوڊ ٿي يا ڏسجي ۽ ٻڌجي چڪا آهن. سانول جي شاعري ھر عمر ۽ هر سطح جي ماڻهن کي موهيو آهي. هن جي شاعري ٽي رُخي آهي. هن رومانس سان رچيل ۽ روح کي راحت ڏيندڙ شاعري به ڪئي آهي ته سماجي ۽ طبقاتي معاملن ۽ نشاندهين سان گڏوگڏ انقلابي تخليقون به سرجيون آهن. هو ڪڏهن به ڪنهن فنڪار آڏو پنهنجي شاعري ڳارائڻ لاءِ ايلازو نه ٿيو آهي، نه ئي وري شهرتن جي بُلندين کيس مغرور بڻايو آهي. جيترو هن جو ادبي قد ڪاٺ وڌيو آهي، اوتري ئي هن عاجزي اختيار ڪئي آهي. سندس ٻاويھه سال اڳ شعري مجموعو “نيڻ آلا رهيا” ڇپجي چڪو آهي. 1983ع کان شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ داخل ٿيندڙ سانول جي شاعري 1986ع کان اڄ ڏينهن تائين ڏيڍ سئوَ جي لڳ ڀڳ مختلف فنڪارن ڳائي شهرت ماڻي آهي.
سانول شاعري سان گڏوگڏ صالح ۽ ادب دوست اولاد جي بهترين تربيت ڪري پنهنجي ادبي خانداني تسلسل کي برقرار رکڻ جي به پوري شعوري ڪوشش ڪئي آهي ۽ هن جا پُٽڙا به شاعري ڪن ٿا ۽ گُنگُنائن به ٿا. سانول جي شاعريءَ ۾ نه ڪا فحاشي آهي، نه ڇُڙواڳي ۽ نه ئي نعريبازي آهي، نه وري درٻاري خيالَ. هن اها ڳالھه پنهنجي ذهن ۾ چٽيءَ ريت ويهاري ڇڏي آهي ته محبتن جي ڏڪر واري دور ۾ محبتن جو سفير ٿيڻو آهي ۽ ماڻهن کي سمجهائڻو آهي ته پيار جي معاملي ۾ ماڻهوءَ جي دل بي اختيار هوندي آهي. ان ڪري ان دل کي ڪن دائرن تائين محدود رکڻ کان پاسو ڪرڻ ۾ ئي ڀلائي آهي. مثال طور: سندس هيٺين غزل جو سادو ۽ شاندار اظهار پسي سگهجي ٿو:
“پاڻ ناهي ڪبو، پيار ٿي ويندو آ
عشق اکڙين مان، اظهار ٿي ويندو آ.”
ڪنهن کي پنهنجو ڪرڻ، ڪنهن جي وس ۾ نه آ
هي ازل کان ئي، ونهنوار ٿي ويندو آ
ڪوئي ڪنهن ڏي نهاري ٿو، نَفرتَ منجهان
ڪنهن جي ٻانهن جو ڪو هار ٿي ويندو آ.
سانول جي شاعريءَ ۾ وِک وِک تي اُميد پرستي، اُتساھ ۽ آٿت جي ڳالھه ڪيل آهي ۽ اها اُميد ئي آهي، جيڪا ماڻهوءَ کي اُداسيءَ سان مُهاڏي اٽڪائڻ جو حوصلو بخشيندي آهي. مثال طور: سندس هيٺيون احساس ئي پڙهي ڏسو ته:
“ماضي ڪيئن به، هو گُذري ويو
ايندڙ وقت اُجالو هوندو.”
سانول جي سوچ لوچ ۾ بي حسابي ۽ بي نيازي ڀرپور آهي، جيڪا سندس يارن ته ڇا، پر ڪنهن سان به ليکن ڪرڻ کان روڪيو ويٺي آهي. سانول سچ ته ڪنهن سان به ڪو ليکو ڪرڻ جو نه سوچيندو آهي. ان جي اُبتڙ پنهنجو احتساب ضرور ڪندو آهي. هن جي دل ۽ نيت صاف هوندي آهي. اهوئي سبب آهي ته سدائين مُک تي مُرڪ سجائي ملندو آهي. سانول جي سَڀاءَ ۾ جيڪا سُرت ۽ ساڃاهه سمايل آهي، سا قدم قدم تي هڪ صوفي روح جي ساکي آهي. اهوئي سبب آهي جو هو ائين سوچي ٿو:
“ڪهڙا ليکا، محبوبن سان
جيئڻ جو، آ واعدو جن سان.
سُکَ ڏِيَن، يا ڌُکَ ڏِيَنِ هُو
ڪجهه نه چوڻو آهي، چپن سان.
جيسين آهي، ساهُه سِسِيءَ ۾
توڙُ نِڀائڀو، تيسين تِن سان
پوءِ به آهي، مُرڪَ چپن تي
توڙي ڀريل آ، دل دَردَن سان.
سڄڻن کي اَڄُ، ساري “سانول”
پانڌُ پِسايو، مون لُڙڪَن سان.”
سانول جي شاعري محبوب جي تصور ۽ اُن جي محبت کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. اهوئي سبب آهي ته ان کانسواءِ هو پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي وجود کي غير ضروري ۽ اڻپورو ٿو سمجهي. وڇوڙي يا ڪنهن مجبوريءَ سبب ڪجهه وقت جي جدائي به کيس قرب ۾ ڪاتي ۽ خنجر برابر محسوس ٿئي ٿي. اڪيلائيءَ جي احساس سان سرشار سانول جڏهن ان ڪيفيت تي قلم کڻي ٿو ته هن کان اهي لفظ خود بخود لکجي وڃن ٿا:
“زندگيءَ جو سفر، اوپرو ٿو لڳي
تو سواءِ پنهنجو گهر، اوپرو ٿو لڳي
ائين لڳي ٿو مان، ڄڻ هِتان جو نه هان
مونکي سارو هي تَرُ، اوپرو ٿو لڳي.”
سانول ميراليءَ جي شاعريءَ ۾ تَڙپ جي تجلي پنهنجي وُجود جي اَڻپورائيءَ کي جهڙيءَ ريت جياريو ۽ اُڀاريو آهي، اهو سورن جي سوڳ جي جيڪا نمائندگي ڪري ٿو، سو درد ئي درد جي دونهين جو ڀرپور عڪاس آهي.
“افسوس زندگيءَ جو، سهارو نٿو ملي
ماڻهو ملن ٿا کوڙَ، پر پيارو نٿو ملي.
سُڪون منهنجي ساهه کي، قرار ڪونه آ
ڳوليان ٿو مگر، سُک سَهارو نٿو ملي.”
سانول ميرالي بي يارو مددگار هئڻ جي پيڙا کي وري ڪجهه هن طرح سان اظهاري ٿو:
“هر روز مقدر جا، تارا ٿو ڏسان مان
سهڻا هزار پر، نه سهارا ڏسان ٿو مان”
جنهن دور ۾ انڊين فلمي گانن جي طرز تي ڪيل شاعري تي مشتمل ميوزڪ البمز جي ڌُم هوندي هئي، انهن ڏينهن ۾ سانول جو وڏو چرچو هوندو هو. هن جي زندگيءَ ۾ شمن علي ميرالي اهو ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪو ڪمار سانو جي ڪاميابين پويان مشهور غزل گو شاعر جگجيت سنگهه جو هو.
جهڙيءَ ريت بيدل مسرور جي آواز شيخ اياز جي تخليق “سچ وڏو ڏوهاري آهي” کي وڏي مڃتا ڏياري، ساڳيءَ ريت شمن علي ميراليءَ جي سُر سنگيت سانول کي “سانول” بڻايو ۽ شمن کي شمن بڻايو. کوڙَ ماڻهو سمجهندا آهن ته اهي ٻئي پاڻ ۾ رشتيدار آهن، پر حقيقت ۾ ائين نه آهي، نه ئي وري ذات جي بنياد تي شمن کيس مٿانهين اهميت ڏني هئي. سانول کي اهميت ان جي تخليقي پختگي ڏياري، جيڪا اڄ به برقرار آهي. سانول ادب جي مختلف صنفن ۾ نه رڳو پاڻ ملهايو آهي، پر پاڻ مڃايو به آهي. وزن بحر توڙي خيالن جي تسلسل جي اڻپورائيءَ باوجود هن جون تخليقون پنجانوي سيڪڙو وزن بحر تي پوريون لھن ٿيون ته انهن ۾ رواني به ڪمال جي آهي.
شهرتن جي بُلندين تي پهچڻ کانپوءِ به سانول پنهنجي سادگي، سنجيدگي، سچائي، ثابت قدمي ۽ نياز نِوڙت واري واٽ نه ڇڏي آهي. هن جي هٿ جوڙ ۽ پُرخلوص ڀاڪر نه رڳو وڏي ڳالھه آهي، پر ملندڙ لاءِ اُتساھ به ثابت ٿيندو آهي. سانول ميراليءَ جي شايع ٿيل شعري مجموعي “يارن سان ڪهڙا ليکا” اميد ته ٻين شاعرن لاءِ به آٿت بڻبو ۽ نئين نسل لاءِ به ڪجھه عرصو اڳ واري موسيقيءَ کي وري نئين انداز سان جهونگاري پيش ڪرڻ جا نِت نوان جواز پيدا ڪري ڏيندو.
سانول جي ذڪر هيٺ آيل شعري مجموعي ۾ غزلن جو ڪجھه احوال پاڻ ڪري آيا آهيون،پر حقيقت اها آهي ته ان شعري مجموعي ۾ غزلن کان وڌيڪ گيت شامل ڪيا ويا آهن. انهن گيتن تي تفصيلي لکڻ جي ضرورت آهي، پر هتي پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ ڪجھه گيتن جو وچور پيش ڪجي ٿو:
“روئندو ڏسي، مونکي کلائين ها”، دوست ناهي دوست رهيو، يار ناهي يار رهيو”، “کِل کِلَڻ وارا، کِلَڻ ۾ ته خدا راضي آ”، “منهنجي رت ٿي وڌي، تون کِلُ سهڻا”، “مان ته منٿون ڪيان ٿو، مِلڻ لئه”، “دل بي درد کي ڏئي، پڇتايو ”، “منهنجي دلبر کي سمجهايو”، “جيڪو ڪري مون سان وفا، تنهن کي ڏيان مان دل”، “روئان ٿو يار جي خاطر”، “درد دل ۾ يار نه ٿي، تڏهن ته دل ڏُکائين ٿو.”، “کِلائڻ جي خبر.”، يارن سان ڪهڙا ليکا، “نه هُئي نڀائڻو، مون سان پيار ڇو ڪيُئي؟”
“وقت وقت جي ڳالھه آ.”
سانول ميرالي سنڌ جو عوامي سرمايو آهي، ڇو ته هن کي اڪثر ٻهراڙين جا ماڻهو ڄاڻن ٿا. هن جا گيت ڳائين ٿا ۽ سوکڙي طور تي هن جا شاعري وارا ميوزڪ البمز ڏين وٺن ٿا. پوليس جهڙي کاتي ۾ رهندي به هن ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي “رواجي پوليس وارو” محسوس ٿيڻ نه ڏنو آهي. هو دل جو سخي، ڪشادو دسترخوان رکندڙ سنڌ جي مهمان نوازيءَ واري روايت جو شاندار امين آهي. هن لاڙڪاڻي آرٽس ڪائونسل ۾ پنهنجي شايع ٿيل ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ اهو انڪشاف ڪيو ھو ته هن جي اڪثر شاعري سندس محرومين جو ردِ عمل آهي. يتيميءَ جي درد کيس زندگيءَ ۾ جيڪي ذلتون ۽ تلخيون ڏيکاريون، اهي اڄ به هن لاءِ ڀيانڪ ياد آهن. ان ڪري سموري شاعري ننڍپڻ ۾ پيءُ ماءُ جي وڇوڙي کانپوءِ پيش آيل وارتائن جو مشاهدو آهي. سانول ميرالي دل جو ايڏو حساس ۽ معصوم انسان آهي، جو هن کي روئي پَوڻ ۾ به دير نه لڳندي آهي. گهٽ ۾ گھٽ ٻه دفعا هن جي روئي پَوڻ واري منظر جو ته آئون به شاهد آهيان. هڪ ڀيرو جڏهن هن جي قدردان آفيسر ايس ايس پي شيراز نظير عباسي جي شڪارپور مان بدلي ٿي هئي، تڏهن هو لُڙڪن کي روڪي نه سگهيو هو ۽ ٻيو ڀيرو آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي پاران هن جي ڪتاب جي مهورت واري تقريب دوران ابي امان کي ساريندي هن روئي ڏنو هو. سانول ميرالي پاڻ سان گڏ شاگردن جو ٽولو ساڻ کڻي هلڻ يا انهن تي ناز ڪرڻ سٺو نه سمجهندو آهي، پر هو خاموشيءَ سان شاعراڻي تربيت وارا فرض ضرور سرانجام ڏئي رهيو آهي، جيڪا هڪ صحتمند روايت آهي ۽ جنهن کي جيترو جس ڏجي، گهٽ آهي.