ننڊ جو سائنسي تصور
ننڊ جي لغوي معنيٰ سمهڻ جو عمل، ڳهر۔ نوم۔ گينوار ۽ بي خبري آهي جڏهن ته ننڊ بابت ڪيترائي اصطلاح پڻ ملن ٿا جيئن: ننڊ حرام ڪرڻ (سڪون ڦٽائڻ) ننڊ لڳڻ، ڳهر ٿيڻ، جهوٽا کائڻ، اکيون پورجڻ، سمهڻ جي تانگهه ٿيڻ۔ نِنڊَ نه اچڻ (اک نه لڳڻ، پلڪ نه ڇنڀڻ. بي قرار ٿيڻ).نِنڊَ ڪَشَڻُ۔ننڊ سوريء تي اچڻ ”ننڊ نه ڏسي هنڌ، بک نه ڏسي طعامُ.“ نِنڊارِکو ٿيڻ (نِنڊَ جو اچڻ، کيپ چڙهڻ) وغيره.مطلب ته ننڊ هڪ فطري عمل آهي.
Read More